30 يا 32 سالن جي عمر جو عرصو ايترو وڏو ته ڪونهي پر پوءِ به ائين ٿو لڳي ته ڪي زمانه گذاري آيا هجون، پاڻ جڏهن ننڍا هئا سين اهو دور 88 يا 89 وارو عرصو هوندو، ان مهل به جيڪي ماڻهن جا مسئلا يا پريشانيون هيون اهي بنهه ساديون ۽ وقتي هونديون هيون جيڪي پنهنجن وڏڙن جي ڏاهپ ۽ دانائي وسيلي حل ڪري وجهندا هئا۔ ظاهر آهي ته اهو جيڪو دور هو ان وقت جيڪي اسان جا ڏاڏا يا نانا هئا اهي ان وت 70 يا 80 جي ڏهاڪي ۾ هوندا انهن يقينن اسان ۽ توهان تائين پنهنجي دور جون ڳاليهن وسيلي اسان جي رهنمائي ڪئي هوندي جيڪي وڏيون ڪارآمد هيون۔ هاڻ اسان وري جڏهن هن عمر ۾ پهتا آهيون ته اسان 82 جي ڏهاڪي کان پو جي معاملن ۽ زماني جي لاهين چاڙهين کي ڏٺو سين ۽ سمجهيو سين، پر ايندڙ نسل تائين اهي ڪارآمد ڳالهيون شايد ڪي سينه به سينه پهچائيندا هجن پر ايندڙ وقت ۾ اسان تائين جي وڏڙن جون ڳالهيون ناياب بڻجي وينديون يا وري ڪي اهڙا به آهن اهي وڏڙن جون ڳالهيون وساري ويهڻ سبب پنهنجي ايندڙ نسل کي اهڙي ڪا به ڄاڻ نه ڏئي سگهن ۔۔۔هيٺ ڪجهه مسئلا پيش ڪيان ٿو جيڪي شروعاتي دور ۾ به اوترا ئي سادا هئا جيترو اهو دور سادگي وارو هو، ۽ جڏهن ته هاڻوڪا انسان سان جڙيل مسئلا به اوترا ئي منجهيل آهن جيترو هي دور منجهيل آهي۔ ٿورو وقت اڳ جا سادا مسئلا1۔ هن سال ٻني ۾ ڳائو يا ماهو ڀاڻ نه ڏيڻ سبب ٻني هڪ کرار پوئتي وئي۔ 2۔ پاڻي وهي اچڻ کان اڳ ئي موڪ يا واهي جي کاٽي کڻي ڇڏجي۔ 3۔ يار هن ڀيري پاڻ وارو ناسي ڏاند ته ڏج ، واه جو سنهور ٿو وهي، مون وارو ڪجهه ڏٻرو ٿي پيو آهي۔ 4۔ پاڃاري ڀڄي پئي آهي، بابا کي چوان ته چاچي مرزا ڊکڻ ڏي کڻي وڃي۔5۔ اڄ پاڻ واري مينهن بس رڳو ڏهه ڪلو کير ڏنو آهي، ادي وارن جي مينهن کي سيلر جي ڪٽي ٿا وجهن ته ڏس پندرنهن ڪلو کير ٿي ڏي۔ 6۔ ابا ڏڌ کي ولوڻڻ واري چاڏي ڀڄي پئي آهي، دينو ڪنڀر به هيل نه آيو آهي نه ته هر ويل پنج چاڏيو اٽوڏئي وٺندا هئا سين۔7۔ هن عيد تي بابا کي ريشمي پوتڙو ۽ ململ جو پهرياڻ وٺي ڏيڻو آهي ان لا ڏوڪڙ گڏ ڪرڻا پوندا۔8۔ يار هن سال بابا پاڻ کي سيوهڻ جي ميلي تي وڃڻ لا موڪل ڏيندو به الائي نه۔9۔ اڄ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جي وڏي ميلهه آهي پر يار اسان جو به بخار ۾ تپيو پيو آهي۔10۔ وارو ڙي وارو موندر واهه کي کنڊ لڳو آهي، اچو ته کنڊ ٻڌجي۔ هاڻوڪي جديد دور جا مسئلا 1۔ هاڻ هن سال پٽ کي ميٽرڪ پاس ڪري ته ليپ ٽاپ وٺي ڏيڻو اٿي۔ (پو ڀل همراه جي تنخواهه 10 هزار هجي)2۔ يار ڪلهه کان انٽرنيٽ ايترو ته مسئلو ڪيو آهي جو برائوزنگ ئي نٿي ٿئي۔