تمام ادبي دوستن کي هٿ ٻڌي عرض۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ غلام مصطفي ا طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2012۔

  1. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جيئن ته سنڌ سلامت فورم سنڌي قوم جو آواز آهي۔ اسان سڀني جي اها ڪوشش رهي آهي ته هن فورم ذريعي هڪ ٻئي سان معلومات سنڌ جي تاريخ ۽ ادب بابت شيئر ڪندا رهون۔ منهنجي تمام ادبي دوستن کي ۽ سنڌ سلامت فورم جي انتظامي رڪنن کي گذارش اهي ته سنڌي شاعري جي حوالي سان معلومات پوسٽ ڪيو، جنهن ۾ اسان کي خبر پوي ته شاعري جو ڪيتريون صنفون هونديون آهن ؟ غزلن جا قسم ؟ رديف قافيو ڇا آهي ؟ فاعلن مفاعلين جي وصف؟ ڪافي اهڙي معلومات جيڪا دوستن کي فائدو ڏيئي سگهي ٿي۔ اميد ته هي عرض قبول پوندو۔۔۔


    اوهان جو ڀا مصطفى آڪاش
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستن گذريل ڪجهه عرصي ۾ اهڙا ليک موڪليا هيا، اوهان سنڌي شاعري يا سنڌي مقالن ۾ وڃي اهڙا ليک ڏسي سگهو ٿا،

    سنڌي شاعرن کي يا شاعريءَ جي ڄاڻ رکندڙ دوستن کي اهڙا ونڊ ڪرڻ گهرجن ۔۔۔

    پاڻ شاعرن جون مٽيون ضرور ڀريندا آهيون پر شاعر ناهيون انڪري معاف ڪجو۔۔۔

    سنڌ سلامت تي اڳ کان ڪافي موضوعن تي مقالا ۽ ليک موجود پڻ آهن ۔۔۔ هر هڪ ڪمري ۾ وڃي اهي ليک پڙهي سگهجن ٿا۔

    لک قرب ۔۔۔ سٺي صلاح آهي
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا ان سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جو سنڌي گرامر جو ڪتا وياڪارڻ پڙهي ڏسو
    باقي مختصر آ هتي ڪجه بيان ڪيان پيو
    شاعري هڪ احساسن جو اوڳاڇڻ آهي ۔۔۔۔۔الهامي اثر هيٺ
    لفظن کي هڪ مڻيادار تصبيح ۾ ترتيب سان پوئڻو هوندو اهي۔۔
    هن ۾
    ڪئي صنفون آهن
    مثال غزل،نظم بيت گيت وائي ڪافي ٽي سٽا يا هائيڪا ۽ آزاد نظم دوهيڙا
    چار سٽا، وغيره وغيره
    ڪافيو: لفظن جي آواز جو ملڻ ڪا فيو سڌبو آهي
    فاعلن مفوعلن جو سمجهڻ به ضروري آهي۔۔۔۔
    غزل: هن صنف ۾ آخري جملو پورو دهرايو ويندو آهي مثال
    نظم : هن ۾ ٻن سٽن جو آخري لفظ ن جو آواز ملندو آهي جيئن ملندو هلندو کلندو وغيرو
    گيت ۾ ٻي سٽ جو آخري لفظ جو آواز ملندو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    پاڻ شاعرن جون مٽيون ضرور ڀريندا آهيون پر شاعر ناهيون ( انڪري معاف ڪجو۔۔۔ )
    سهڻا سائين توهانکي معاف ڪريون ؟؟؟ اِهو ڪيئن ممڪن آهي ؟؟ معاف ڪجي سو به نثار ابڙو صاحب کي ، سڄڻ پاڻ کي گنهگار ته ناهي نه ڪرڻو ؟ 1975ع ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب جي آفيس واري ڏاڪڻ مان مٿي چڙهندي هڪ ٻئي کي ٿونا هڻندي نائنٿ ڪلاس جي سي سيڪشن ۾ ڪلاس ٽيچر آنجهاني سائين ماڻڪ راءِ ، دينيات جو سائين محمد مراد تنيو مرحوم ، فزڪس جو ڪلاس سائين جميل احمد شيخ (معشوق) ڪيمسٽري جو سائين حبيب الرحمان (عاشق) مئٿ جو سائين محمد اعظم ميمڻ ۽ بائلاجي جو سدا حيات سائين مسڪين محمد ڄام کوکر صاحب جي پيرڊ اُڪلائڻ کانپوءِ ، قد جو ڊگهڙو رنگ جو چٽڙو، غزالي اکڙين واري سنهڙي سيپڪڙي پينٽ شرٽ ۾ ملبوس سٻاجهڙي شخصيت نثار ابڙو ئي ته آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مطلب اڃان تائين ٿونا هڻڻ نه وساريا اٿوَ ۔۔۔۔ ههههه ۔۔۔
    اوهانجي ياداشت کي شابس آهي، لڳي ٿو سچو کير ۽ مکڻ کاڌل اٿوَ ۔۔۔۔ پاڻ کي ته اها ڪاٺ واري ڏاڪڻ به لڳ ڀڳ وسري وئي آهي ۔۔۔ استادن جا به ڪافي نالا وسريل هيا پر هاڻ اوهانجي يادگيري سبب ياد اچي ويا ۔۔۔۔ واه جو ٿونو هينو اٿوَ ۔۔۔۔ پر اهو حليو جيڪو اوهان چٽيو آهي اهو ته مونکي به ياد ناهي، ترس آئيني ۾ ڏسي وٺان ته اکيون غزالي آهن يا ڳوٺ جي ٻڪر واريون، جيڪو ڳوٺ جي هر ٻڪريءَ تي ٻي ٻي ڪندو هو ۔۔۔۔ هههههه

