گڙ ٻڙ گهوٽالو طنز و مزاح ۽ نصيحتن سان ڀرپور ڪاميڊي ڊرامون ڪي رشتا ته جان کان به وڌيڪ عزيز هوندا آهن، جڏنهن ته ڪڏنهن ڪڏنهن هڪ معمولي ڄاڻ سڃاڻ به زندگيءَ جو مُڪمل جنجال بڻجي پنهنجي ئي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان اٽڪي پوندي آهي. هي به هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي جنهن سان واسطو پيم ته پر هن جو ڪنڊو مُهنجي نڙيءَ ۾ ائين ڦاٿو جو اُن کي نه ئي اُلٽي ڪري ٻاهر ڪڍي پئي سگهيس، نه ئي ضمير ڳيت سان ڳيهڻ پئي ڏنو. اچو ته توهان کي به اهو واقعو ٻُڌائي پنهنجي بگڙيل قسمت تي چٿرون ڪريان جيئن توهان به بچاءُ سوچيو.ته ٻُڌو تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي. عبدالرزاق ميمڻ جي ها! هڪ اهڙي ڪاميڊي جيڪا توهانکي کلائڻ بجاءِ مُڪمل روئاڙيندي، جي بلڪل! يقين نه اچي ته پڙهي ڏسو! ها پر آهي سمجه وارن لاءِ جيڪي دل جو درد رکن ٿا ۽ مُصيبت ماريا آهن! باقي ٻيا ته کلي کلي کيرا ٿي ويندا! توهان روئجو ضرور ڇو جو توهان به هڪ اهڙي مُلڪ ۾ رهو ٿا جيڪو ضرور چرين جي اسپتال جو ڏيک ٿو ڏي ۽ توهان مون وانگر ڪُڙڪ ۾ ڦاٿل. موٽي تبصرو ضرور ڪجو!
سين پهريون هڪ دفعي آفيس ويندي مان به رستي ۾ ٿاٻڙجي ڪري پيُس، ائين ئي جيئن گهڻائي ماڻهو ڪنهن شي سان اٽڪي ٿاٻڙجندا آهن آئون به ائين ئي ڪري پيس ۽ اها ڪا خاص ڳاله به نه هُئي. مان پاڻ سنڀالي پوءِ اُٿي بهي به رهيُس ۽ پنهنجي مٽي لٽيل ڪپڙن کي ڇنڊڻ لڳس ته ڪو اوپرو شخص مُهنجي سامهون اچي بهي رهيو، سندس چهري تي مون لاءِ ترسُ ۽ فڪرمنديءَ جا آثار هُئا، “او هو! ڇا ٿيو سائين! خيريت سان ته آهيو نه؟ ڪو ڌڪ ٻڪ ته ڪون لڳو؟” ، “نه نه! مهرباني ادا! مان بلڪل ٺيڪ آهيان“ مون به کيس اخلاقن وراڻي ڏني. “ پر ڏسو، متان ڪو اندر جو ڌڪ وڪ نه لڳو هُجيوَ، تڪلف نه ڪجو، پنهنجو سمجهي ٻُڌايوم، ڌڪ کي لڪائي رکڻ عقلمندي ڪانه سڏبي، اهي ڌڪ اڳيان هلي وري گهڻا پرابلم پئدا ٿا ڪن“ ، “اڙي نه سائين! سڀ ٺيڪ آهي، همدردي ڪرڻ جي مهرباني”، “ حُضور! پر توهانجي چهري جا تاثر ته ٻُڌائين پيا ته توهان کي ضرور اندروني ڪا تڪليف پئي ٿئي، چڱو ڀلا اهو ٻُڌايو ته توهانکي مرگهي وغيره ته ڪان پوندي آهي نه“، “ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو، مونکي ڪا مرگهي ورگهي ڪونهين.”مون اهو ٻُڌي کيس ناراضگيءَ ۾ چيو.“، “پر سائين! توهانجي اها ڪاوڙ ٻُڌائي پئي ته ضرور اوهانجو بليڊ پريشر هاءِ ٿي ويو هوندو، تنهنڪري ئي توهان چڪراجي ڪري پيا هوندا.” هن چيو. “هاڻ مان توهانکي ڪيئن يقين ڏياريان ته مونکي اهڙو تهڙو ڪو پرابلم آهي ئي ڪونه” مون به پريشانيءَ ۾ کيس جنجهلائجي چيو. “اهائي ته مُصيبت آهي ته ڪن بيمارين جي خبر ئي نٿي پئي جيڪي خاموش قاتل جيان اندر ۾ چُهٽيل هونديون آهن، اندران اندران ماڻهوءَ کي کوکلو ڪريو ڇڏين، توهانجيون اکيون ته گواهي ڏين پيون ته اوهان اڪثر بيمار ٿا رهو.“، ” خُدا جا ٻانهان! مان توکي ڪيئن يقين ڏياريان ته مونکي...!“، ” مونکي يقين ڏيارڻ لاءِ توهان کي مون سان گڏ هلي ڪنهن ڪلينڪ ۾ ڪي ٽيسٽ ڪرائڻا پوندا“ هن مُهنجي ڳاله ڪٽي چيو “ توهان سائين يقين ڪريو ته اها مُهنجي فطرت آهي ته آئون ڪنهن به مظلوم کي تڪليف ۾ ڇڏي اڳتي نه وڌندو آهيان.“ “ او ڀائو! آئون ڪو مظلوم شزلوم ناهيان“ هاڻ مونکي اُن تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. “جيڪو نه جيءُ اندران بيمار هُجي مان اُن کي مظلوم سمجهندو آهيان“ هُن به مستقل ڏاڍ مُڙسي ڏيکاري ڍيٺ ٿي چيو. “او ادا! هاڻ الله جي واسطي مُهنجي جان ڇڏ ۽ پنهنجو رستو وٺ“ مان هن جي اڳيا هٿ ٻڌي بهي رهيس “ آئون ته ٺيڪ آهيان پر لڳي ٿو ته توهانجون ڳالهيون ٻُڌي هاڻ بيمار ضرور ٿي پوندُس“ “ها سائين ڀلي چئو! “ هن هڪ گهرو ساه کنيو ۽ هو ويتر اداس ٿي پيو“ وڃ! نيڪيءَ جو ته زمانو آهي ئي ڪونه! هڪ آئون ئي اچي چريو ٿيو آهيان جيڪو هرونڀرون هر هڪ سان وتندو همدردي ڪريان، اڙي مُهنجو ڇا، دُنيا وڃي ڌوڙ پائي“ پوءِ هن مونکي چتائي ڏٺو “ چڱو سائين! جي مُهنجي ڳالهين تڪليف ڏني اٿوَ ته معافي ٿو گهُران“. اُن وقت مونکي به هن تي ترس اچڻ لڳو، ڪيڏو نه ڀلو انسان هو، اڄ جي هن دئور ۾ ڀلا اهڙا انسان ڪٿي ٿا لڀجن، بس پوءِ مان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويندڙ شخص جو هٿ پڪڙي ورتو ” معاف ڪجئين ادا! جي منهنجي ڳالهين تان تُهنجي دل هرٽ ٿي هُجي.