سادي دور جا سادا مسئلا، جديد دور جا جديد مسئلا

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    30 يا 32 سالن جي عمر جو عرصو ايترو وڏو ته ڪونهي پر پوءِ به ائين ٿو لڳي ته ڪي زمانه گذاري آيا هجون، پاڻ جڏهن ننڍا هئا سين اهو دور 88 يا 89 وارو عرصو هوندو، ان مهل به جيڪي ماڻهن جا مسئلا يا پريشانيون هيون اهي بنهه ساديون ۽ وقتي هونديون هيون جيڪي پنهنجن وڏڙن جي ڏاهپ ۽ دانائي وسيلي حل ڪري وجهندا هئا۔ ظاهر آهي ته اهو جيڪو دور هو ان وقت جيڪي اسان جا ڏاڏا يا نانا هئا اهي ان وت 70 يا 80 جي ڏهاڪي ۾ هوندا انهن يقينن اسان ۽ توهان تائين پنهنجي دور جون ڳاليهن وسيلي اسان جي رهنمائي ڪئي هوندي جيڪي وڏيون ڪارآمد هيون۔ هاڻ اسان وري جڏهن هن عمر ۾ پهتا آهيون ته اسان 82 جي ڏهاڪي کان پوجي معاملن ۽ زماني جي لاهين چاڙهين کي ڏٺو سين ۽ سمجهيو سين، پر ايندڙ نسل تائين اهي ڪارآمد ڳالهيون شايد ڪي سينه به سينه پهچائيندا هجن پر ايندڙ وقت ۾ اسان تائين جي وڏڙن جون ڳالهيون ناياب بڻجي وينديون يا وري ڪي اهڙا به آهن اهي وڏڙن جون ڳالهيون وساري ويهڻ سبب پنهنجي ايندڙ نسل کي اهڙي ڪا به ڄاڻ نه ڏئي سگهن ۔۔۔هيٺ ڪجهه مسئلا پيش ڪيان ٿو جيڪي شروعاتي دور ۾ به اوترا ئي سادا هئا جيترو اهو دور سادگي وارو هو، ۽ جڏهن ته هاڻوڪا انسان سان جڙيل مسئلا به اوترا ئي منجهيل آهن جيترو هي دور منجهيل آهي۔
    ٿورو وقت اڳ جا سادا مسئلا
    1۔ هن سال ٻني ۾ ڳائو يا ماهو ڀاڻ نه ڏيڻ سبب ٻني هڪ کرار پوئتي وئي۔
    2۔ پاڻي وهي اچڻ کان اڳ ئي موڪ يا واهي جي کاٽي کڻي ڇڏجي۔
    3۔ يار هن ڀيري پاڻ وارو ناسي ڏاند ته ڏج ، واه جو سنهور ٿو وهي، مون وارو ڪجهه ڏٻرو ٿي پيو آهي۔
    4۔ پاڃاري ڀڄي پئي آهي، بابا کي چوان ته چاچي مرزا ڊکڻ ڏي کڻي وڃي۔
    5۔ اڄ پاڻ واري مينهن بس رڳو ڏهه ڪلو کير ڏنو آهي، اديوارن جي مينهن کي سيلر جي ڪٽي ٿا وجهن ته ڏس پندرنهن ڪلو کير ٿي ڏي۔
    6۔ ابا ڏڌ کي ولوڻڻ واري چاڏي ڀڄي پئي آهي، دينو ڪنڀر به هيل نه آيو آهي نه ته هر ويل پنج چاڏيو اٽوڏئي وٺندا هئا سين۔
    7۔ هن عيد تي بابا کي ريشمي پوتڙو ۽ ململ جو پهرياڻ وٺي ڏيڻو آهي ان لاڏوڪڙ گڏ ڪرڻا پوندا۔
    8۔ يار هن سال بابا پاڻ کي سيوهڻ جي ميلي تي وڃڻ لا موڪل ڏيندو به الائي نه۔
    9۔ اڄ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جي وڏي ميلهه آهي پر يار اسان جو به بخار ۾ تپيو پيو آهي۔
    10۔ وارو ڙي وارو موندر واهه کي کنڊ لڳو آهي، اچو ته کنڊ ٻڌجي۔
    هاڻوڪي جديد دور جا مسئلا
    1۔ هاڻ هن سال پٽ کي ميٽرڪ پاس ڪري ته ليپ ٽاپ وٺي ڏيڻو اٿي۔ (پو ڀل همراه جي تنخواهه 10 هزار هجي)​
    2۔ يار ڪلهه کان انٽرنيٽ ايترو ته مسئلو ڪيو آهي جو برائوزنگ ئي نٿي ٿئي۔(ديني ڪمن کان صفا لاعلمي پر نيٽ جي سڀ ڄاڻ هوندس)​
    3۔ منهنجي موبائيل جا سگنل هر وقت غائب ٿا رهن، سوچيان ٿو ته نئون ڪو مهانگو سيٽ وٺان۔ (پنهنجي زندگي سٺي ڪئين بڻائجي اهڙي ڪا به رٿا نه ڪندو رڳو موبائيل ۽ مسيج پيڪيج لا پريشان رهندو)​
    4۔ بجلي ايترو ته حشر ڪيو آهي جو، نه ڪا ٽي وي ٿا ڏسي سگهون نه ئي ڪمپيو ٽر ٿو هلي۔ (ٽي وي جي سڀ پروگرامن جو شيڊول جي خبر آهي پنج وقت نماز جي ڪا به ڳڻ نه هوندي)۔​
    5۔ ڪلهه کان يو پي ايس خراب پيو آهي، جلد کان جلد نئون وٺ ته ٻارن جي ننڊ ئي حرام ٿي پئي آهي۔(ٻارن جي بي آرامي جي ڪل هوندي پر ٻارن جي مستقبل بابت صفا اڻڄاڻ)۔​
    6۔ يار هن ڀيري منهنجي محبوبه نوڪيا جو فون گهريو آهي، نه ڏيندس ته رسي ويندي وري فون به صفا بند ڪري ڇڏيندي۔( محبوبه جي رسي وڃڻ جو وڏو اونو هوندس، پر ما جي جتي ۽ پي جو بوٽ پراڻو ٿي پيو آهي اها خبر نه هوندي)۔​
    7۔ يار اڄ پاڙي ۾ ڌاڙو لڳو پر اسان صفا ٻاهر نه نڪتا سي۔ (اها خبر نه آهي ته اڄ پاڙي واري جو سڀاڻ پنهنجو ڌاڙو هوندو)۔​
    8۔ پاپا مونکي ڏهه هزار گهرجن دوستن سان پڪنڪ تي هاڪس بي تي ويندس۔ ( پي کي اها خبر ئي نه هوندي ته هاڪس بي تي دوستن سان گڏ آهي يا پنهنجي گرل فرينڊ جي سهيلين سان۔)​
    9۔ ڪچن ۾ چوپر مشين، بلينڊر، ڪُوڪر ۽ مائڪرو اوون خراب ٿي پيا آهن، هل ته ميٽرو تان نوان خريد ڪيون ڏاڍا سٺا ۽ سستا ريٽ آهن۔ (باقي همراهه پنهنجي شرٽ به ميٽرو تان نه وٺندو، ڪچن جو سڀ سامان قرض تي به وٺي ايندو)۔​
    10۔ يار وقت جي پابندي ڪجان ڪلب تي شام 7 وڳي پهچي ويندو ڪر انسٽرڪٽر ناراض ٿو ٿئي۔( جسم کي ٺاهڻ لا ڪلب ته ٽائيم تي ويندو، جسم جوڙيندڙ جي عبادت لا صفا ٽائيم ڪونهي۔)​
    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا،، را ضرور ڏيندا۔۔ سدائين گڏ​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ههههههههه ۔۔۔۔ مطلب هاڻ پڇتائڻ ڪهڙو ۔۔۔؟؟؟ اڳ جڏهن ڳوٺن ۾ گهاريندا هياسون ته اوهانجي ڳالهه جيئان مٿيان مسئلا ۽ هاڻ جڏهن شهري ٿيڻ لڳا آهيون ته هيٺيان مسئلا ۔۔۔ مطلب ماڻهون هميشه آزار ئي آزار ۾ آهي ۔۔۔۔

