Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
132 اٽيچمينٽ ڏسو132 اٽيچمينٽ ڏسو امرڪوٽ- عمرڪوٽ: هيءَ وسندي/شهر 25◦22′ -اتر- ويڪرائي ڦاڪ 69◦47′ -اوڀر- ڊگھائي ڦاڪ ٿر ۾ آهي . ميرپورخاص کان ٤٦ ميل -اوڀر- ۾ ٺيڪ -ان- جاءِ تي آهي جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون . ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي ؛ جيڪو پرمار سوڍي تعمير ڪرايو . ھن تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو . وري ١٢٢٦ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو . راجپوتن ، ھمايون کي ھتي پناهه ڏني ۽ -اڪبر بادشاهه- جو جنم ٿيو . ڪلھوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ميان نورمحمد جي قبضي ھيٺ ھو ، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو . ١٨١٣ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو . سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران ، ھن کي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو . قلعو سرڪاري سنڀال ھيٺ آھي .
تاريخ ڏسائي ٿي ته امرڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان آهي ، جيڪي سنڌ جا تمام قديم ۽ آڳاٽا آهن . امرڪوٽ ٿر ۽ سنئين زمين جي ڪس تي آهي ، هن شهر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ تقريباً چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي . پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’ شو ‘ جي مندر کان وٺي ڏياتيهه تائين نظر اچن ٿا . هن شهر کي ڪڏهن ” ديهات “ جي نالي ته ڪڏهن ” همروٽ “ ، ڪڏهن ” پدمات “ ته ڪڏهن ” امراڻو “ ۽ ڪڏهن ” امراپري “ جي نالي سان سڏيو ويو آهي ، ليڪن هن وقت عمرڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي . جيڪو سراسر غلط آهي ، هن شهر کي عمر سومري جي نسبت سان عمرڪوٽ برٽش دور کان سڏيو ويو ، حالانڪه عمر سومري جو امرڪوٽ جي شهر ۽ قلعي سان ڪو به واسطو نه آهي . تاريخ جا قديم ماخذ ” تاريخ فرشته “ ، ” -آئين اڪبري- “ ، ” اڪبر نامه “ ، ” شاهجهان نامه “ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هن شهر جو نالو امرڪوٽ آهي .
امرڪوٽ جي تاريخ ۽ روايتن کي مد نظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي شهر قبل مسيح ۾ به -آباد- هو ، خاص ڪري -ٻڌ- ڌرم واري دور ۾ هي شهر اوج تي هو ، جوڳرائي جو تلاءُ -ان- دور جي مشهور يادگار آهي ، چون ٿا ته هن شهر جي ڀر ۾ لامٻي تلاءُ جي سر تي ۽ جوڳرائي جي ڪپر تي مهاتما -ٻڌ- جي پوئلڳن اچي چلا ڪڍيا ، جنهن ڪري اتي هڪ شاهي قلعو مهاراجه وڪرما جيت ٺهرايو . هي شهر مهاراجه وڪرما -آباد- ڪيو ، ليڪن هتي -انسان- ذات جي وسنديءَ جا آثار -ان- کان به قديم آهن . -ان- قديم دور جي آثارن ۾ هڪ ” جوڳرائي “ جو تلاءُ ۽ ٻيو ’ شو ‘ جو آستان آهي . انهيءَ ’ شو ‘ جي مندر وٽ -برهمڻ- ، -آباد- هئا ، گڏوگڏ ڀڪشوئن جو به زور هو . شوِ جو مندر ڀٽن واري زمين تي آهي ۽ انهن واري جي دڙن مان -ٻڌ- ڌرم جي دور جا مڻڪا اڄ به عام جام ملن ٿا . تحقيق بعد اهو معلوم ٿيو ته امرڪوٽ جو شهر قديم آهي ۽ لڳ ڀڳ امر ڪوٽ جو قلعو به ايترو ئي پراڻو آهي ، ڇهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شهر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي ، انهن راجائن جي حڪومت کي يارهين صدي عيسوي ۾ حاڪم حمير سومري ختم ڪيو . هن قديم شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ۾ -بادشاهه- جلال الدين محمد اڪبر جي ولادت ٿي .