“، “ ته پوءِ تون هاڻ مُنهنجي ڳاله مڃين ٿو نه” هو هڪدم خوش ٿي ويو.“ ڪهڙي ڳاله!”، “ اهائي ته هاڻ جو هاڻ توهان مونسان گڏ هلي ڪنهن ڪلينڪ تان بلڊ پريشر وغيره چيڪ ڪرائيندا، يقين ڪريو مُهنجو تسلي ٿي ويندي ۽ مان به سوڪون سان گهر هليو ويندُس“، “ٺيڪ آ ادا! “، مون به گهرو ساه کڻي آخر سندس ڳاله مڃي ورتي” هلو! هلان ٿو توهان سان گڏ ڪلينڪ تي“
سين ٻيو اتفاق سان ڪلينڪ به سامهون هُئي، هن زبردستي منهنجو بليڊ پريشر چيڪ ڪرايو جيڪو واقعي نارمل کان ٿورڙو گهڻو هو. “ڏٺوَ نه! مون صحيح پئي چيو نه ته توهان کي بلڊ پريشر جو پرابلم آهي“. “ نه! نه! اهڙو ڪو پرابلم ڪونهين“ ڊاڪٽر چوڻ لڳو“ پريشر اپ ۽ ڊائون ٿيندو رهندو آهي”، “ڊاڪٽر صاحب توهان سائين جن جو بلڊ به ٽيسٽ ڪريو.” هن چيو“گهٽ ۾ گهٽ اها خبر ته پئجي ويندي ته هن جو بلڊ گروپ ڇا آهي”، “يار هاڻ ان جي وري ڪهڙي ضرورت آهي” مون به جهجهلاجي چيس. ” مونکي پنهنجي بلڊ گروپ جي خبر آهي ته اُهو او پازيٽو آهي”، “ڊاڪٽر صاحب ٻيون شيون به چيڪ ڪجو، شُگر، ڪولسٽرول وغيره”. “ڏسو هي شيون ائين ئي اچانڪ چيڪ ناهن ڪبيون“ ڊاڪٽر سمجهائڻ لڳس“ ڪولوسٽرول لاءِ ٻارهن ڪلاڪن جو فاقو هوندو آهي، شُگر به فاقي کان پوءِ چيڪ ٿيندي آهي“. “ اڙي ڀاءُ! تون آخر مُهنجي پُٺيان ڇو پئجي ويو آهين“ مون چيومانس “ تنهنجي چوڻ تي مون بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو ته، هاڻ وڌيڪ ڇا ٿو چاهين“. “ٺيڪ آ سائين!“ هن وري هڪ ٿڌو ۽ گهرو ساه کنيو. “هاڻ توهان ٻُڌايو ته ته توهان ڪيڏانهن ويندا“، “ آئون پنهنجي آفيس پيو وڃان، تُهنجي ڪري هرونڀرون ايترو دير ٿي وئي اٿم.“ “ ٺيڪ آ! هلو آئون توهانکي آفيس تائن ڇڏي ٿو اچان“ هن چيو. “خُدا جا نيڪ ٻانهان مُهنجي آفيس او هو سامهون ئي آهي، مان اُتي توهنجي مدد کان سوءِ ئي پُهچي سگهان ٿو“. “ سوال ئي پئدا نٿو ٿئي جو مان توهان کي ائين نڌڙڪن وانگر وڃڻ ڏيان”“ هن چيو“ توهان ڀلي مونکي ڪچيون ڪچيون گاريون ڇو نه ڏيو، مُهنجي خُلوص جي مذاق اُڏيو، ڪُجه به ڪريو، مان توهان کي توهانجي آفيس تائين رسائي ايندُس“.
سين ٽيون عجيب ماڻهون هو ڪمبخت، مُهنجي دماغ جو ڌئونرو ٺاهي ڇڏيو هُئائين، هن مان جند ڇڏائڻ جي ڪا ترڪيب به ته نه ٿي سُجهي، ان ڪري مجبورن کيس آفيس تائين جيڪا چند قدمن تي هُئي آڻڻ تي مجبور ٿي پيُس. “هاڻ ته آئون آفيس تائين پُهچي ويس، هاڻ تون ڀلي وڃ“ مون چيومانس. “ هلي ٿو وڃان، پر پهرئين آفيس وارن کي ٻُڌايان ته توهان سان ڇا پرابلم ٿيو جو ليٽ ٿي ويا“. “ ڇا پرابلم آهي مونسان، ڇو ٿو مُهنجو دماغ خراب ڪرين.” هاڻ ته واقعي مان گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي ويس “ پاگل بڻائي رکيو اٿئي مونکي.” “ ڏٺوَ نه ، مون صحيح پئي چيو نه، توهان کي ضرور اندران ڪا گڙ ٻڙ آهي، هيءَ ڪاوڙ ان جي نشاني آهي، ڪنهن پوشيده بيماريءَ جو ائثر توهانجي دماغ تي ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري توهان کي ته سي ٽي اسڪين ڪرائڻو لازمي پوندو“. “ اڙي ٽري دفع ٿي وڃ هاڻ جو هاڻ، سي ٽي اسڪين جو ٻچو! مڙدود ڪٿي جو!“ مُهنجي دانهن ۽ ڪاوڙ جو اظهار ٿيندي ئي مُهنجي آفيس جا ساٿي ڊوڙندا آيا ۽ ۾ مونکي گهيري ۾ ڪري ورتائون، ان کان پهرئين جو آئون پنهنجي ڪاوڙ جَهڪي ڪري ڪُجه ٻُڌايانِ هن ڪمبخت ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو ” سائين! ادو رستي ۾ هلندي ڪري پيو هو، مان کين هڪدم ڪلينڪ وٺي ويس، ڊاڪٽرن اُتي سندن چيڪ اپ ڪيو، اتي فلحال ته اهڙو ڪو مرض تشخيص ڪونه ٿي سگهيو ٻُڌايو اٿن پر سندن دماغ تي شايد ٿورڙو گرميءَ جو اثر ڏسجي ٿو، ڇو جو ٿاٻڙجي ڪرڻ کان پوءِ ٿورڙي ٿورڙي ڳاله تي ڪاوڙ ۽ هنگامون پيا ڪن“، “ شٽ اپ! ماٺ ٿين ٿو يا مُڪ هڻي مُنهن نه چٻو ڪري ڇڏيانئي!