    اڳ اسانجي وڏن کي ڪو خرچ ڪرڻو نه هوندو هو سو چار چار شاديون ته اصل کل ڀوڳ ۾ ڪري وجهندا هيا ۽ هاڻ تازو بابا خواب ۾ آيو چيائين پٽ توهان مونکي رنجايو آهي جو هڪ ئي شاديءَ ۾ ڀاڙيا ٿي پيا آهيو ۔۔۔۔ مون کيس خواب ۾ ئي جواب ڏنو ته محترم بابا سائين هاڻوڪو دور اصل ڪمپيوٽر جو دور آهي ۔۔۔۔ اوهان به هجو ها ته مايون ۽ خرچ ڏسي توبه توبهه ڪريو ها” هههههههههه

    وقت چوي آءُ بادشاه ۔۔۔ اوهان اندر جي باه ڀلي ڪڍي آهي، بلڪ اسانجي اندر جي باهه کي لفظ ڏنا آهن ۔۔۔ لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ههههههههههههه۔۔۔۔۔ گهڻي کل سائين نثار جن جي خواب تي آئي ۔۔۔ جهڙو سوال تهڙو جواب۔۔۔۔۔۔
    خير سائين نثار سان وري جديد دور جو پراڻو مسئلو آهي۔۔۔ خبر اٿوَ ڪهڙو۔۔۔؟
    سائين نثار جي ڪمپيوٽر جي دري (ونڊوز) به اصل روز خراب ٿيو وڃي۔۔۔ هميشه اڪبر واڍي (عرس پريو) جا ڪم ئي نرالا ۽ هوڏانهن جڙي ناهي اوڏانهن کري ناهي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    باقي ادا منظور جو ليک پڙهي مون کي مولوي صاحب جو اڄ جمع جو خطبو ياد اچي ويو ته موجوده زندگي ۾ ته سمورا مسئلا اسان جا پنهنجا تخليق ٿيل آهن۔۔۔ ۽ هاڻي نياڻين جي شادي ڪرائڻ به سولو نه رهيو آهي۔۔ جو ڏاجي جي لعنت کوڙ پيئرن کي قرضي بڻايو ڇڏي۔۔ نه ته ڏاجي جي اسلام ۾ ته اهميت ئي ناهي۔۔۔
    سو ادا منهنجا توهان جا پراڻا مسئلا به نون مسئلن سان گڏ موجود آهن۔۔۔ بس جيڏا اٺ تيڏا لوڏا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي الا
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اهاههاهاههاهاههاهاه،، ۔۔
    پوءِ سائين نثار صاحب ڊڄ ڪهڙو آ، ٺڪاءِ ڏئي ڪري وجهو ٻه ٽي شاديون، بابا سائين جي دل نه رنجايو، باقي جيڪو ٿيو مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪجو، لاڙڪاڻي جا ماڻهو آهيو ڇو ٿا گهٻرايو، باقي اهي مسئلا جديد کان جديد ٿيندا رهندا انهن مسئلن جي ڪري اسين پنهنجي وڏڙن جون دليون ڇو رنجايون۔۔۔۔هاههههههها۔۔۔ باقي سائين رشيد جي ڳالهه وزنائتي آهي ته ماڻهو نياڻين جي شادين لاءِ ڏاڍا پريشان آهن۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر دوستو وقت سان گڏ تبديليون اينديون آهن ۽ تبديليون اينديون آهن ته مسئال ۽ ترجيحآت به تبديل ٿينديون آهن، کو ته اسان جو رهڻ ڪهڻ ۽ ضرورتون جو تبديل ٿي چڪيون هونديون آهن ۔۔۔۔۔ ادا منظور جو سهڻو ليک ۔۔۔۔۔۔

    هڪ دوست پنهنجي مسئلي بابت ٻڌايو ته يار انٽرنيٽ ناهي سمجهه ته منهنجي زندگي اڌوري آهي۔

    هڪ دوست چيو ته يار فيسبوڪ تي هاڻي مزو ناهي، ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍو۔

    هڪ دوست چيو ته يار ڪا هتي ڪيبل جو آزار آهي، جيڪڏهن سيٽيلائيٽ ٽي وي اچي ته مسئلا حل ٿين ۔۔۔۔۔۔۔

    بس يار زندگي آهي ئي مسئلن سان ۽ زندگي آهي ئي ماڻهن سان ۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    پر سائين ڪنهن دوست ڪڏهن توهان کي اهو چيو آهي ته مان خوش رهڻ جو هيلو رب جي رضا ۾ راضي رهڻ ڳولي لڌو آهي۔۔ سڀني مسئلن جو هڪ ئي حل آهي، رب جي رضا تي راضي رهڻ،۽ دنيا جي وقتي مسئڪن کان بي نياز ٿي پوڻ، توهان ڏسندئو ته توهان جي ڇهري تي سڪون جا آثار نظر ايندا، پر ها انسان سان مسئلا ته ازل کان جڙيل آهن۔ پر وقتي مسئلن ۾ پاڻ کي ايڏو نه الجهائجي ته ان تند کي سلجهائڻ ڏکيو بڻجي وڃي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو