منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
30 يا 32 سالن جي عمر جو عرصو ايترو وڏو ته ڪونهي پر پوءِ به ائين ٿو لڳي ته ڪي زمانه گذاري آيا هجون، پاڻ جڏهن ننڍا هئا سين اهو دور 88 يا 89 وارو عرصو هوندو، ان مهل به جيڪي ماڻهن جا مسئلا يا پريشانيون هيون اهي بنهه ساديون ۽ وقتي هونديون هيون جيڪي پنهنجن وڏڙن جي ڏاهپ ۽ دانائي وسيلي حل ڪري وجهندا هئا۔ ظاهر آهي ته اهو جيڪو دور هو ان وقت جيڪي اسان جا ڏاڏا يا نانا هئا اهي ان وت 70 يا 80 جي ڏهاڪي ۾ هوندا انهن يقينن اسان ۽ توهان تائين پنهنجي دور جون ڳاليهن وسيلي اسان جي رهنمائي ڪئي هوندي جيڪي وڏيون ڪارآمد هيون۔ هاڻ اسان وري جڏهن هن عمر ۾ پهتا آهيون ته اسان 82 جي ڏهاڪي کان پو جي معاملن ۽ زماني جي لاهين چاڙهين کي ڏٺو سين ۽ سمجهيو سين، پر ايندڙ نسل تائين اهي ڪارآمد ڳالهيون شايد ڪي سينه به سينه پهچائيندا هجن پر ايندڙ وقت ۾ اسان تائين جي وڏڙن جون ڳالهيون ناياب بڻجي وينديون يا وري ڪي اهڙا به آهن اهي وڏڙن جون ڳالهيون وساري ويهڻ سبب پنهنجي ايندڙ نسل کي اهڙي ڪا به ڄاڻ نه ڏئي سگهن ۔۔۔هيٺ ڪجهه مسئلا پيش ڪيان ٿو جيڪي شروعاتي دور ۾ به اوترا ئي سادا هئا جيترو اهو دور سادگي وارو هو، ۽ جڏهن ته هاڻوڪا انسان سان جڙيل مسئلا به اوترا ئي منجهيل آهن جيترو هي دور منجهيل آهي۔
ٿورو وقت اڳ جا سادا مسئلا
1۔ هن سال ٻني ۾ ڳائو يا ماهو ڀاڻ نه ڏيڻ سبب ٻني هڪ کرار پوئتي وئي۔
2۔ پاڻي وهي اچڻ کان اڳ ئي موڪ يا واهي جي کاٽي کڻي ڇڏجي۔
3۔ يار هن ڀيري پاڻ وارو ناسي ڏاند ته ڏج ، واه جو سنهور ٿو وهي، مون وارو ڪجهه ڏٻرو ٿي پيو آهي۔
4۔ پاڃاري ڀڄي پئي آهي، بابا کي چوان ته چاچي مرزا ڊکڻ ڏي کڻي وڃي۔
5۔ اڄ پاڻ واري مينهن بس رڳو ڏهه ڪلو کير ڏنو آهي، ادي وارن جي مينهن کي سيلر جي ڪٽي ٿا وجهن ته ڏس پندرنهن ڪلو کير ٿي ڏي۔
6۔ ابا ڏڌ کي ولوڻڻ واري چاڏي ڀڄي پئي آهي، دينو ڪنڀر به هيل نه آيو آهي نه ته هر ويل پنج چاڏيو اٽوڏئي وٺندا هئا سين۔
7۔ هن عيد تي بابا کي ريشمي پوتڙو ۽ ململ جو پهرياڻ وٺي ڏيڻو آهي ان لا ڏوڪڙ گڏ ڪرڻا پوندا۔
8۔ يار هن سال بابا پاڻ کي سيوهڻ جي ميلي تي وڃڻ لا موڪل ڏيندو به الائي نه۔
9۔ اڄ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جي وڏي ميلهه آهي پر يار اسان جو به بخار ۾ تپيو پيو آهي۔
10۔ وارو ڙي وارو موندر واهه کي کنڊ لڳو آهي، اچو ته کنڊ ٻڌجي۔
هاڻوڪي جديد دور جا مسئلا
1۔ هاڻ هن سال پٽ کي ميٽرڪ پاس ڪري ته ليپ ٽاپ وٺي ڏيڻو اٿي۔ (پو ڀل همراه جي تنخواهه 10 هزار هجي)
2۔ يار ڪلهه کان انٽرنيٽ ايترو ته مسئلو ڪيو آهي جو برائوزنگ ئي نٿي ٿئي۔(ديني ڪمن کان صفا لاعلمي پر نيٽ جي سڀ ڄاڻ هوندس)
3۔ منهنجي موبائيل جا سگنل هر وقت غائب ٿا رهن، سوچيان ٿو ته نئون ڪو مهانگو سيٽ وٺان۔ (پنهنجي زندگي سٺي ڪئين بڻائجي اهڙي ڪا به رٿا نه ڪندو رڳو موبائيل ۽ مسيج پيڪيج لا پريشان رهندو)
4۔ بجلي ايترو ته حشر ڪيو آهي جو، نه ڪا ٽي وي ٿا ڏسي سگهون نه ئي ڪمپيو ٽر ٿو هلي۔ (ٽي وي جي سڀ پروگرامن جو شيڊول جي خبر آهي پنج وقت نماز جي ڪا به ڳڻ نه هوندي)۔
5۔ ڪلهه کان يو پي ايس خراب پيو آهي، جلد کان جلد نئون وٺ ته ٻارن جي ننڊ ئي حرام ٿي پئي آهي۔(ٻارن جي بي آرامي جي ڪل هوندي پر ٻارن جي مستقبل بابت صفا اڻڄاڻ)۔
6۔ يار هن ڀيري منهنجي محبوبه نوڪيا جو فون گهريو آهي، نه ڏيندس ته رسي ويندي وري فون به صفا بند ڪري ڇڏيندي۔( محبوبه جي رسي وڃڻ جو وڏو اونو هوندس، پر ما جي جتي ۽ پي جو بوٽ پراڻو ٿي پيو آهي اها خبر نه هوندي)۔
7۔ يار اڄ پاڙي ۾ ڌاڙو لڳو پر اسان صفا ٻاهر نه نڪتا سي۔ (اها خبر نه آهي ته اڄ پاڙي واري جو سڀاڻ پنهنجو ڌاڙو هوندو)۔
8۔ پاپا مونکي ڏهه هزار گهرجن دوستن سان پڪنڪ تي هاڪس بي تي ويندس۔ ( پي کي اها خبر ئي نه هوندي ته هاڪس بي تي دوستن سان گڏ آهي يا پنهنجي گرل فرينڊ جي سهيلين سان۔)
9۔ ڪچن ۾ چوپر مشين، بلينڊر، ڪُوڪر ۽ مائڪرو اوون خراب ٿي پيا آهن، هل ته ميٽرو تان نوان خريد ڪيون ڏاڍا سٺا ۽ سستا ريٽ آهن۔ (باقي همراهه پنهنجي شرٽ به ميٽرو تان نه وٺندو، ڪچن جو سڀ سامان قرض تي به وٺي ايندو)۔
10۔ يار وقت جي پابندي ڪجان ڪلب تي شام 7 وڳي پهچي ويندو ڪر انسٽرڪٽر ناراض ٿو ٿئي۔( جسم کي ٺاهڻ لا ڪلب ته ٽائيم تي ويندو، جسم جوڙيندڙ جي عبادت لا صفا ٽائيم ڪونهي۔)
ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا،، را ضرور ڏيندا۔۔ سدائين گڏ