“ مون اڳتي وڌي ساندس ڪالر جهلي ورتي. “ ڏسو پيا نه توهان پاڻ، ويچاري جي ڇا حالت رهي آهي، ائين ئي پيا ڪن مُسلسل شايد ڪا سخت شي سندن دماغ سان ٽڪراجي وئي آهي، هتي به زبردستي آندو اٿمانس“. آفيس جي ساٿين مونکي زبردستي ڇڪي ساڻس کان جُدا ڪيو، دل پئي چاهيو ته هن ڪمبخت جو مٿو ڦاڙي وجهان، ٻي طرف هن ڪمبخت الائي مُهنجي آفيس وارن سان مُهنجي اندر جي ڪهڙين ڪهڙين بيمارين جو احوال پئي ڪيو جيڪي هو فڪرمند ٿي حيرت سان ٻُڌاندا پئي ويا ۽ مُڙي مُڙي مونکي به ڏسندا پئي ويا، آفيس جو باس عامر به اهو گوڙ ٻُڌي ٻاهر نڪري آيو، هن صورت حال ٻُڌڻ کين پوء مونکي مُخاطب ٿي چوڻ لڳو “ڏسو ميمڻ صاحب! جي توهان طبيعت ۾ بهتري نٿا سمجهو ته ڪُجه ڏينهن لاءِ موڪلون ئي کڻي وٺو، توهان الاهي عرصي کان نه ته ڪا پي ايل (پريولج ليو) ڪئي آهي، نئي ڪا سڪ ليو يا سي ايلِ(ڪيجوئل ليو) مُفت جي ٽڪٽ وٺي ڪٿي گهُمڻ به ته نٿا وڃو“، “ نه سر! اهڙي ڪا ڳاله آهي ئي ڪانه ، مان بلڪل فٽ فاٽ آهيان، هي ڪمبخت، نامعقول انسان الائي مُهنجي پٺيان ڇو پئجي ويو آهي“، “ هاڻ توهان پاڻ ڏسي فيصلو ڪريو“ هن زوردار آواز ۾ چيو ته جيئن ايندڙ ويندڙ به ٻُڌي وٺن“ ڇا ڀلا ڪو صحتمند انسان ڪنهن کي گارگند ڏئي سگهي ٿو، پر هن ۾ هن ويچاري جو ڪهڙو ڏوه، هيءَ گيس آهي جيڪا هن جي دل مان گُذري دماغ تائين اچي پُهتي آهي، جي هن جي اها حالت رهي ته هن جو نروس بريڪ ڊائون به ٿي سگهي ٿو.“ “ لعنت آهي هن ماڻهونءَ تي سر! “ مان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويس“هن ڪمبخت ته...“ . “ بس! بس!.. “ باس مونکي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. “ ظاهر پيو ٿئي ته تون واقعي بيمار آهين“. مونکي ان دوران موقعو ملي ويو مون ڀرسان پيل هڪ ڪرسي کڻي هن ڪمبخت شخص جي مٿي تي وهائي ڪڍي، هن جو مٿو ڦاٽي پيو، پوءِ ته ڪا به دير نه ٿي آفيس وارن مونکي پڪڙي قابو ۾ رکيو.
سين چوٿون باس عامر فون ڪري ايمبيولنس گهرائي، هن زخمي شخص لاءِ نه پر مُهنجي لاءِ، هن ڪمبخت جي ته اوڏي مهل فرسٽ ايڊ گهرائي پٽي ڪئي وئي، جڏنهن ته مُنهنجي آفيس جا ماڻهن مونکي کنڀي ايميولنس ۾ وجهي نفسياتي اسپتال ڏانهن روانو ڪيو، آفيس وارن سان هوبه ايمبيولنس ۾ ويهي رهيو، نفسياتي اسپتال ۾ پُهچي به هن جي بڪ بڪ بند ڪانه پئي ٿي ۽ بار بار ڳالهائيندو مونسان همدردي ڪندو پئي ويو “ توهان يقين ڪريو، مونکي هن کان ڪا به شڪايت ڪانهين، ڇو جو هن جي ذهني حالت ان قابل يا هن جي وس ۾ ڪانهين“. ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ به مونکي هن تي حملي ڪرڻ جو موقعو هٿ اچي ويو هو، مان صرف هڪ مُڪ ئي هڻي سگهيس ته نرسن مونکي جهلي بيهوشي جي انجيڪشن هڻي ڪڍي، مون کي پوءِ هوش نه رهيو ته پوءِ پٺيان مونسان ڇا ڇا پئي ٿيو. سين پنجون جڏنهن هوش ۾ آيم ته هڪ ماڻهون مٿان بيٺل هو مونکان پُڇي رهيو هو ته ڇا مان صدر پاڪستان آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ آهيان“. “ نه ته!“ مان حيرت ۾ اُٿي بهي رهيس، خبر ناهي هيءَ ڪهڙي جڳه هُئي، هر طرف عجيب عجيب قسم جا ماڻهون هُئا، ميرا، ترڇا چٻا، ڪو پنهنجي مُنهن کليو پئي ته ڪو رُنو پئي، ڪنهن گان پئي ڳايا ته ڪنهن پريڊ پئي ڪئي. ” اوه مُهنجا خُدا!“ ٿورڙي دير ۾ مونکي سڀ ڪُجه سمجه ۾ اچي ويو، مونکي گدوءَ ۾ چرين جي اسپتال ۾ پُهچايو ويو هو، جنهن ماڻهونءَ مونکي آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ سمجهيو هو، اهو زور زور سان تاڙيون وڄائي چئي رهيو هو. “ جاڳي ويو! جاڳي ويو! آصف زرداريءِ جو پُڦاٽ جاڳي ويو!” اها هڪ عجيب ۽ وحشتناڪ جڳه هُئي، لوه جي راڊن وارا ڪمرا، جيئن قيدين لاءءِ ٿيندا آهن، مُهنجي آفيس وارا ئي شايد مونکي هتي پُهچائي ويا هُئا ۽ هي سڀ انهيءِ مردود جي ڪري ٿيو هو، مُهنجو ڏوه ڇا هو، صرف ايترو نه ته هلندي هلندي ٿاٻڙجي ڪري پيو هوس، پر هن ڪمبخت ته ڳاله جو ڳالهوڙو ٺاهي مونکي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ورتو هو، اهڙو ماڻهون مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هرگز نه ڏٺو هو.
سين ڇهون مُهنجي سامهون هڪ ڊاڪٽر گُذري پئي ويو يعني راڊن واري دروازي جي ٻاهران، اڇو ڪوٽ پاتل “ سر! مُهنجي ڳاله ته ٻُڌو، پليز! “ مون نماڻائيءَ سان کيس عرض ڪيو، ڊاڪٽر چيو ته ڪُجه به نه پر هو بهي رهيو هو. “ سر! توهان يقين ڪريو ته مان چريو ناهيان! “، “ ها مون يقين ڪري ورتو آهي ته تون چريو ناهين“ هُن مسڪرائيو پئي، “ ڊاڪٽر صاحب! توهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، مونکي ڪنهن غلط فهميءَ جي بُنياد تي هتي وٺي آيا آهن“ مون کيس ٻُڌائڻ جي ڪوشس ڪئي. “ يقين ڪريو مان ايترو ئي صحيح الدماغ آهيان جيترا توهان پاڻ“، “ هتي هر ڪو ائين ئي چوندو آهي، ڪو به چريو پاڻ کي چريو ناهي چوندو“، “ توهان پليز! مُهنجي پوري ڳاله ته ٻُڌو“، “ اسان وٽ ايترو وقت ڪٿي جو هر چرئي جو داستان ٻُڌندا وتون“، ان دواران اُهو چريو به اسانجي ويجهو اچي پُهتو جنهن مونکي آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ سمجهيو هو، هو ڊاڪٽر کي چئي رهيو هو ته “ هن جي ڳالهين ۾ متان اچين ڊاڪٽر، هي آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ اٿئي مون کيس پاڻ آصف زرداريءَ سان صدارتي محل ۾ کاڄا کائيندي ڏٺو آهي“، “ڪوڙ پيو ڳالهائي هيءُ! مون کي کاڄا وڻندا ئي ڪونه آهن“ مان ڪاوڙ ۾ اچي ائين چئي ويٺس ۽ ڊاڪٽر به مُسڪرائيندو اڳتي وڌي ويو، مان پوءِ ان چرئي سان جنبجي ويس “هاڻ تون وري مُهنجي پُٺيان ڇو اچي پيو آهين، هڪ ته هو مردود هو، جنهن مونکي هيستائن پُهچايو ۽ هڪ تون آهين جيڪو مونکي صدر پاڪستان آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ ۾ سمجهين، خدا واسطي مُهنجي جان ڇڏ ادا، نه ته مان صاقعي چريو ٿي پوندُس“، “ اڙي ٻُڌو! ٻُڌو! خبر اٿو ته هي ڪير آهي؟ صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جوپُڦاٽ“ هو اُتان لگهندڙ هر چرئي کي ٻُڌائيندو پئي ويو ۽ آئون به ٿڪجي هارجي راڊن وارو در ڇڏي هڪ ڪُنڊ ۾ وڃي ويهي رهيس ۽ پوري حالتن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳس ته مونسان هي گڙ ٻڙ گهوٽالو ڪيئن ٿي ويو، مُهنجو ڪنهن شيءِ سان اٽڪجي ٿاٻڙجڻ، رستي ۾ ان ماڻهوءَ جو ملڻ، همدردي جتائي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻ ۽ پوءِ آفيس ۾ اچي واويلا ڪرڻ، آخر هي سڀ ڇا هو، ڇا مُهنجي خلاف وري ڪا نئين سازش هُئي؟ پر ڇو؟ مُهنجي خلاف ڪير سازش ڪندو، مون وٽ هو ئي ڇا، نه گڏه، نه گاڏي، آفيس به پنڌ ويندو هوس، ڪمبخت آفيس وارن دوستن به مونسان ڪا مُروت نه ڪئي ۽ مونکي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيائون؟
سين ا ٺون ڪُجه دير کان پوءِ مان پنهنجي ڀاءُ کي ۽ ان جي زال کي يعني مُهنجي ڀاڄائيءِ کي ڊاڪٽر سان ايندي ڏٺو، مطلب ته آفيس وارن مُهنجي گهر وارن ڏي خبر گيري ڪري ڇڏي هُئي تڏنهن ته هو مونسا ملڻ آيا هُئا، انهن کي ڏسي مان ب جلديءَ ۾ ڪنڊ مان ٻاهر نڪري لوه جي راڊن واري گيٽ وٽ اچي بيٺُس. “ اڙي شڪور ڀاءُ! چڱو ٿيو جو توهان آيئو، مان ته عجيب مشڪل ۾ اچي ڦاٿو هوس، آفيس وارن دوستن به مونسا هي عجيب حرڪت ڪري وڌي، پليز هاڻ مونکي هتان جلدي ٻاهر ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪريو“. “ هي ڳالهيون ته بلڪل صحيح پيو ڪري؟” ڀاءُ شڪور ڊاڪٽر کي چيو. “ هن قسم جا ذهني مريض ڪڏنهن ڪڏنهن صحيح ڳالهيون به ڪري وٺندا آهن“ ڊاڪٽر جواب ڏنس “ پر جڏنهن هنن جي ذهني موج ڦسجلڻ لڳندي آهي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندا آهن“، “ شڪور ڀاءُ! هي ڊاڪٽر ته ڪو جاهل ٿو لڳي ، شايد اٽو ڏئي پڙهيو آهي يا ڪاپي ڪري پاس ٿيو آهي، توهان هن جي ڳالهين کي سيريس نه وٺو“. “ ڏسو ۽ ٻُڌو پيا نه توهان؟“ ڀاڄائيءَ به ڀاءُ شڪور کي مُخاطب ٿي چيو“ هاڻ چريائپ ڏسو پيا نه ته ويچاري ڊاڪٽر کي به جاهل پيو چوي“ نڪ موڙي“ ڄڻ پاڻ الاهي اڪابر آهي“ “ مان ته بلڪل سڙي کامجي ويس “ ڀاڄائي! تون ته چاهين به اهو ٿي ته ڪنهن طريقي سان آئوٽ ٿي وڃان ۽ تُنهنجو اسانجي پوري گهر تي قبضو ٿي وڃي“. “ بڪواس بند ڪر!“ ڀاءُ شڪور به ڪاوڙجي پيو“ شرم به نٿو اچئي ماءُ جهڙي ڀاڄائيءَ لاءِ اهڙا گُفتا ڪڍندي؟“ “ توهان کي وري ڇا ٿي ويو آ.“ ڀاڄائيءَ ادا کي ٻانهن کان جهلي چوڻ لڳي “ هڪ چرئي ويچاري جي ڳالهين تي اجائي ڪاوڙ ، هو ته پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آ هن تي ڪهڙي معيار، مونکي ته موڀي ڀاءُ جهڙي ڏير جي هن بيماريءَ کي ڏسي افسوس پيو ٿئي، دل رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي“، “ پليز! ڀاڄائي! پنهنجي مڪاري پاڻ وٽ سنڀالي رک“ مان به تڙپي چوڻ لڳس، “ اچو توهان ٻئي“ ڊاڪٽر ٻنهين سان مُخاطب ٿيو“ هاڻ هي ريش پيو ٿئي، ائين نه ٿئي جو توهان ٻنهين کي ڪو نقصان پهُچائي وجهي“، پوءِ هو سڀ اُتان هليا ويا، مان کين سڏيندو رهيس، ان وقت پهريون ڀيرو مونکي پنهنجي مجورين تي روئڻ آيو، اهڙي بيوسي شايد ڪا مون محسوس ڪئي هُجي.
سين نائون مان گيٽ ڀرسان ئي ويٺي رُنو، مُهنجي پُٺ ٻاهر طرف هُئي ته اوچتو ڪنهن جو هٿ پنهنجي ڪنڌ تي محسوس ڪيم، هي اُهو ئي چريو هو جيڪو مونکي زرداريءَ جو پُڦاٽ سمجهندو هو “ ڇا ڳاله آهي؟ روئين ڇو پيو“ هن وقت هن جو لهجو بلڪل چينج ۽ سنجيده هو، لڳو ٿي ته هو به ڪو چريو ناهي پر مون وانگر ڪو ڦاٿل شخص آهي، پر مون وري به کيس ڪاوڙ ۾ دڙڪو ڏئي ڇڏيو “ اڙي هل ڙي! دماغ جي لسي نه ٺاهيم، ٽر هتان“ مون هن جي ٻانهن ڪولهي تان ڌڪي پري ڪئي، “ يار! نارض نه ٿي، هاڻ مان توکي زرداريءَ جو پُڦاٽ ڪون چوندُس، اچ موسان گڏ“ هو وارڊ ۾ اندر ئي اندر ئي اندر مُهنجي ٻانه جهلي اڳتي وٺي آيو ۽ هڪ جڳه تي آڻي “ ويهي ره هتي!“ مان به کيس حيرت مان پئي ڏسندو ويس ڇو جو هو هن وقت بلڪل چريو نه پئي لڳو ڏس مان توکي هڪ ڳاله ٿو سمجهايان “ هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڳاله شروع ڪئي “ڪڏنهن به پاڻ کي عقلمند ۽ صحيح ثابت نه ڪندو ڪر، نه ته هتان هرگز ٻاهر نڪري نه سگهندي ۽ تُهنجي هرڪوشش ناڪام ويندي“ ، “ پهرئين تون ٻُڌاءِ! ڇا تون به چريو ڪونه آهين؟“ ، “ صحيح ٿو چئين! مان به تو وانگر نارمل انسان آهيان ، بس حادثاتي طور هتي اچي ڦٿو آهيان ۽ هاڻ هتان نڪرڻ جي پلاننگ پيو ڪريا ۽ ڏسجئين.. جلدئي هتان ٻاهر نڪري ويندُس. پر تون هتي ڪيئن ڦاٿين؟“، مون به کين پنهنجي ٿاٻڙڻ کان هيستائين جي رام ڪهاڻ ٻُڌائي ڇڏي، منهنجي ڳاله ٻُڌي هو بي تحاشا ٽهڪ ڏئي کلندو رهي و“ بس هاڻ تون به ڪو فڪر نه ڪر! مان پاڻ سان گڏ توکي به ٻاهر ڪڍندس“، “ تنهنجي وڏي مهرباني ٿيندي، پر اهو ڪم ٿيندو ڪيئن؟“، “ تون ان جو فڪر نه ڪر“ هن چيو، پوءِ اچانڪ چوڻ لڳ و” ڏس ڊاڪٽر ۽ نرسون اچن پيا تون به مون وانگر شروع ٿي وڃ“، “ ٺيڪ آهي“ مون به اسٽاف کي ايندي ڏسي ورتو هو، “ تون ڪير آهين، ٻُڌاءِ تون ڪير آهين؟“، ”صدر پاڪستان آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ، مُهنجي ماءُ جو نالو انڌرا گانڌي آهي، مُهنجي ماسڙ جون ٻه ٽنگون هُيون، جنهن سان هو ڏسندو هو، مُهنجي ٻارن جي ماءُ مُهنجي ٻارن جي ڄمڻ کان پهرئين مري وئي هُئي“، “ ۽ مان ٽارزن آهيان، نواز شريف مُهنجو پيءُ آهي، مُهنجو پورو خاندان صوبن ۾ چيف جسٽس آهي مان فلم پرو چانڊيو جو هيرو آهيان“ اسان کي پاڻ ۾ ائين ڳالهائيدو ڏسي، اسٽاف جا ماڻهو مُسڪرائيندا اڳتي وڌي ويا، “ بس يار! هاڻ اها پريڪٽس ڪندو وڃ“ هن سمجهايو“ ۽ مونسان گڏ هلڻ ڦلڻ لڳ، مان توکي ٻين چرين کان بچائيندو ويندس نه ته اهي اهڙا خطرناڪ آهن جو هتي تُهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا“، “ هڪ ڳاله ته ٻُڌاءِ دوست! هتي کائڻ پيئڻ جو ڪهڙو بندو بست آهي“ مون پُڇيس“ مقرر وقت تي پورو بدوبست ٿي وڃي ٿو، سڀئي کائي پي وڃن ٿا“
سين ڏهون پريان ڪنهن جي روئڻ جو آواز آيو، هڪ پوڙهو پنهنجي گوڏن ۾ مٿو رکي زور زور سان پئي رُنو، اسان ٻنهين هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ هن پوڙهي ڏي پُهچي وياسون، هو اسانکي ڏسي ڀڙڪي پيو “ هٽي پري ٿي بهو مون کان، مان چريو ڪون آهيان“ ، “ ڏاڏا توهان پريشان نه ٿيو، اسان توهانکي ڪو نقصان ڪون پُهچائينداسون“ مون پوڙهي کي تسلي ڏني، اسان به تو وانگر ئي آهيون“، “ مونکي منُهنجن پُٽن ۽ ڌيئرن هتي داخل ڪرايو آهي“، هن جي آواز ۾ درد ۽ ڪرب هو“ڇو جو شايد مان هاڻ هنن تي بوجه بڻجي ويو آهيان ۽ هون مونکان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، هاڻ هو سڀئي خوش هوندا“ مونکي ڏڪڻي وٺي وئي، خدايا هي ڪهڙو ظلم آهي، هڪ پوڙهو پيءُ، پنهنجي جوان اولادن تي بوجه آهي جن آجا ٿيڻ لاءِ کين چرين جي اسپتال ۾داخل ڪيو آهي، هن جي هيءَ عمر ته آرام سان گهر ۾ ويهي عبادت ڪرڻ جي آهي ۽ سڀني کي هن جي خدمت ڪرڻ گهربي هُئي، پر هن کي ته هن حال ۾ رسايو اٿن ” هن چرين جي اسپتال ۾ اهڙا هزارين داستان آهن“ مُهنجي نئين دوست چيو“ اسان هن وقت هڪ انتها ۽ خود غرض نمودار ٿيندڙ نئين جنريشن جي چڪيءَ ۾ پئجي چُڪا آهيون جن هن معاشري کي بي حس بڻائي ورتو آهي، هتي ته ڪڪڙيون به هاڻ بنان ڪُڪڙ جي آنا پيون ڏين، گلاب جي گلن جون خوبصورت ڇوڪريون ميڊيا جي چنگل ۾ ڦاسي گهٽي گهٽي رُلنديو وتن“ مون وارو دوست شايد وري پٽڙيءَ تان پئي لٿو ۽ اول فول پئي بڪيائين، ان جو سبب اهو هو ته پوڙهي جي رُئڻ تي اسٽاف جا ماڻهون به گڏ پئي ٿيا ۽ شايد اُنهن کي ڏسي هن بڪواس شروع ڪئي هُئي “ يار تون ته اصل مارائي وجهندي ۽ مُهنجي پلان کي چوپٽ ڪندي“ اسٽاف کي ويندي هن چيو ” موسان گڏوگڏ تون به شروع ٿي ويندو ڪر، نه ته هتان نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو“ ، “ ڀائو! مُهنجي چرئي ٿي رهڻ جي اڃان پوري پريڪٽس ڪان ٿي آهي“ مان چوڻ لڳس“ ڪجه نه ته هرونڀر کلندو ره“ هن ٻُڌايو“ ڪجه خبر ته پوي ته تون به چريو آهي.