ادا عبدالحفيظ لغاري صاحب اسلام عليڪم۔ ادا سائين الله پاڪ جي رحم ؤ ڪرم سان ادي تسليم جو آپريشن جو مرحلو طئي ٿئي ويو ۽ هنن جي صحتيابي جي نويد اوهان ٻڌئي اسان کي خوشين جهڙا احساس ڏياري ڇڏيا۔ ادي جي علاج ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم اوهانجو هئو ۽ ان جي تعريف نه ڪرڻ سچ مچ ته هن فورم جي هڏ ڏوکي ۽ محنتي ؤ محبتي انسان سان زيادتي ٿيندي ۔ادي تسليم کي ته اسان مان ڪير به نه سڃاڻندا هئا،اوهان ئي هو جو هنن جي علاج جو عنديه کڻي نه رڳو هنن کي هن فورم تي متعارف ڪريو پر هر هر لمحي ان جي پرگهور ڪري پنهنجي ويجهن سڄڻن کان وڌيڪ هنن جي علاج ۾ دلچسپي ڏيکاري۔ الله سائين اوهان کي ان جو اجر ڏيندو۔ اسان توهانجي ڪوششن کي ڪاميابي تائين پهچائڻ ۾ ٿوري گهڻي مدد ڪئي پرحقيقت ۾ مبارڪ جا مستحق آوهان آهيو۔ الله پاڪ ڪندو ته ادي تسليم بلڪل صحتياب ٿئي ڪري پنهنجي روزمره ڪم انجام ڏينديون ۽ توهانجون محنتون ڪاميابي سان همڪنار ٿينديون۔هميشه خوش رهو۔