(ديني ڪمن کان صفا لاعلمي پر نيٽ جي سڀ ڄاڻ هوندس)3۔ منهنجي موبائيل جا سگنل هر وقت غائب ٿا رهن، سوچيان ٿو ته نئون ڪو مهانگو سيٽ وٺان۔ (پنهنجي زندگي سٺي ڪئين بڻائجي اهڙي ڪا به رٿا نه ڪندو رڳو موبائيل ۽ مسيج پيڪيج لا پريشان رهندو)4۔ بجلي ايترو ته حشر ڪيو آهي جو، نه ڪا ٽي وي ٿا ڏسي سگهون نه ئي ڪمپيو ٽر ٿو هلي۔ (ٽي وي جي سڀ پروگرامن جو شيڊول جي خبر آهي پنج وقت نماز جي ڪا به ڳڻ نه هوندي)۔5۔ ڪلهه کان يو پي ايس خراب پيو آهي، جلد کان جلد نئون وٺ ته ٻارن جي ننڊ ئي حرام ٿي پئي آهي۔(ٻارن جي بي آرامي جي ڪل هوندي پر ٻارن جي مستقبل بابت صفا اڻڄاڻ)۔6۔ يار هن ڀيري منهنجي محبوبه نوڪيا جو فون گهريو آهي، نه ڏيندس ته رسي ويندي وري فون به صفا بند ڪري ڇڏيندي۔( محبوبه جي رسي وڃڻ جو وڏو اونو هوندس، پر ما جي جتي ۽ پي جو بوٽ پراڻو ٿي پيو آهي اها خبر نه هوندي)۔7۔ يار اڄ پاڙي ۾ ڌاڙو لڳو پر اسان صفا ٻاهر نه نڪتا سي۔ (اها خبر نه آهي ته اڄ پاڙي واري جو سڀاڻ پنهنجو ڌاڙو هوندو)۔8۔ پاپا مونکي ڏهه هزار گهرجن دوستن سان پڪنڪ تي هاڪس بي تي ويندس۔ ( پي کي اها خبر ئي نه هوندي ته هاڪس بي تي دوستن سان گڏ آهي يا پنهنجي گرل فرينڊ جي سهيلين سان۔)9۔ ڪچن ۾ چوپر مشين، بلينڊر، ڪُوڪر ۽ مائڪرو اوون خراب ٿي پيا آهن، هل ته ميٽرو تان نوان خريد ڪيون ڏاڍا سٺا ۽ سستا ريٽ آهن۔ (باقي همراهه پنهنجي شرٽ به ميٽرو تان نه وٺندو، ڪچن جو سڀ سامان قرض تي به وٺي ايندو)۔10۔ يار وقت جي پابندي ڪجان ڪلب تي شام 7 وڳي پهچي ويندو ڪر انسٽرڪٽر ناراض ٿو ٿئي۔( جسم کي ٺاهڻ لا ڪلب ته ٽائيم تي ويندو، جسم جوڙيندڙ جي عبادت لا صفا ٽائيم ڪونهي۔) ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا،، را ضرور ڏيندا۔۔ سدائين گڏ
ههههههههه ۔۔۔۔ مطلب هاڻ پڇتائڻ ڪهڙو ۔۔۔؟؟؟ اڳ جڏهن ڳوٺن ۾ گهاريندا هياسون ته اوهانجي ڳالهه جيئان مٿيان مسئلا ۽ هاڻ جڏهن شهري ٿيڻ لڳا آهيون ته هيٺيان مسئلا ۔۔۔ مطلب ماڻهون هميشه آزار ئي آزار ۾ آهي ۔۔۔۔ اڳ اسانجي وڏن کي ڪو خرچ ڪرڻو نه هوندو هو سو چار چار شاديون ته اصل کل ڀوڳ ۾ ڪري وجهندا هيا ۽ هاڻ تازو بابا خواب ۾ آيو چيائين پٽ توهان مونکي رنجايو آهي جو هڪ ئي شاديءَ ۾ ڀاڙيا ٿي پيا آهيو ۔۔۔۔ مون کيس خواب ۾ ئي جواب ڏنو ته محترم بابا سائين هاڻوڪو دور اصل ڪمپيوٽر جو دور آهي ۔۔۔۔ اوهان به هجو ها ته مايون ۽ خرچ ڏسي توبه توبهه ڪريو ها” هههههههههه وقت چوي آءُ بادشاه ۔۔۔ اوهان اندر جي باه ڀلي ڪڍي آهي، بلڪ اسانجي اندر جي باهه کي لفظ ڏنا آهن ۔۔۔ لک قرب