“ اسان هن پوڙهي کي اُتي ڇڏي ٽڙ وڃڙ ٿي وياسون. سين يارهون مون لاءِ اهاِ آساني ٿي وئي هُئي ته هن نئين دوست جي ڪري مونکي آرام سان ماني وغيره پئي هٿن ۾ پئي ملي ۽ دوائون به۽ پوءَ اهو ڪمرو ڏيکاريو ويو جنهن تي مُهنجو بيڊ لڳل هو، اتي ٻيا به بيڊ هُئا، خبر پئي ته هن ڪمري ۾ اهڙين چرين کي رکيل آهي جيڪي گهنا خطرناڪ ناهن، مار ڌاڙ جهيڙن وارا چريا ٻي ڪنهن هنڌ رکيا وينا هُئا، ٻ ڏينهن ته ائين ئي گُزري ويا، پر لڳو ائين پئي ته مان هتي شايدسالن کان آهيان، هر لمحو مون لاءِ مشڪل ترين هو، مونکي پوري دُنيا تي ڪاوڙ پئي آئي، پنهنجي پاڻ تي، هن ڪمبخت تي جنهن ڦاسايو هوم، آفيس هي دوستن تي، گهروارن تي جيڪي مونکي چريو سمجهي وساري ويٺا هُئا. ٽي ڏينهن هڪ صبح ڊاڪٽر ۽ ٽيم وارڊ جي وزٽ ڪندي مون وٽ آيو ” ڇا نالو آهي تُنهنجو؟ “ هن پُڇيو “ کُڙ ٻڙ کُٻيتو!“ مون جوب ڏنمانس “ اوه! هن کي مايوسي ٿي وئي، هن پنهنجي ڀرسان بيٺل نرس کي چيو “ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اڃا هن جي ذهني ڪيفيت صحيح ڪانهين ٿي، وڃ هن جي وزيٽر کي واپس ڪري اچ“، “ اڙي نه ڊاڪٽر صاحب! ائين نه ڪريو! مون بوکلاهٽ ۾ بيتاب ٿي چوڻ لڳس “ مُهنجو نالو عبدالرازق ميمڻ آهي، مون کڙ کٻيتو بس ائين مذاق ۾ پئي چيو، مون سان ڪير ملڻ آيو آهي؟ شايد مُهنجو دوست اسد چانڊيو هوندو. پليز! مُهنجي هن سان مُلاقات ڪرايو“، “ ڪا اُبتي سُبتي حرڪت ته ڪون ڪندين؟“، “ اڙي نه سر! مان ايترو به چريو ڪون آهيان“ مون چيو“ مون کي ڀلا ڪهڙي حرڪت ڪرني آ“، “ ته پوءِ اچ مُنهنجي آفيس ۾“
سين ٻارهون ڊاڪٽر مونکي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، مان حيرت م اچي ويس اتي اسد چانڊيو نه پر اهو ئي ڪمبخت موجود هو، جي ها اُهوئي نامراد، جنهن جي ڪري آئون چرين جي اسپتال ۾ پُهتو آهيان. هو چرين جي اسپتال ۾ به موسان ملاقات ڪرڻ اچي پُهتو هو، هن کي ڏسي مُنهنجو دماغ ته تندور وانگر تپجي گرم ٿي ويو، مون کي ته هوش ئي نه رهيو ته مونکي پاڻ تي قابو رکڻو آهي نه ته وڌيڪ نقصان پُهچندو، مون نه ڪئي هم نه تم جمپ ڏئي سڌو وڃي ڪالر ۾ هٿ وڌومانس “ مردود! ذليل انسان! ڪميڻا!، نيچ انسان هاڻ تون وري آيو آهين مُهنجو تماشو ڏسڻ؟ اڃان ڪيترو برباد ڪندي مونکي؟، ” ، اڙي! اڙي! هي تون ڇا پيو ڪرين“ هو گهٻرائجي پُٽيان هٽڻ لڳو “ مان توکي جان سان ماري ڇڏيندُس“ ائين چئي مون مُڪ وهائي ڪڍمانس، بس اهائي مُهنجي غلطي هُئي ڊاڪٽر ۽ ان جي عملي مونکي ٻکي وڌو ۽ زبردستي اُبتوليٽائي مُهنجي ٻُنڊڻ تي انجيڪشن هڻي مونکي بيهوش ڪري ڇڏيو. سين تيرهون جڏنهن هوش آيم ته مان هڪ ننڍڙي ڪال ڪوٺڙي نمان ڪمري ۾اڪيلو بند هوس، هن ڪمري ۾ به لوهي سلاخن جهڙو دروازو هو جنهن کي باهران ڪُفل لڳل هو ڪفل لاهي، هڪ وڏو ۽ هڪ ننڍو ڊاڪٽر اندر آيا ۽ ننڍو ڊاڪٽر مُهنجي رپورٽ ڏيڻ لڳو “ جي سر! هي آهي اهو مريض جيڪو روز بروز خطرناڪ ٿيندو وڃي، ٿورري ٿورڙي ڳاله تي وڙهڻ مارڻ تي تيار ٿيو وڃي ان ڪري هن کي ٻين مريضن کان جُدا رکيو اٿئون“ ، “ هون! ته اها ڪيفيت اٿس! ٺيڪ ڊاڪٽر ڀٽي! ائين ڪر جو اڄ کان هن کي روزانو اليڪٽرڪ شاڪ ڏئي ۽ پوءِ ڏسون ٿا ته رزلٽ ڇا ٿي اچي؟“ وڏي ڊاڪٽر آرڊر ڏنو، ته مان جمپ ماري اُٿي ڊاڪٽر جي پيرن تي ڪري پيس “ خدا جي واسطي ڊاڪٽر صاحب.. رحم ڪريو... مان چريو ناهيان... مونکي سازش ڪري هتي زبردستي داخل ڪرايو ويو آهي، مان هڪ پڙهيل لکيل بلڪل هوشمند انسان آهيان“ ، “پوءِ تو هن وزيٽر تي ڇو حملو ڪيو“، “ داڪٽر صاحب! هن ڪمبخت جي ڪري ئي ته مان هن حال تي پُهتو آهيان“ مون چيو“ هن هڪ معمولي ڳاله کي ڳالهوڙو بڻائي، رسيءِ کي ناگ ڪري ڇڏيو، الله ڄاڻي هو مون مان ڪهڙي دشمني پيو ڪڍي جڏنهن ته مون هن کي ڪڏنهن به ڏٺو ناهي نه ئي ڪٿي ڪو مليو آهيانس، قسم الله پاڪ سُنهاري جو مان هن کي سڃاڻان به ڪونه ٿو“ ، “ بظاهر ته هن جون ڳالهيون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ پيون لڳن“ وڏي ڊاڪٽر ننڍي کي چيو“ پوءِ هي خطرناڪ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ “ هن جي ڪيس هسٽري اهوئي ٻُڌائي ٿي سر! هي گهڻئي ڀيرا هن شخص تي حملو ڪري چُڪو آهي“، “ ممڪن آهي ٻنهين جي وچ ۾ ڪا پُراڻي دُشمني رهي هُجي؟“، ” نه سر! ڪا دُشمني وغيره نٿي ڏسجي، هاڻ پاڻ به چوي پيو ته هي ان شخص کي سڃاڻي ڪونه ٿو“، ” اوه1 ته اها ڳاله آهي! مطلب ته هي ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي ڏسي ٿو ته هن جا هارمون مُتحرڪ ٿي وڃن ٿا“، “ يئس سر! ائين ٿيندو آهي“ ٻئي ڊاڪٽر چيو“ توهان پاڻ به مُشاهدو ڪري ورتو، جيئن هو شخص هن جي ويجهو آيو، هن تي جنوني ڪيفيت طاري ٿي وئي“ ، “ اوڪي! اهو ماڻهون اڃان به ٻاهر بيڄو هوندو، ان کي گهُرايو تهمان پاڻ ڏسان ته هن جي اچڻ سان هن جا هارمون ڪيتري تيزيءَ سان حرڪت ۾ اچن ٿا“،“ يئس سر! هاڻ ئي گهرائي ٿو وٺانس.