    اوهانجي ياداشت ڪمال جي آهي ۔۔۔ انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت ۽ فيسبڪ جي مهرباني سان کوڙ ساترا پراڻا ۽ نوان دوست مليا آهن، جديديت جو ڪمال چئجي جو وسريل ۽ وڇڙيل۔ گم ٿيل ۽ نوان دوست ملايا اٿس ۔۔۔۔

    رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکندو ۔۔۔ اميد ته ڪڏهن آمهون سامهون ميلو ضرور ٿيندو ۔۔۔ اوهانجي تصوير تي غور ڪرڻ سان هڪ سهڻو سٻاجهڙو ڇوڪر ذهن ۾ اچي ٿو شايد اهي اوهان ئي هجو ۔۔۔ ان دوست ۽ اوهان ۾ فرق صرف مڇن جو آهي ۔۔۔ هههههههههه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوشي اها ٿي جو هن مضمون ۽ هن فورم ذريعي اسان جا ٻه داناء ۽ ڏاها دوست هڪٻئي جا پراڻا دوست ۽ ساٿي نڪتا ۔۔۔۔۔۔ سچ پڇو مونکي گهڻي خوشي آهي۔

    مصطفى سائين اوهان اهم ڳالهين طرف اشارو ڪيو آهي، ان لاء مان اسان جي شاعر دوستن کي اهو عرض ڪندس ته نه صرف شاعري جي حوالي سان ڄاڻ ڏين پر ان سان گڏ نون شاعرن جي حوصلا افزائي ۽ انهن جي رهنمائي پڻ ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔

    مهربانيون دوستن جون ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اوهان سڀني دوستن جا لک قرب سائين سليمان سائين کي عرض آهي ته سائين اسانجي علائقي ڪشمور ۾ ادب جي حوالي سان ڪائي چرپر ناهي۔ آءٌ اها ڪوشش ڪريان پيو ته ادب جي حوالي سان هن ضلعي ۾ گڏجاڻيون ڪرائجن۔ ته جيئن هتان جي ماڻهن کي سنڌي ادب بابت ۽ سنڌ جي ڏاهن سهڻي ليکڪن سان ملاقات ڪرائي سگهجي، اوهان سڄڻن جو ساٿ کپندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا نثار احمد ۽ ادا رضوان علي کي مبارڪون هجن، هن فورم تي ڪافي نوان ۽ پيارا دوست مليا آهن، شال سدائين خوش رهندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    خوشي اها ٿي جو هن مضمون ۽ هن فورم ذريعي اسان جا ٻه داناء ۽ ڏاها دوست هڪٻئي جا پراڻا دوست ۽ ساٿي نڪتا ۔۔۔۔۔۔ سچ پڇو مونکي گهڻي خوشي آهي۔
    سائين لک لائق جو ٻن سڄڻن جي 36 سالن کانپوءِ جي ملاقات ( جا عيد کان گهٽ ناهي ) تي اوهان کي خوشي ٿي ۔ انشا الله اهڙي طرح سان ٻيا به سڄڻ هن اڱڻ تي قرب جا پير ڀَري ايندا هڪٻئي سان ميل ملاقاتون ڪندا ۔
    آءُ اڱڻ تي عيد ڪيون گڏجي گذاريون ڪي گهڙيون ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو