مولانا حافظ ثناءُ الله بن مولانا محمد قاسم سومروبلاول مسجد _ يونيورسٽي ڪالوني _ ڄامشورو سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين جڏهن آءُ ابو نه هيس، اولاد جي نعمت کان خالي هيس، نه دل ۾ ڪو ٻار جو قدر هيو، نه خبر ته اولاد ڪهڙي شيءِ آهي؟ دل جا ٽڪڙا آهن يا زندگي جي آزمائش؟ ان وقت مون وٽ هڪ دوست ملڻ لاءِ ايندو هيو، جنهن سان ڪڏهن ٽي ٻار ته ڪڏهن چار ٻار هوندا هئا، ڪنهن ٻار جو هٿ پيءُ جي قميص ۾ اڳيان چنبڙيل ته ڪنهن جو هٿ قميص جي پٺيان چمٽيل، ڪو چيچ ۾ سڪ ته ڪو ڪَڇَ تي چڙهيل، آءُ ان دوست کي مذاق ۽ ٽوڪ ڪندي چوندي هُيس: مَجنان! هيءُ ماڪوڙا ڪِٿان آندا اَٿئي، جيڪي چئي وانگر چنبڙيا پيا اَٿئي؟ دوست جواب ۾ چوندو هيو: سائين هيءُ ماڪوڙا الله سائين جي حڪم ۽ قدرت سان پيدا ٿيل آهن، ۽ سندس پياري مخلوق آهن، پر سائين خبر تڏهن پونديءِ جڏهن پنهنجا ٿيندءِ. واقعي! هاڻي جڏهن گهر ويندو آهيان ۽ ٻار چنبڙندا اَٿمِ، ته مجنون دوست ته ضرور ياد ايندو اَٿمِ، پر ڀائر به چوندا آهن: ڏي خبر! هيءِ ماڪوڙا آهن يا ٻيو ڪجھ؟ هاڻي جيڪو جواب منهنجي دل ۽ زبان مان نڪرندو آهي سو هن طرح هوندو آهي: ادا روپين سان گڏ ريجو يعني کليا پيسه به ضرور هوندا آهن، ادا گهر جي سونهن ٻار ته آهن! انهن کان سواءِ گهر به ويران خاموش ڀتيون آهن ٻيو ڇا؟ جڏهن ٻار کلندا آهن ته سارو گهر کلندو آهي، جي ٻار منجهيل ته اَبو اَمان اڳيئي پريشان، جي ٻار شور ڪن ته گهر راڻي باغ لڳندو آهي، جي ٻار اسڪول وڃن ته انهن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، ٻارن تي خرچ ڪر ته صدقي جو ثواب ملي، اُنهن جي صدقي ته رِزقُ ٿو ملي، هيءُ فرشته صفت اندر جا اُجرا، نه حسد، نه ڪينو، نه بغض، نه عداوت. ٻيائيءَ جي ته انهن ۾ بوءِ ئي نه! دنيا مفادن کان پاڪ، روئن ته جلد پرچيو وڃن، وِڙهن ته جلد ٺهيو وڃن، اندر ۾ ته رکن ئي ڪونه، ٻارڙا ته صاف شفاف پاڻيءَ وانگر آهن، جن کي جهڙو رنگ ۽ ذائقو اَسان ڏيون، اِخلاق سيکاري مٺو بنايون، يا برائيون سيکاري ڪڙو بنايون، ٻار ته آهن اکين جو ٺار، دل جو سڪون، جنت جي بِشارت، اِهي لفظ آهن اَبي اَمان جا اولاد لاءِ. ان وقت مون کي هڪ واقعو ياد آيو: جنوبي آفريقه ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن جو مقصد هيو