سين چوڏهون ننڍو ڊاڪٽر ته هن ڪمبخت شخص کي سڏڻ هلي ويو ۽ مون تيزيءَ سان پئي رٿا بندي پئي ڪئي ته بجليءَ جي شاٽن کان جند ڪيئن ڇڏايان، جي هو شخص آيو ته هاڻ مونکي ريش هرگز ٿيڻ نه گهرجي، ڇو جو ان جو نتيجو ڀوڳي چُڪو آهيان، بلڪل مان پاڻ کي هن جي سامهون نارمل رکان ۽ جيترو به ممڪن ٿئي خوش اخلاقيءَ جو مظهاهرو ڪريان، وڏو ڊاڪٽر به چور نظرن ۽ تنقيد سان مونکي جانچي رهيو هو، ڪجه دير کان پوءِ ننڍو ڊاڪٽر ۽ هو ڪمبخت شخص ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ مون به پنهنجي پاليسي بدلائي ڇڏي هُئي. هن جي ويجهو ايندي ئي مون ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو “اڙي يار! تون ته صفا ڪو بي مروت انسان نڪتين، هڪ طرف ته مُهنجو ايڏو خيال پئي رکيئي ته ٻي طرف مونکي هتي داخل ڪرائي وساري ويٺين؟ “ هو سڀئي مونکي معني خيز نظرن سان تورڻ لڳا، پوءِ مون کين پوءِ مان چوڻ شروع ٿي ويس“توهان کي يقين اچي يا نه گهڻيئي دفعا خيال آيو ته توهان کي فون ڪري گهرائي وٺان پر ڇا ڪريان هتي اهڙي قسم جي سهولت ئي ڪانهين، بهر حال خوشي ٿي جو توهان پاڻ ئي پُهچي ويا“ ، ” هاڻ هي ڇا آهي، سمجه ۾ اچي پيو؟“ وڏي ڊاڪٽر ننڍي کان سوال ڪيو“، ” هي ته اڃان به خطرناڪ صورتحال آهي سر!“ ننڍي ڊاڪٽر چيو “مون سمجهوه! تون آخر ڇا پيو ڇوڻ چاهين، يعني هي ايم پي ڊي جو کيڏ آهي”“ وڏي ڊاڪٽر چيو “ يئس سر سئو سيڪڙو“ ، “۽ هي ايم پي ڊي ڇا آهي؟“ هن شخص به بهرو ورتو “ ملٽيپل پرسنالٽي ڊس آرڊر“ وڏي ڊاڪٽر چيس “ هن ۾ مريض پنهنجي اندروني ڪيفيتن کي لڪائي پاڻ کي مهذب ظاهر ڪندو آهي پر هن جي اندر ۾ باه پئي ڀڙڪندي آهي، موقع ملندي ئي هو ڪُجه به ڪري سگهي ٿو”، “ جي سر! مان به اهو پيو سمجهان“ هن شخص بهوچ ۾ ٽپي ڳالهايو“ هي زبان سان ته ڪجه ٻيو پيو چوي پر هن جي اکين جا ڦرندڙ تارا ڪُجه ٻيو پيا ڏسين“، “ اري ڀائو! تون ڇو وري مُهنجي پٺيان اچي پئين“ مون به وري گڙ گڙائڻ شروع ڪري ڏنو“ مون تنهجو ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻوڙي ورتو آهي جو پُٺيان پئجي ويو آهين، ڪجه خدا جو خوف اٿئي يا نه“، “ هي هن جي مريض جو ٽيون روپ آهي ڊاڪٽر“ وڏي ننڍي کي سمجايو” همدردي حاصل ڪرڻ وارو“، “ يا خدا! ڇا ڪريان!” مون پنهنجو مٿو گيٽ جي راڊن سان ٽڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو “ هي هن جو چوٿون روپ آهي، پنهنجو پاڻ تي ظلم، خودڪشي ڪرڻ جو رجهان“ پوٰ اسٽاف جا ڪي ماڻهو ڊوڙندا آيا، مونکي هڪ دفعو وري پڪڙي ، اونڌو ڪري ٻُنڊڻ تي سئي چُڀائي وئي.
