• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لغاري صاحب جي وڪالت

اسان جي هڪ سينيئر دوست روزانه ڪاوش ۾ سنڌي قوم کي هڪ مايوس ڪندڙ سوچ ڏانهن وٺي ويو آهي ان کي عرض گذارش ته پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري جو اهو مطلب آهي ته هتي سنڌي ،پنجابي پٺاڻ ۽ بلوچ رهن ٿا ۽ انهن کي مڃتا ڏيندي هي انهن کي خود مختياري ڏني وئي آهي جيڪا اڃا به اڳتي تائين ويندي پر اهو ان قوم سان مذاق نه ڪيو ۽ نه مايوس ڪيو سنڌي پنهنجي پوري دانشمندي سان ٻولي جاگرافي حد ۽ تحذيب تمدن جي نشاندهي ۽ جٽادار جاکوڙ ڪندي آئي آهي ۽ ڪندي رهندي 1940 غ ۾ به صوبو چئو يا رياست چئو يا ڪو ٻيو ڪجه پر اهي پرڳڻا پنهنجي اصلي حالت ۾ قائم رهندي ملڪ پاڪستان ۾ شامل رهندا ...اهو قرارداد پاس ڪيو ويو هو ....سو اسان تي ٺٺولي ڪرڻ بجاء حوصلو ۽ همٿ ڏني وڃي
ها هتي جا بکيا لنگور لالچ ۾ اچي پيسي ۽ ريسورسز جي نه کٽندڙ سنڌ تي قابض ٿي اگر سسٽم کي غلت وٺي ويا آهن ته ان سان ڇا ٿيندو باقي اهو چوڻ ته توهان پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهيو توهان آئيني طور تي سنڌي بلوچي پٺاڻ يا پنجابي نه ٿا سڌائي سگهو ....وارو راڳ بي سرو ٿي چڪو آهي ان کي ڪوبه نه ٻڌندو...
هن وقت سنڌ جا وڏا اشوز هي آهن
هڪ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽
ٻيو آهي غيرن سنڌين جي سنڌ تي يلغار يعني پاپوليشن پريشر
انهن اشوز تي ڳالهايو ۽ سياست ڪيو
لغاري صاحب باقي 42 سالن جي تجربي کي ضايع نه ڪيو وڪالت ته ڪنهن ڍنگ جي ڪيو
 
اوهانجي هن ليک سان گڏ لغاري صاحب جو ليک يا مضمون به ڳنڍيل هجي ها ته پاڻ ڪجهه چوڻ جي قابل ٿيون ها ۔۔۔۔ !!!
 
اڄوڪي ڪاوش ۾ ڇپيل يوسف لغاري جو ڪالم پيش ڪجي ٿو :

متروڪ ملڪيت
يوسف لغاري
Yosif%20legari.jpg


انسان ذات لاءِ سڪون وڏي ڳالهه آهي. جي سڪون ناهي ته هيءَ دنيا ته عذاب آهي، باقي اڳئين جهان جي خبر مالڪ حقيقيءَ کي. هن وقت به اسان ذهني طور تي پريشان ۽ جسماني طور تي مفلوج لڳا پيا آهيون. مٿان وري قومپرستن جي وٺ وٺان ته صوبائي خود مختياري گهرجي، ته ڪي وري پنهنجي قوم کي برابري ۽ سراسري جي نظرئي طور توريندا وتن وغيره وغيره. بهرحال اخبارن، رسالن، اليڪٽرونڪ ميڊيا، سياستدانن، ڇورن ڇٻرن سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي حق ڪونه ٿا ملن وغيره وغيره. سو اهڙي زور شور سان ڪيل پروپيگنڊه سان متاثر ٿيل هڪ همراهه اچي اسانجي آفيس تي پهتو. سمجهيوسين ته همراهه پريشان آهي، ضرور ڪنهن قانوني گرفت ۾ آيل آهي، اجهو ٿا کيسو خالي ڪريونس ۽ بس صبح جو ڇوري جي موٽر سائيڪل ٺهي پئي آهي، ڀل پيو چڙهي زوزاٽ ڪرائي، پاڙي وارن کي به خبر پوي ته گهڻا ڏينهن ننڊ ڪئي اٿن، پر ڇا ڪجي جو اسانجي قسمت به ڪا ڪاري مس سان لکيل آهي، جو ڀوتار مرسيڊيز ۾ اچن يا ٽويوٽا لينڊ ڪروزر ۾ اچن، في ڏيڻ مهل چوندا ته، سائين آهي برابر ذاتي ڪيس پر انساني حقن سان لاڳاپيل آهي، انڪري في ته ڪانه ڏبي، في وارا وڪيل ته ٻيا به ويٺا آهن، باقي توهان وٽ ڇا لاءِ آيا آهيون! بس سائين، هن ڀيري به اهڙي ئي واردات ٿي، ڇوڪري جو موٽر سائيڪل ته وڃي ڌوڙ پائي پر همراهه کي ڀاڙو ڏيئي جان ڇڏائڻي پئي. ويندي ويندي چئي ويو ته، ”وري ملبو.“ بس پوڙهي مڙس کي ڇا چئجي، ماٺ ڪري ويهي رهياسين. اوهان وٽ به ڪو جواب هجي ته ضرور ٻڌائجو، جو اچي ته کيس مطمئن ڪري موڪليون. مري ته چُڙي چُڙي نه مري، سڪون سان ته مري.
ها سائين، ڳالهه هئي سندس سوالن جي. سندس سوال هو پر سياسي، اسان سنڌي وڪيلن کي ان لائق ئي ڪونه ٿو سمجهيو وڃي، جو کڻي جج مقرر ڪن. ڪي ٻه چار جج ٿيا هوندا ته به کين خبر هوندي ته ڪهڙي چينل کان جج ٿيا آهن. سکر ۾ سنڌ جي وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ به اهڙيون رڙيون ٿيون پر ٿيو اهو ئي، جيڪو اڳ ٿيندو آيو آهي. سو ڊيگهه ۽ ويڪر کي ڇڏيون ٿا، باقي رڳو سڌي سوال جي ٿا ڳالهه ڪريون. همراهه جو سوال هو ته، سنڌي قوم جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ جواب ڏنومانس ته، ”بابا، تنهنجو سوال ئي غلط آهي، هي هڪ ملڪ آهي، جنهن کي اسان سڀني گڏجي ٺاهيو آهي ۽ اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ ملڪ جي آئين مطابق ملڪ کي جمهوري طور تي هلائڻو آهي. هر ڪنهن ماڻهوءَ جو هڪ ووٽ آهي، جيڪو گهڻا ووٽ کڻندو، سو حڪمراني ڪندو، باقي رعيت جا سڀ ماڻهو برابر آهن.“ منهنجو ائين چوڻ، مڙس ڪاوڙجي ويو. اصل هٿن مان پيو وڃي. زور سان ميز تي هٿ هڻي چيائين ته، ”غلط، بالڪل غلط، تنهن جي وڪالت جا 48 سال پيا ڌوڙ پائين. جي ائين هجي ها ته مونکي ٻڌاءِ ته لياقت علي خان کي ڪنهن ووٽ ڏنا هئا؟ پاڪستان جي ڪهڙي ڳوٺ ۽ شهر مان چونڊجي آيو هو؟ 4 سال وزير اعظم رهيو ۽ ايوب خان کي ڪنهن ووٽ ڏنا هئا، جو صدر بڻجي ويٺو؟ ضياءُ الحق کي ڪنهن ووٽ ڏنا هئا؟ پرويز مشرف کي ڪنهن ووٽ ڏنا هئا؟ مهرباني ڪري وڪيل صاحب، ٻڌاءِ ته هن وقت به حڪومت ته اڪثريتي پارٽي جي آهي، پر هلي ڪنهن جي ٿي؟“ وغيره وغيره. همراهه ائين چئي اٿيو ته، ”وڃي ڪنهن سٺي وڪيل سان صلاح ڪري جواب وٺي رکجانءِ، توکان پڇڻ ايندس.“ ائين پوڙهو مڙس مونکي صلاح ڏيندو ۽ ٻئي دفعي اچڻ جو چئي هليو ويو.