ٻارڙن جي حسن جو مقابلو، جيڪو پهريون نمبر آيو ان کي اِنعام ڏنو ويندو، پوءِ ته قدرت جا خلقيل سڀ رنگ اچي گڏ ٿيا، هر گل کي پنهنجي خلقت تي ناز هيو، ۽ حقيقت ۾ جڏهن هر رنگ جو گل ملائبو آهي ته گلدستو تيار ٿيندو آهي، جنهن جي سونهن اڪيلي گل گلاب کي به ماري مات ڏيندي آهي! بهرحال، اُن سونهن جي مقابلي ۾ هڪ حبشي عورت (اَمڙ) به پنهنجي ڪارِڙي پٽ کي شامل ڪيو، جڏهن جج صاحب فيصلي ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي آيو، ته فورن ان حبشي عورت جج صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو: خبردار! خيال سان فيصلو ڪجو! جج صاحب عورت ڏانهن نهاري چيو: اَمان ڇا ڳالھ آهي؟ اُن عورت چيو: اَبا جج صاحب! منهنجو پٽ سڀني ۾ پهريون نمبر آهي، ان کي نمبر ڏجو! جج صاحب چيو: اَمان هيءُ تنهنجو پٽ ته ڪارِڙو آهي! اهو نمبر ڪيئن کڻندو؟ ان عورت چيو: جج صاحب! خدا جي ذات جو قسم! اگر تون منهنجي اکين ۽ دل سان ڏسين، ته ان محفل ۾ منهنجي پٽ کان وڌيڪ ڪير به سهڻو نه آهي. اِها آهي اَبي اَمان جي نظر اولاد لاءِ. واقعي به اها محبت والدين جي دل ۾ نه هجي ته هيءُ معصوم گگدام ڪيئن پلجي سگهندا؟ تڏهن ته هر جانور به پنهنجي ٻچي تي ساھ ڏيندو آهي، پوءِ اي انسان! تون اندازو ته ڪر، حقيقي مالڪ ۽ خالق پالڻهار کي پنهنجي ٻانهن سان ڪيترو ته پيار آهي؟ جنهن پنهنجي قدرت جي هٿ سان اِنسان کي ٺاهيو آهي، تڏهن ته حڪم ڪيائين: اي انسان! تون تيستائين پڪو مسلمان نه آهين، جيستائين ٻين لاءِ به اها سوچ رک جيڪا پنهنجي لاءِ رکندو آهين، ۽ فرمايائين: ته اوهان ۾ ڀلو اهو آهي جيڪو ماڻهن کي نفعو ۽ فائدو ڏئي. اها سوچ، سوچ جي ثناءُ الله هر فرد جي ٿي پوي، ته پوءِ هي معاشرو به جنت جي جهلڪ ۽ خوشبوء ضرور ڏيندا ان شاءَ الله. ساڳي ڌرتي ساڳيا ٻار ناهِن ويڇا ناهن ڌارعطار هي ٻچڙا سنڌڙي جا نِسان مِٽائن پستي جااٿو ته پنهنجا ويڇا وساريون اَچو ته گڏجي علم پرايونساڳي ڌرتي ساڳيا ٻار ناهن ويڇا ناهن ڌار ڪمپوزر: طاهر سنڌي
ڀا طاهر ۔۔۔۔ سهڻن احساسن ۽ جذبن سان ڀريل ليک ۔۔۔۔ پنهنجي تعريف پاڻ آهي ۔۔۔۔ جاندار مان ئي جاندار جي پئدائش ۔۔۔ ۽ وري دل ۾ حساس جذبا جن سان انهن کي پالڻ تاتڻ جا جتن ٿين ٿا ۔۔۔۔ صاحب! تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون!!!!
