اسانجا وڏڙا چوندا هيا ته گهوڙي ۽ ڪتي کي جيڪڏهن زبان/ٻولي هجي ها ته هو انسان سان ڳالهائي ها، ڪتي ۽ گهوڙي کي انسان جو وفادار جانور سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪتي جي وفا ڏيهان ڏيهه مشهور آهي؛ ڪتي کي عقلمند ۽ سياڻو جانور به سمجهيو ويندو آهي. تازو لنڊن يونيورسٽي جي تحقيق مطابق ڪتا انسان جي ڏک واري حالت ۽ خوشيءَ واري حالت کي خوب سمجهندا آهن ۽ جڏهن مالڪ ڏک ۾ هوندو آهي يا روئيندو آهي ته ڪتا به مايوس ۽ ڏکيارا ٿيندا آهن، بلڪ ڪوشش ڪري مالڪ کي ريجهائڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا آهن .... روئڻ واري حالت ۾ ڪتا تمام افسرده ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترن ڪتن جي ته اکين مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي ... مونکي ياد آهي ته جڏهن مون هڪ موتي ڪتو پاليو هيو، جڏهن آءُ ڪاوڙبو هيس ته هو لڪي ويندو هو يا ڀڄي وڃي پري کان مونکي رحم وارين نظرن سان ڏسندو هو ۽ آءُ جڏهن پيار جي نظر سان ڏسندو هيم ته اچي منهنجن پيرن تي چميون ڏيندو هو ... صبح جو سوير جڏهن ورزش جو وقت ٿيندو هو ته مونکي هنڌ تان اچي اٿاريندو هو، رلهي ڇڪيندو، چادر پٽيندو يا پيرن تي زبان ڦيرائيندو هو.
ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم،ڪتي جي انهن خصلتن جي ڪري ئي ته هن وفادري جو چرچو عام آهي، ڪتي جي انهي وفادري جو مثال اسان جا وڏڙا ايئن ئي ته ڪونه ڏيندا هئا۔ ڪتو حالائنڪ حرام جانور آهي پر هن جو ذڪر قران پاڪ ۾ به ٿيل آهي۔