اسان به ضدي، پاڻ کي وڏا وڪيل سمجهون. ڀلا ايڊووڪيٽ جنرل رهيا هجون ۽ گڏوگڏ 42 سالن جو تجربو هجي، سوچيوسين ته انهيءَ سوال جو حل ڳولي ڪڍبو. ميان شبير شر سکر جي وڪيل سان صلاح ڪئي سون، جواب ساڳيو. ميان قربان ملاڻي سان صلاح ڪئي سون، جواب ساڳيو. هلياسين اڳتي، پوڙهي سوڀي گيانچنداڻي سان صلاح ڪئي سون، وري سائين عبدالرزاق سومري صاحب لاڙڪاڻي واري سان صلاح ڪئي سون، جواب ساڳيو. جهمٽ ڄيٺانند، سائين مدد علي شاهه جهونن سان صلاح ڪئي سين، سڀني جو جواب ساڳيو، ته آئين ۾ سڀ برابر آهن. ڪجهه آٿت ٿي پر پوءِ به اُڻ تُڻ رهي، ۽ هڪ پاڪستاني وڪيل سان صلاح ڪئي سين، جنهن اسان کان ڪجهه سوال پڇيا ۽ پاڻ جواب ڏنائين. تنهن ته اسانجي سڄي وڪالت واري ڏاهپ کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. چيائين: لغاري صاحب، قانون هيئن ٿو چوي ته،
. قانون ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ ڪجهه ڪونه آهن، انهيءَ قوميت کان اوهان هٿ کڻي چڪا آهيو. پاڪستان ٺهڻ مهل اوهان جي سياست مذهب جي بنياد تي هئي، اوهان قوميت تان هٿ کڻي سنڌي مسلمان ٿي ويا هئا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اوهان مسجد منزل گاهه جو فساد ڪرائي هندن کي ڪونه ڪڍيو ها. ڀڳت ڪنور کي ڪونه ماريو ها. جيڪڏهن هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ حق ٿا پڇو ته قانون ۾ ڪٿي به ڪونه لکيل آهي ته سنڌين جا حق ڪهڙا آهن؟ اڃا اڳتي سنڌ صوبو آهي، اهو ڪنهن وقت قومي طور تي سنڌين جو هوندو هو پر سنڌي ميان پير الاهي بخش صاحب دور انديشي ڪندي ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪري ڇڏيو، ڪراچي تان سنڌ هٿ کڻي ڇڏيو. وري 1951ع ۾ 3 سيڪڙو پاڪستانين جي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيئي سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني ويئي. تڏهن صرف بنگالي ئي هئا، جن گوڙ ڪيو، اوهان ته ڪجهه ڪونه ڪيو. وري ون يونٽ ٺاهيو ويو ته اڪثريتي ميمبرن خوشيءَ سان قبول ڪيو. 1973ع جي آئين کي به اوهان متفقه طور تي قبول ڪيو آهي، ته پوءِ اوهان ڪهڙي قانون تحت اڳوڻي حيثيت حاصل ڪري سگهو ٿا ٿا. سول پروسيجر ڪوڊ جي قانون آرڊر 2، رول 2 مطابق، جنهن حق تان هڪ دفعو دستبردار ٿي وڃو ٿا، انهيءَ حق کي ٻيهر حاصل نٿا ڪري سگهو ۽ نه ڪي عدالت ۾ وڃي سگهو ٿا. اوهان ڪراچيءَ تان دستبردار ٿيا. اوهان انگلينڊ ۾ داخلا وٺي سگهو ٿا پر ڪراچيءَ ۾ تعليم نٿا حاصل ڪري سگهو. اوهان سنڌي ٻوليءَ تان دستبردار ٿيا، اوهان انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪري سگهو ٿا پر سنڌيءَ ۾ نه. حڪومت چري آهي ڇا، جنهن سنڌي اسڪولن ۾ Ghost ماستر رکيا آهن. اوهان آبادڪاريءَ جي قانون تي ڪو اعتراض ڪونه ڪيو، انڪري اوهانجو ڪنهن به شهري ملڪيت تي ڪو حق ڪونهي. اوهان سنڌي هندن کي سنڌ مان ڪڍيو، هاڻي هندن جو ڪو حق ڪونهي، جو رينڪل ڪماري ۽ ڪملا بڻجي رهن.
مختصر ته سنڌي قوم جا ماڻهو ”متروڪ ملڪيت“ آهن، انهيءَ ملڪيت جي سنڀال ”EvacueTrust“ جي حوالي آهي ۽ هن ملڪ ۾ صرف انهيءَ ماڻهو کي Trust واري ملڪيت واپس ملندي، جيڪو پاڻ کي Non evacue ثابت ڪري, ورنه سندس ملڪيت يا ته هندوستان مان آيل ڀائرن کي ڪليم مطابق قسم نامي داخل ڪرڻ تي ملندي يا وري حڪومت پاڪستان جي حوالي هوندي، صوبن جو مٿس ڪوبه حق ڪونهي، ڀل صوبي ۾ ئي زمين هجي. اوهان سنڌي ”متروڪ ملڪيت“ آهيو. اوهان پاڻ 1947ع ۾ پنهنجن حقن تان هٿ کنيو آهي، ان جو اجورو خدا تعالي اڳئين جهان ۾ اوهان کي ضرور ڏيندو، باقي هاڻ هنبوڇيون نه هڻو، نه ته قانون حرڪت ۾ اچي سگهي ٿو. قانون جي حرڪت ۾ آيو ته سڀ ڪجهه ”زنده باد“ ٿي ويندو.
اسان به پوڙهي جي انتظار ۾ ويٺا آهيون، اچي ته صحيح جواب ڏيونس پر گهڻن ڏينهن کان ڪونه آيو آهي، انڪري هن اخبار ذريعي کيس سوال جو جواب حاضر ڪريون ٿا ته، قومي حقن لاءِ ڪو سٺو وڪيل ڪريEvacue Trust ۾ ڪيس داخل ڪري پاڻ Non evacue سڏائي ۽ سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري، پوءِ حقن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو.
 
