اولاد! اَبي اَمان جي نظر ۾

'مقالا' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2012۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مولانا حافظ ثناءُ الله بن مولانا محمد قاسم سومرو
    بلاول مسجد _ يونيورسٽي ڪالوني _ ڄامشورو

    سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
    جڏهن آءُ ابو نه هيس، اولاد جي نعمت کان خالي هيس، نه دل ۾ ڪو ٻار جو قدر هيو، نه خبر ته اولاد ڪهڙي شيءِ آهي؟ دل جا ٽڪڙا آهن يا زندگي جي آزمائش؟ ان وقت مون وٽ هڪ دوست ملڻ لاءِ ايندو هيو، جنهن سان ڪڏهن ٽي ٻار ته ڪڏهن چار ٻار هوندا هئا، ڪنهن ٻار جو هٿ پيءُ جي قميص ۾ اڳيان چنبڙيل ته ڪنهن جو هٿ قميص جي پٺيان چمٽيل، ڪو چيچ ۾ سڪ ته ڪو ڪَڇَ تي چڙهيل، آءُ ان دوست کي مذاق ۽ ٽوڪ ڪندي چوندي هُيس: مَجنان! هيءُ ماڪوڙا ڪِٿان آندا اَٿئي، جيڪي چئي وانگر چنبڙيا پيا اَٿئي؟ دوست جواب ۾ چوندو هيو: سائين هيءُ ماڪوڙا الله سائين جي حڪم ۽ قدرت سان پيدا ٿيل آهن، ۽ سندس پياري مخلوق آهن، پر سائين خبر تڏهن پونديءِ جڏهن پنهنجا ٿيندءِ.

    واقعي! هاڻي جڏهن گهر ويندو آهيان ۽ ٻار چنبڙندا اَٿمِ، ته مجنون دوست ته ضرور ياد ايندو اَٿمِ، پر ڀائر به چوندا آهن: ڏي خبر! هيءِ ماڪوڙا آهن يا ٻيو ڪجھ؟ هاڻي جيڪو جواب منهنجي دل ۽ زبان مان نڪرندو آهي سو هن طرح هوندو آهي:
    ادا روپين سان گڏ ريجو يعني کليا پيسه به ضرور هوندا آهن، ادا گهر جي سونهن ٻار ته آهن! انهن کان سواءِ گهر به ويران خاموش ڀتيون آهن ٻيو ڇا؟ جڏهن ٻار کلندا آهن ته سارو گهر کلندو آهي، جي ٻار منجهيل ته اَبو اَمان اڳيئي پريشان، جي ٻار شور ڪن ته گهر راڻي باغ لڳندو آهي، جي ٻار اسڪول وڃن ته انهن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، ٻارن تي خرچ ڪر ته صدقي جو ثواب ملي، اُنهن جي صدقي ته رِزقُ ٿو ملي، هيءُ فرشته صفت اندر جا اُجرا، نه حسد، نه ڪينو، نه بغض، نه عداوت. ٻيائيءَ جي ته انهن ۾ بوءِ ئي نه! دنيا مفادن کان پاڪ، روئن ته جلد پرچيو وڃن، وِڙهن ته جلد ٺهيو وڃن، اندر ۾ ته رکن ئي ڪونه، ٻارڙا ته صاف شفاف پاڻيءَ وانگر آهن، جن کي جهڙو رنگ ۽ ذائقو اَسان ڏيون، اِخلاق سيکاري مٺو بنايون، يا برائيون سيکاري ڪڙو بنايون، ٻار ته آهن اکين جو ٺار، دل جو سڪون، جنت جي بِشارت، اِهي لفظ آهن اَبي اَمان جا اولاد لاءِ.

