محترم سليمان وساڻ صاحب، توهان جهڙي نموني خوبصورتيء سان ملڪ رياض صاحب جي پريس ڪانفرنس کي تحرير ڪيو آهي ۽ ساڻ اُنهيء پريس ڪانفرنس جي وديوز به شيئر ڪئي آهي هن جي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ته ادا سائين انهن دوستن کي به ڄاڻ ملندي جن اها ڪانفرنس ناهي ٻُڌي ۽ ڏٺي...... هن بهترين ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک ٿورا سائين....... َ
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔ عجيب لڳو اوهان جو هي جواب ۔۔۔۔۔۔۔ اعتزاز تمام وڏو ماڻهو هجڻ سان گڏ بلند ڪردار جو مالڪ آهي۔ هو ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي ساک ڪڏهن به برباد نه ڪندو ۔۔۔۔۔ پر اصل ۾ اسان ۾ ٻڌڻ ۽ يقين ڪرڻ جا پيمانا الڳ الڳ آهن ۔۔۔ !!!!
ادا لالچ ۽ پيئسو اهڙي ته بري چيز آهي ، جو چڱا ڀلا جهڪي ٿا پون، ، جنهن جو صرف هڪ مثال ڏيان، محترم سائين محمد امين فهيم صاحب (امين ’ فهيم ‘ ، مخدوم: سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو موجوده ۽ پندرهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر ، مخدوم محمد امين ” فهيم “ ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 -آگسٽ- 1939ع تي ڄائو . سندس نالو ” محمد امين “ رکيو ويو ، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ” پکن ڌڻيءَ “ جي نسبت سان کيس ” ڏاڏا سائين “ به چيو ويندو آهي . شروعاتي تعليم هالا مان ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪيائين . هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي . پهريائين ” امين “ تخلص اختيار ڪيائين ، پر هاڻي مخدوم امين ، شاعريءَ ۾ ” فهيم “ تخلص اختيار ڪندو آهي . جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: ” مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار ، محبت ۽ رِقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن ، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ ۾ ٿين ٿا . “ هن غزل جي عمدي شاعري ڪئي آهي ، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيا اٿس . سندس -ٻولي- پختي ، رسيلي ۽ مٺي آهي . پنهنجي والد بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي ريٽو ٿيو . سندس ڪلام جو مجموعو ” پيغام “ ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي . سندس جوانيءَ جي دور ۾ ، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو ، جنهن جو سبب سندس سياسي ، فلاحي ، قومي ۽ خانداني مصروفيتون آهن . هن سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو . ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو ، پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي تي فائز ٿيو . 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جو وزير ٿيو . 1983ع ۾ ايم . -آر- . ڊي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو . 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر ٿيو . 1990 ، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو . انهن چونڊن ۾ جيئن ته پيپلزپارٽي ، اقتدار ۾ نه آئي ، -ان- ڪري کيس وزارت نه ملي ، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو . سياسي طور هن وقت پاڪستان حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽ وفاقي وزير تجارت آهي . -ان- کان سواءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمئن آهي . مخدوم صاحب پنهنجي والد وانگر معتدل سياستدان آهي بشڪريه سنڌيڪا .
) جو جنهن تي به ڪرپشن جا الزامات سامهون آيا آهن جڏهن ته مان سڄي عمر هن شخصيت کي ڪرپشن کان پاڪ شخصيت سمجهندو رهيو آهيان، سندن خانداني پس منظر کي ڏسي ڪري، مگر افسوس ته ائين نه هو،
ارسلان پيءُ جي عدالت مان ڪيس اڪلائڻ لاءِ رقمون ورتيون،دورن تي 34 ڪروڙن کان وڌيڪ خرچ ٿيو:ملڪ رياض
اسلام آباد(رپورٽ: گوهر گهانگهرو) سپريم ڪورٽ ۾ بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض چيف جسٽس جي پٽ ارسلان افتخار کي مبينا رقم ڏيڻ بابت دستاويزي ثبوت عدالت ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ارسلان افتخار پيءُ جي عدالت مان بحريه ٽائون جا ڪيس اڪلائڻ لاءِ رقمون وٺندو رهيو، ارسلان افتخار ۽ خاندان جي لنڊن دوري تي 34 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي، ڊاڪٽر ارسلان افتخار عدالت کي معاملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ ملڪ رياض معاملي جي جاچ لاءِ نيب کي اماڻڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ جسٽس خلجي عارف حسين تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ارسلان افتخار پاران مبينا رقم وصول ڪرڻ بابت ڪيس
جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آڏو ملڪ رياض جي وڪيل زاهد بخاري ڊاڪٽر ارسلان افتخار خلاف دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ۽ تحريري بيان پڙهي ٻڌايو، تحريري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ارسلان ۽ سندس خاندان جي بيروني دورن تي 34 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا آهن، بيان موجب ملڪ رياض چيو آهي ته سلمان احمد خان منهنجو ناٺي آهي ۽ احمد خليل ڊاڪٽر ارسلان جو دوست آهي ۽ احمد خليل ئي منهنجي ناٺي جو ڊاڪٽر ارسلان سان تعارف ڪرايو هو، جڏهن ته ارسلان افتخار منهنجي ناٺي کي بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ رقم حاصل ڪندو رهيو ۽ چيف جسٽس جي پٽ هئڻ جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو، بيان موجب ڊاڪٽر ارسلان ۽ سندس خاندان جو پهريون لنڊن جو دورو جنهن ۾ ڪل خرچ 88 لک 60 هزار 579 رپيا آيو، خاندان جي ٻئي لنڊن جي دوري تي 59 لک 47 هزار 726 رپيا خرچ آيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ارسلان افتخار کي روڪ رقم به ڏني وئي، مختلف قسطن ۾ کيس 32 ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنا ويا، بيان سان گڏ ملڪ رياض پاران ادائگيون، رسيدون ۽ دستاويز شامل ڪيا ويا، ارسلان افتخار کي رينج اوور گاڏي 2010ع ۾ليز تي ڏني وئي، جنهن جي ادائگي حبيب بئنڪ مان ڪئي وئي، ڊاڪٽر ارسلان کي منونٽي ڪارلو اسٽيٽ ۾ اعزازي مهمان جو درجو رهيو ۽ هوٽل ۾ رهائش جي خرچن جي ادائگي سلمان احمد جي بئنڪ اڪائونٽ مان ٿي، ڊاڪٽر ارسلان 25 کان 29 جولاءِ تائين هوٽل دي پيرس ۾ رهائش اختيار ڪئي، ان جي ادائگي به ملڪ رياض جي ناٺي جي اڪائونٽ مان ڪئي وئي، ان هوٽل ۽ رسيدن جون تصويرون به دستاويزن ۾ لڳايون ويون آهن، بيان سان گڏ دستاويزن موجب ارسلان لنڊن جي هوٽل هلٽن جي ڪمري نمبر 2413 ۾ 25 مارچ کان 3 اپريل 2011ع تائين رهيو، بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انهي معاملي ۾ صدر، وزيراعظم يا ڪا سياسي شخصيت سياسي پارٽي يا ڳجهي ايجنسي ملوث ناهي، بيان ۾ملڪ رياض ان ڪيس جي قانوني پوزيشن کي به چئلينج ڪندي چيو آهي ته هي پاڻمرادو نوٽيس نٿو ٺهي ۽ چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس نه وٺڻ گهرجي ها ۽ هن ڪيس جي ٻه رڪني بينچ بدران لارجر بينچ کي ٻڌڻ گهرجي ها، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڪو جاچ جو ادارو ناهي، جاچ جو ڪم پوليس، ايف آءِ اي، نيب، اينٽي ڪرپشن جو ڪم آهي، زاهد بخاري چيو ته ارسلان افتخار تي خرچن جا ثبوت موجود آهن، جسٽس جواد ايس خواجا پڇيو ته ملڪ رياض جي نياڻي جو ڪهڙو ڪاروبار آهي، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته هو برطانوي شهري آهي پراپرٽي جو لنڊن ۾ ڪاروبار ڪندو آهي، جسٽس جواد ايس خواجا ملڪ رياض جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا ملڪ رياض سڌو ارسلان افتخار سان ڊيل ڪئي ۽ رقم وصول ڪئي، جنهن تي ملڪ رياض اچي ٻڌائڻ چاهيو ته جسٽس جواد ايس خواجا کيس روڪيندي چيو ته اوهان سڌو اسان سان مخاطب ٿيڻ بدران وڪيل کي ٻڌايو، جنهن بعد وڪيل ذريعي عدالت کي ٻڌايو ويو ته سڌو ڊيل ناهي ٿي پر سندس نياڻي ذريعي ارسلان جي دوست خليل سڄو ڪم ڪيو، جڏهن زاهد بخاري بيان پڙهي رهيو هو ته ٽائيپنگ جي غلطي سبب چئي ويٺو ته صدر ۽ وزيراعظم ملوث آهن، ان بعد هن درستگي ڪئي، جسٽس جواد ايس خواجا صحافين کان پڇيو ته اوهان جو ڪو ضابطا اخلاق آهي، جنهن تي سي پي اين اي اڳواڻ خوشنود علي خان چيو ته موجود آهي، عدالت اهو ضابطا اخلاق عدالت ۾ طلب ڪري ورتو، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته سچ سامهون اچي، اسان قانون موجب ڪيس هلائينداسين، اٽارني جنرل عرفان قادر چيو ته ڪيس نيب جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ نيب جي قانون ۾ ڪافي بهتر شيون آهن، نيب قانون جي شق 9 تحت هي ڪيس اچي ٿو ۽ نيب کي هي ڪيس اماڻيووڃي، جڏهن ته نيب قانون ۾ پلي بارگين به ٿيندي، اها ان ۾ سٺي ڳالهه آهي، جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته غيرقانوني شيءِ غير قانوني آهي، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته منهنجي نظر ۾ اها ئي خراب ڳالهه آهي ته پلي بارگين ٿي رهي آهي، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اسان سڀني جو مقصد اهو ئي آهي ته اداري تي آڱر نه کڻجي، هن اداري جي آبياري عوام پنهنجي رت ۽ ڳوڙن سان ڪئي آهي، اسان ادارو نه بچائي سگهياسين ته پوءِ اسان جو هتي ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي، زاهد بخاري چيو ته عدالت ملڪ رياض جا ٽيڪس رٽرن جا تفصيل طلب ڪيا آهن پر ارسلان افتخار جا تفصيل طلب ناهن ڪيا، هن چيو ته ملڪ رياض انصار عباسي کي ڪڏهن انٽرويو ناهي ڏنو پر ڪجهه ٽي وي اينڪرز کي مواد ڏيکاريو هو، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته نظام جي اها خاصيت آهي ته جيڪي شيون آهن اهي سامهون اچڻ گهرجن، سچ سامهون ايندو آهي ته عوام فيصلو ڪندو آهي، جڏهن ضرورت پئي ته ارسلان افتخار جا اڪائونٽ به طلب ڪنداسين، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اها ڳالهه اهم سامهون آئي آهي ته ملڪ رياض ارسلان افتخار سان سڌي ڊيل ناهي ڪئي، زاهد بخاري چيو ته لڳي ٿو ته عدالت اڳواٽ ئي ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته مان فيصلي تي جيستائين صحيح نه ڪيان ذهن ناهيان ٺاهيندو، جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته اسان عدالت ۾ خالي ذهن سان ويهندا آهيون، ميڊيا خبرن تي به ڌيان نه ڏيندا آهيون، زاهد بخاري چيو ته عدالت هميشه عدالتي ڪارروائي ٽي وي ٽڪر ۽ اخبارن جي هيڊ لائين تي هلائي آهي، جڏهن ته هن پاڻمرادو نوٽيس به ميڊيا بنياد تي ورتو ويو، جڏهن ته چيف جسٽس به هن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ اهو غير قانوني آهي، هن ۾بنيادي حقن جو معاملو آهي، ملڪ رياض جي وڪيل زاهد بخاري عدالت کي استدعا ڪئي ته هي ڪيس جاچ لاءِ نيب، پوليس، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن کي اماڻيو وڃي، جڏهن ته عدالت ارسلان افتخار جي وڪيل کان پڇيو ته هن ڪيس کي ڪيئن اڳتي وڌايون، اوهان تجويز ڏيو، جنهن تي ارسلان افتخار جي وڪيل سردار اسحاق عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، عدالت پاران اٽارني جنرل کان موقف پڇڻ تي چيو ته نيب کي جاچ اماڻي وڃي، عدالت چيو ته ڌرين جي راءِ سامهون اچي وئي آهي، هاڻي عدالت ان تي غور ڪندي، جسٽس خلجي عارف حسين ملڪ رياض جي وڪيل کي چيو ته اوهان عدالت ۾ انصاف لاءِ آيا آهيو، توهان ته انصاف خريد ڪرڻ جي ڪوشش وڌيڪ ڪندا آهيو، عدالت ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.