ههههههههههههه۔۔۔۔۔ گهڻي کل سائين نثار جن جي خواب تي آئي ۔۔۔ جهڙو سوال تهڙو جواب۔۔۔۔۔۔ خير سائين نثار سان وري جديد دور جو پراڻو مسئلو آهي۔۔۔ خبر اٿوَ ڪهڙو۔۔۔؟ سائين نثار جي ڪمپيوٽر جي دري (ونڊوز) به اصل روز خراب ٿيو وڃي۔۔۔ هميشه اڪبر واڍي (عرس پريو) جا ڪم ئي نرالا ۽ هوڏانهن جڙي ناهي اوڏانهن کري ناهي۔۔۔
باقي ادا منظور جو ليک پڙهي مون کي مولوي صاحب جو اڄ جمع جو خطبو ياد اچي ويو ته موجوده زندگي ۾ ته سمورا مسئلا اسان جا پنهنجا تخليق ٿيل آهن۔۔۔ ۽ هاڻي نياڻين جي شادي ڪرائڻ به سولو نه رهيو آهي۔۔ جو ڏاجي جي لعنت کوڙ پيئرن کي قرضي بڻايو ڇڏي۔۔ نه ته ڏاجي جي اسلام ۾ ته اهميت ئي ناهي۔۔۔ سو ادا منهنجا توهان جا پراڻا مسئلا به نون مسئلن سان گڏ موجود آهن۔۔۔ بس جيڏا اٺ تيڏا لوڏا۔۔۔
اهاههاهاههاهاههاهاه،، ۔۔ پوءِ سائين نثار صاحب ڊڄ ڪهڙو آ، ٺڪاءِ ڏئي ڪري وجهو ٻه ٽي شاديون، بابا سائين جي دل نه رنجايو، باقي جيڪو ٿيو مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪجو، لاڙڪاڻي جا ماڻهو آهيو ڇو ٿا گهٻرايو، باقي اهي مسئلا جديد کان جديد ٿيندا رهندا انهن مسئلن جي ڪري اسين پنهنجي وڏڙن جون دليون ڇو رنجايون۔۔۔۔هاههههههها۔۔۔ باقي سائين رشيد جي ڳالهه وزنائتي آهي ته ماڻهو نياڻين جي شادين لاءِ ڏاڍا پريشان آهن۔
سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر دوستو وقت سان گڏ تبديليون اينديون آهن ۽ تبديليون اينديون آهن ته مسئال ۽ ترجيحآت به تبديل ٿينديون آهن، کو ته اسان جو رهڻ ڪهڻ ۽ ضرورتون جو تبديل ٿي چڪيون هونديون آهن ۔۔۔۔۔ ادا منظور جو سهڻو ليک ۔۔۔۔۔۔ هڪ دوست پنهنجي مسئلي بابت ٻڌايو ته يار انٽرنيٽ ناهي سمجهه ته منهنجي زندگي اڌوري آهي۔ هڪ دوست چيو ته يار فيسبوڪ تي هاڻي مزو ناهي، ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍو۔ هڪ دوست چيو ته يار ڪا هتي ڪيبل جو آزار آهي، جيڪڏهن سيٽيلائيٽ ٽي وي اچي ته مسئلا حل ٿين ۔۔۔۔۔۔۔ بس يار زندگي آهي ئي مسئلن سان ۽ زندگي آهي ئي ماڻهن سان ۔۔۔۔۔۔۔
پر سائين ڪنهن دوست ڪڏهن توهان کي اهو چيو آهي ته مان خوش رهڻ جو هيلو رب جي رضا ۾ راضي رهڻ ڳولي لڌو آهي۔۔ سڀني مسئلن جو هڪ ئي حل آهي، رب جي رضا تي راضي رهڻ،۽ دنيا جي وقتي مسئڪن کان بي نياز ٿي پوڻ، توهان ڏسندئو ته توهان جي ڇهري تي سڪون جا آثار نظر ايندا، پر ها انسان سان مسئلا ته ازل کان جڙيل آهن۔ پر وقتي مسئلن ۾ پاڻ کي ايڏو نه الجهائجي ته ان تند کي سلجهائڻ ڏکيو بڻجي وڃي۔