يوسف لغاري صاحب جي لکڻ جو ڏانءَ ۽ لفظ، ڪجه تنقيدي ڪجهه مذاحيه ۽ گهڻو فڪري آهي، لغاري صاحب جيڪا ڳالهه سمجهائڻ گهري ٿو شايد اسان ان تي غور ناهي ڪيو ۔۔۔۔ ٿورن لفظن ۾ ” سنڌ هاڻ ٻڌي ٻانهي آهي“ پاڪستان ٺاهي سنڌين جيڪا غلطي ڪئي آهي ان جي سزا موجوده پاڪستان جي قائم رهڻ تائين برقرار رهندي“ ۔۔۔

هن سموري سوال جو جواب ڏنو اٿس؛
قومي حقن لاءِ ڪو سٺو وڪيل ڪريEvacue Trust ۾ ڪيس داخل ڪري پاڻ Non evacue سڏائي ۽ سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري، پوءِ حقن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو.
مٿي ڳالهه جو تت ٿيو ” مهاجر سنڀاليندڙن“ وٽان پاڻ کي ”غير مهاجر“ ثابت ڪري پڪي سنڌي جو سرٽيفڪيٽ وٺي ۽ پوءِ حق جي ڳالهه ڪري، ان جملي تي غور ڪريو ته موجوده حالتن جي عڪاسي صاف ٿيل آهي۔

لک قرب ادا سليمان
 
پر سائين يوسف لغاري صاحب جيڪڏهن پاڻ 42 سالن جو تجربو رکي ٿو ۽ ايڊوڪيٽ جنرل رهي چڪا آهن ته پوءِ پاڻ Evacue Trust لاءِ سٺو وڪيل بڻجي نٿو سگهي، يا ته سائين وٽ اهي قانوني دليل موجد نه آهن يا وري سائين وڪالت کسجي وڃڻ جي ڊپ کان لا علمي ظاهر ڪري پاڻ کي به بچائڻ جي ڪو شش ٿو ڪري
 
اسانجا وڏڙا پاڪستان ۾ سنڌ صوبي جي حيٿيت رکندي شامل ٿيا هئا جو اڄ به اسان جي علائقي جي اسيمبلي آهي وزير اعلي ا آهي ۽ سنڌ پرڳڻو پاڪستان سان جڙيل آهي ڪهڙا قانون پيا ٿا ٻڌايو اسان پنهنجو حق ڏيئي چڪا آهيو ٻيو دفعو حق گهري نه ٿا سگهون جو ڇا مطلب آ؟؟؟
چار کان پنج اسيمبليون آهن
جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جو وڏو زير اعلي ا به آهي جنهن کي وزير اعلي ا سنڌ سڏيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو
ڪهڙي حيٿيت ۾ اسان سنڌي نه ٿا سڏائي سگهون۔۔۔۔
بيماني ،انانيت ،دوکي دولاب سان اگر ڪو اسان جي وسيلن تي قابض ٿيل آ ته ان جي حاصلات به ڪرڻي آهي۔۔۔
باقي اهو ته توهان مترڪا ملڪيت وغيره۔۔۔۔۔۔ جو مطلب نه سمجه ۾ آيو نه ايندو۔۔۔۔۔
باقي هڪڙي ملڪيت هوندي آهي انفرادي ۽ ٻي هوندي آهي اجتماعي يا گڏيل سا ته سمجه ۾ا چيٿي
باقي ليگاري صاحب جو ٺٺوليون اسان جي سوچ کان ٻاهر آهن
انفرادي ملڪيت هر هڪ جي جيڪا به آهي سا آهي باقي اجتماعي پوري سنڌ سنڌي قوم جي ملڪيت آهي ۽ ان جا سڀئي وسيلا سنڌ پرڳڻي جا آهن اسان سولي سنڌي ۾ اهو سمجهون ٿا۔۔۔۔
 
محترم رسول بخش دائود پوٽو صاحب يوسف لغاري جي تحرير ڪرده مضمون تي تبصرو ڪندي ٿور جزباتي ٿي ويو آهي پر شايد رسول بخش صاحب لغاري صاحب جو پورو مضمون ناهي پڙهيو، جي سمورو مضمون پڙهيو اٿس ته ان تي غور ناهي ڪيو ته يوسف لغاري چوي ڇا پيو؟ يوسف للغاري هڪ وڏو وڪيل آهي ۽ سنڌ جو ڏاهو ماڻهو آهي هن جنهن انداز ۾ مضمون تحرير ڪيو آهي ان کي ٿورو سمجهڻ جي ضرورت آهي. لغاري صاحب هن ڀيري امر جليل جي طرز تي مضمون لکيو آهي جنهن ۾ هن ڪافي گهرائي ۾ وڃي هن مضمون ذريعي سنڌي قوم کي سجاڳي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لغاري صاحب جيڪي به ڳالهيون لکيون آهن اهي مايوس ڪندڙ ناهن پر ٻه سئو فيصد سچ ضرور لکيو اٿس. اسان مايوس ناهيون نه ئي مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي پر لغاري صاحب جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي اهي حقيقت آهن
 
Back
Top