سين پنڌرهون هوش آيم ته ڏٺم ته آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ سمجهندڙ شخص مونهنجي بيڊ وٽ بيٺو هومون هوش ۾ اچي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو “مان ولي خان زرداري آهيان، هن جي چوٿين اولاد پنهنجي پنجين پُشت مان پئدا ٿي هُئي، ۽ مان ڇهين پُشت مان آهيان“، “ بس! بس!هن مونکي خاموش ڪرايو“ڪا ضرورت ناهي اول فول ڳالهائڻ جي، هن وقت نه توکي ڪير ڏسي پيو ۽ نه ئي ٻيو هتي آهي؟ ڪير ڏسي يا نه ڏسي مان اوسامه بن ايوب خان آهيان“، “ خاموش ره! مان تنهجي ڏُک کي سمجهان پيو“ هن مونکي چيو“ توسان واقعي ڏاڍي زيدتي پئي ٿئي، پر هاڻ تون فڪر نه ڪر، اڄ رات جو اسان هتان فرار ٿي نڪرڻ وارا آهيون“، “ اهو وري ڪيئن؟“ رات جي وقت ڌوٻي پنهنجي گڏه گاڏي کڻي ايندو آهي“ هن ٻُڌايو“ هن جي گاڏي ۾ گندا ڪپڙا رکبا آهن اسان انهن ڪنن ڪپڙن وچ ۾ لڪي ويهنداسون، مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي“، “ جي ڪنهن ڏسي ورتو ۽ پڪڙجي پياسون ته؟“، “ڪير به ڪونه ڏسندو، گڏه گاڏي جتي بهندي آهي اُتي بلڪل اونده هوندي آهي، اسان اونده جو فائدو وٺي ڪنن ڪپڙن ۾ پاڻ لڪائي ويهي رهنداسون، هو ٻيا ڪپڙا اسان مٿان وجهندا ويندا ۽ پاڻ لڪي وينداسون، ٻاهر نڪري ڪنهن پناهگاه ڏانهن ڀڄي وينداسون“، “ ها اها ترڪيب چڱي آهي“ مون به هن جي ترقيب سان اتفاق ڪري ورتو، بس رڳو هڪ ڀيرو هن جنجال مان جاند آجي ٿئي پوءِ هڪ هڪ کي ڏسي وٺندُس“ سين سورهون رات جو اٺين لڳي گڏه گاڏي اچي پُهتي، اسان ستين وڳي کان ئي جهاڙين ۾ لڪي ويهي رهيا هُئاسون، مان ان وقت ڏاڍي جوش ۾ هوس، گڏه گاڏي اچي پُهتي خراب ڪپڙن جو هڪ حصو رکجي چُڪو هو جيڪو اسان کي لڪائڻ لاءِ ڪافي هو، ڪپڙن گڏ ڪري رکڻ وارو آيو ويو پئي، مُهنجي ساٿيءَ جي اشاري سان مان اڳتي وڌي ڪپڙن ۾ لڪي ويهي رهيس. بس پوءِ هڪدم جهڙي قيامت برپا ٿي وئي هو ڪم بخت ساٿي به ڀولڙن وانگ تُپ ٽپا ڏئي گور ڪرڻ لڳو “ اڙي پڪڙيو! پڪڙيو! آصف زرداريءَ جو پڦاٽ چرين جو مُلڪ ڇڏي فرار ٿي پيو وڃي، پُڦاٽ! ڀڄي پيو! صدر صاحب جو پُڦاٽ کي پڪڙيوس“ هن جو گوڙ گهمسان ٻڌي چرين جي اسپتال جو پورو اسٽاف جمع ٿي ويو، سائرن وڄي ويا هو ڀولڙن وانگ ر ٽپا ڏئي ڳائندو پئي ويو، ”صدر صاحب، صدر صاحب، هاءِ مهنگائي، گرمي، هاءِ بجلي، اڙي گهوڙا ڙي پاڻي ۾ مُنهنجو سڄو ڳوٺ ٻُڏي ويو.. هم ڪهان تُم ڪهان چل ميري گهوڙي ٽم ٽم.. ها! ها! ها! “ هن کي ته پڪڙي اندر وارڊ ۾ پوهچايو ويو، جڏنهن ته اسپتال جي عملي مون تي به تشدد ڪري گڏه گاڏيءءَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، هڪ دفعو وري اونڌو ليٽائي ٻُنڊڻ تي بيهوشيءَ جي انجيڪشن هنئي وئي.
سين سترهون ۽ آخري ڇا ته مُهنجو نصيب ۽ قسمت هُئيو بس تڏنهن کان ئي مان ته انجيڪشن جي سهاري ئي پيو هلان، اها ته پوءِ خبر پئي ته آصف زرداريءَ جي پڦاٽ جو نالو کڻندڙ به صحيح الدماغ ڪونه هو، هن تي به ڪڏنهن ڪڏنهن چريائپ جا د.ورا پوندا هُئا ۽ جڏنهن هو نارمل حالت ۾ ايندو هو ته ڪو به چئي نه سگهندو هو ته ڪو هو پاگل يا مست ماڻهو آهي. هن مونس سان ملي ڀڄي نڪرڻ جي پلاننگ ته زبردست ڪئي هُئي پر عين اھن وقت تي هن ڪمبخت تي به اچي دئورو پيو ۽ مان پڪڙجي پيس. هن دفعي به مونکي هڪ بند ڪوٺڙيءَ ۾ خطرناڪ پاگل قرار ڏئي بند ڪيو ويو آهي، مُهنجي مايوسي تمام انتها تي رسي چُڪي هُئي، مان سمجهي ويس ته هاڻ هن چرين جي دُنيا ۾ هميشه رهڻو پوندو ۽ شايد ڪو هتان نڪري سگهان. سڀئي مونکي وساري چُڪا هُئا، آفيس وارا، ڀاءُ ڀيڻ، مٽ مائٽ ۽ رباب پڻ. ۽ ها پر هڪ ماڻهوءَ مون سان اڃا به مون رابطو رکيو، توهان سمجي ويا هوندا نه ته اهو ڪير آهي، جي ها، اُهوئي مردود ۽ هاڻ توهان به سوچي ويٺا هوندا ته جڏنهن مان چرين جي اسپتال ۾ بند آهيان ته آکاڻي ڪيئن لکي هونديم ۽ ڪيئن توهان تائين پهچائي هونديم، هن جو جواب آهي ته هي ڪهاڻي مون ڪنهن کي ڊڪٽيڪٽ ڪرائي آهي، مان ڳالهائندو هُئس، هو لکندو هو، ڪير.. جي ها اُهوئي ساڳيو مردود شخص.. جنهن مونکي هتي تائين پُهچايو ۽ مون ئي ان کي استعمال ڪري ڊڪٽيشن ڏني. هاڻ توهان ئي ٻوڌايو ته ڇا اهڙي ستم ظريفيءَ جو ڪو جواب ٿي سگهي ٿو؟ مان آخر ۾ ايترو چوندس ته جي توهان به ڪڏنهن راه ۾ هلندي ڪنهن شي تان ٿاٻڙجي ڪري پئو ته پليز فورن اُٿي ڀڄي وڃجو، ڇو جو، ڪو به ڀروسو ڪونهين ته ڪو شخص اوهان جي مدد بهاني توهان جي پُٺيان پئجي وڃي ۽ توهان کي به مون وانگر هن چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائ اچي. پر ويندي ويندي هڪ ڳاله ڪندو وڃان، جي توهان سان به اهڙو ڪو حادث پيش آيو ته توهان کي اندازو ٿي ويندو ته توهان سان ڇا وهندو واپاربو. جي ها! هاڻ ته مان به ٿو چوان ته مان ئي آهيان صدر پاڪستان آصف زرداريءَ جو پُڦاٽ، نه واصف قريشي، نه منظور قُريشي پر عبدالرزاق ميمڻ. پُڄاڻي.
را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