    ان وقت مون کي هڪ واقعو ياد آيو: جنوبي آفريقه ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن جو مقصد هيو ٻارڙن جي حسن جو مقابلو، جيڪو پهريون نمبر آيو ان کي اِنعام ڏنو ويندو، پوءِ ته قدرت جا خلقيل سڀ رنگ اچي گڏ ٿيا، هر گل کي پنهنجي خلقت تي ناز هيو، ۽ حقيقت ۾ جڏهن هر رنگ جو گل ملائبو آهي ته گلدستو تيار ٿيندو آهي، جنهن جي سونهن اڪيلي گل گلاب کي به ماري مات ڏيندي آهي! بهرحال، اُن سونهن جي مقابلي ۾ هڪ حبشي عورت (اَمڙ) به پنهنجي ڪارِڙي پٽ کي شامل ڪيو، جڏهن جج صاحب فيصلي ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي آيو، ته فورن ان حبشي عورت جج صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو: خبردار! خيال سان فيصلو ڪجو! جج صاحب عورت ڏانهن نهاري چيو: اَمان ڇا ڳالھ آهي؟ اُن عورت چيو: اَبا جج صاحب! منهنجو پٽ سڀني ۾ پهريون نمبر آهي، ان کي نمبر ڏجو! جج صاحب چيو: اَمان هيءُ تنهنجو پٽ ته ڪارِڙو آهي! اهو نمبر ڪيئن کڻندو؟ ان عورت چيو: جج صاحب! خدا جي ذات جو قسم! اگر تون منهنجي اکين ۽ دل سان ڏسين، ته ان محفل ۾ منهنجي پٽ کان وڌيڪ ڪير به سهڻو نه آهي. اِها آهي اَبي اَمان جي نظر اولاد لاءِ.
    واقعي به اها محبت والدين جي دل ۾ نه هجي ته هيءُ معصوم گگدام ڪيئن پلجي سگهندا؟ تڏهن ته هر جانور به پنهنجي ٻچي تي ساھ ڏيندو آهي، پوءِ اي انسان! تون اندازو ته ڪر، حقيقي مالڪ ۽ خالق پالڻهار کي پنهنجي ٻانهن سان ڪيترو ته پيار آهي؟ جنهن پنهنجي قدرت جي هٿ سان اِنسان کي ٺاهيو آهي، تڏهن ته حڪم ڪيائين: اي انسان! تون تيستائين پڪو مسلمان نه آهين، جيستائين ٻين لاءِ به اها سوچ رک جيڪا پنهنجي لاءِ رکندو آهين، ۽ فرمايائين: ته اوهان ۾ ڀلو اهو آهي جيڪو ماڻهن کي نفعو ۽ فائدو ڏئي.
    اها سوچ، سوچ جي ثناءُ الله هر فرد جي ٿي پوي، ته پوءِ هي معاشرو به جنت جي جهلڪ ۽ خوشبوء ضرور ڏيندا ان شاءَ الله.

    ساڳي ڌرتي ساڳيا ٻار ناهِن ويڇا ناهن ڌار
    عطار هي ٻچڙا سنڌڙي جا نِسان مِٽائن پستي جا
    اٿو ته پنهنجا ويڇا وساريون اَچو ته گڏجي علم پرايون
    ساڳي ڌرتي ساڳيا ٻار ناهن ويڇا ناهن ڌار


    ڪمپوزر: طاهر سنڌي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀا طاهر ۔۔۔۔ سهڻن احساسن ۽ جذبن سان ڀريل ليک ۔۔۔۔ پنهنجي تعريف پاڻ آهي ۔۔۔۔ جاندار مان ئي جاندار جي پئدائش ۔۔۔ ۽ وري دل ۾ حساس جذبا جن سان انهن کي پالڻ تاتڻ جا جتن ٿين ٿا ۔۔۔۔

    صاحب! تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون!!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طاهر سائين خوبصورت لکڻي شيئر ڪرڻ لاء مهربانيون

    واقعي اولاد بنان گهر ۾ موجود خاموشي ڪجهه مزيدار ناهي لڳندي، ٻارن سان ئي گهر جي سونهن هوندي آهي۔ ٻار پنهنجي والدين لاء ننيا جي سڀ کان حسين تخليق هوندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻآرن جو شور ڪڏهن ڪڏهن گهڻو تنگ به ڪندو آهي ۽ ڪي ماڻهو ٻارڙن سان ايئن پيش ايندا آهن، جيئن ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاء طاهر عرض ته سنڌ سلامت جي فارميٽنگ طرف ڌيان به ضرور ڏيندا ، جيئن لکڻي وڌيڪ پر ڪشش ۽ خوبصورت نظر اچي ۽ گهڻو ڪري سنڌ سلامت جي ڊفالٽ فونٽ کي ئي استعمال ڪندا ڪريو، جيڪو سڀني وٽ سولائيء سان موجود هوندو آهي۔ هيٺين لنڪ تي ڀيرو ڀري سنڌ سلامت فارميٽنگ بابت ڄاڻ حاصل ڪيو۔ اميد ته پوء اوهان جا ليک وڌيڪ سهڻا لڳندا۔