طاهر سائين خوبصورت لکڻي شيئر ڪرڻ لاء مهربانيون واقعي اولاد بنان گهر ۾ موجود خاموشي ڪجهه مزيدار ناهي لڳندي، ٻارن سان ئي گهر جي سونهن هوندي آهي۔ ٻار پنهنجي والدين لاء ننيا جي سڀ کان حسين تخليق هوندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻآرن جو شور ڪڏهن ڪڏهن گهڻو تنگ به ڪندو آهي ۽ ڪي ماڻهو ٻارڙن سان ايئن پيش ايندا آهن، جيئن ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان۔
ڀاء طاهر عرض ته سنڌ سلامت جي فارميٽنگ طرف ڌيان به ضرور ڏيندا ، جيئن لکڻي وڌيڪ پر ڪشش ۽ خوبصورت نظر اچي ۽ گهڻو ڪري سنڌ سلامت جي ڊفالٽ فونٽ کي ئي استعمال ڪندا ڪريو، جيڪو سڀني وٽ سولائيء سان موجود هوندو آهي۔ هيٺين لنڪ تي ڀيرو ڀري سنڌ سلامت فارميٽنگ بابت ڄاڻ حاصل ڪيو۔ اميد ته پوء اوهان جا ليک وڌيڪ سهڻا لڳندا۔ سنڌ سلامت فارميٽنگ سسٽم۔۔۔
سبحان الله! بهترين انداز سان سبق آموز قصو لکيو ويو آهي جنهن ۾ تحرير کي احساسن کي جهنجوڙيندڙ ڳالھين سان ڄوڙي ضمير کي لوڏيندڙ انداز سان ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ڇو نه قلم هن انداز کي اپنائي جو ليکڪ هڪ اهڙي علمي گهراني جو چشم چراغ آهن جنهنن جي قلم ۽ علم سان دوستي آهي. موصوف جو والد سائين مولانا محمد قاسم سومرو صاحب هجن ، يا سندس ڀاءُ مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب هجن يا وري سليم الله سومرو صاحب هجن الحمدلله سڀئي قلمي ميدان جا شهسوار آهن ، اڄ ادي طاهر سنڌي جي وساطت سان اها خبر پئي ته مولانا حافظ ثناءُ الله سومرو صاحب جن به قلم آزمائي ڪندو آهي ، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهن هن ڳالھ تي ، الله تعالى کان دعا آهي ته اهڙن ماياناز اشخاص کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکن ۽ سندس علمي ڪاوشن سان اسان کي مستفييد ڪندا رهن ، مهرباني ادا طاهر سهڻي ونڊ جي ،
ادا گهر جي سونهن ٻار ته آهن! انهن کان سواءِ گهر به ويران خاموش ڀتيون آهن ٻيو ڇا؟ جڏهن ٻار کلندا آهن ته سارو گهر کلندو آهي، جي ٻار منجهيل ته اَبو اَمان اڳيئي پريشان، جي ٻار شور ڪن ته گهر راڻي باغ لڳندو آهي، جي ٻار اسڪول وڃن ته انهن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، ٻارن تي خرچ ڪر ته صدقي جو ثواب ملي، اُنهن جي صدقي ته رِزقُ ٿو ملي، هيءُ فرشته صفت اندر جا اُجرا، نه حسد، نه ڪينو، نه بغض، نه عداوت. ٻيائيءَ جي ته انهن ۾ بوءِ ئي نه! دنيا مفادن کان پاڪ، روئن ته جلد پرچيو وڃن، وِڙهن ته جلد ٺهيو وڃن، اندر ۾ ته رکن ئي ڪونه، ٻارڙا ته صاف شفاف پاڻيءَ وانگر آهن، جن کي جهڙو رنگ ۽ ذائقو اَسان ڏيون، اِخلاق سيکاري مٺو بنايون، يا برائيون سيکاري ڪڙو بنايون، ٻار ته آهن اکين جو ٺار، دل جو سڪون، جنت جي بِشارت، اِهي لفظ آهن اَبي اَمان جا اولاد لاءِ. ادا طاهر سنڌي اسلام عليڪم۔،محترم حافظ ثناالله بن مولانا محمد قاسم سومرو صاحب جو ليک اولاد والدين جي نظر ۾ پنهنجي اندر تمام گهڻو فڪر اولاد جي محبت جي باري ۾ رکي ٿو جيڪو مٿين الفاظن مان صاف ظاهر ٿئي رهيو آهي۔ليک ۾ الفاظن جو انتخاب به ڏاڍو خوبصورت آهي۔هي ليک پنهنجي مرڪزي سوچ ؤ فڪر ۽ الفاظن جي استعمال جي ڪري اسان جي دل ۾ جڳه ٺاهي ورتي آهي۔توهانجون مهربانيون۔