    سنڌ سلامت فارميٽنگ سسٽم۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي، مهرباني، اڳتي ان طرف ڌيان ڏنو ويندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سبحان الله!
    بهترين انداز سان سبق آموز قصو لکيو ويو آهي جنهن ۾ تحرير کي احساسن کي جهنجوڙيندڙ ڳالھين سان ڄوڙي ضمير کي لوڏيندڙ انداز سان ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ڇو نه قلم هن انداز کي اپنائي جو ليکڪ هڪ اهڙي علمي گهراني جو چشم چراغ آهن جنهنن جي قلم ۽ علم سان دوستي آهي.
    موصوف جو والد سائين مولانا محمد قاسم سومرو صاحب هجن ، يا سندس ڀاءُ مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب هجن يا وري سليم الله سومرو صاحب هجن الحمدلله سڀئي قلمي ميدان جا شهسوار آهن ، اڄ ادي طاهر سنڌي جي وساطت سان اها خبر پئي ته مولانا حافظ ثناءُ الله سومرو صاحب جن به قلم آزمائي ڪندو آهي ، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهن هن ڳالھ تي ، الله تعالى کان دعا آهي ته اهڙن ماياناز اشخاص کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکن ۽ سندس علمي ڪاوشن سان اسان کي مستفييد ڪندا رهن ، مهرباني ادا طاهر سهڻي ونڊ جي ،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا گهر جي سونهن ٻار ته آهن! انهن کان سواءِ گهر به ويران خاموش ڀتيون آهن ٻيو ڇا؟ جڏهن ٻار کلندا آهن ته سارو گهر کلندو آهي، جي ٻار منجهيل ته اَبو اَمان اڳيئي پريشان، جي ٻار شور ڪن ته گهر راڻي باغ لڳندو آهي، جي ٻار اسڪول وڃن ته انهن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، ٻارن تي خرچ ڪر ته صدقي جو ثواب ملي، اُنهن جي صدقي ته رِزقُ ٿو ملي، هيءُ فرشته صفت اندر جا اُجرا، نه حسد، نه ڪينو، نه بغض، نه عداوت. ٻيائيءَ جي ته انهن ۾ بوءِ ئي نه! دنيا مفادن کان پاڪ، روئن ته جلد پرچيو وڃن، وِڙهن ته جلد ٺهيو وڃن، اندر ۾ ته رکن ئي ڪونه، ٻارڙا ته صاف شفاف پاڻيءَ وانگر آهن، جن کي جهڙو رنگ ۽ ذائقو اَسان ڏيون، اِخلاق سيکاري مٺو بنايون، يا برائيون سيکاري ڪڙو بنايون، ٻار ته آهن اکين جو ٺار، دل جو سڪون، جنت جي بِشارت، اِهي لفظ آهن اَبي اَمان جا اولاد لاءِ.

    ادا طاهر سنڌي اسلام عليڪم۔،محترم حافظ ثناالله بن مولانا محمد قاسم سومرو صاحب جو ليک اولاد والدين جي نظر ۾ پنهنجي اندر تمام گهڻو فڪر اولاد جي محبت جي باري ۾ رکي ٿو جيڪو مٿين الفاظن مان صاف ظاهر ٿئي رهيو آهي۔ليک ۾ الفاظن جو انتخاب به ڏاڍو خوبصورت آهي۔هي ليک پنهنجي مرڪزي سوچ ؤ فڪر ۽ الفاظن جي استعمال جي ڪري اسان جي دل ۾ جڳه ٺاهي ورتي آهي۔توهانجون مهربانيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو