عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
ٿيو دنيا کان ويڳاڻو آن
پر پاڻ کي چوندو سياڻو آن
هر ساٿ، سنگت کي وساريو آ
بس توکي هرپل ساريو آ
پيا دوست صلاحون پاڻ ۾ ڪن
ڪو مرض اٿس؟ يا بخاريو آ!!
ڏَسِ ڪيئن ڏسيان مان زماني کي
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ...
ڪو اهڙو جام پياريو آ
تنهنجا نيڻ جڏهن کان نيڻين پيا...
ٻئي پاسي مون نه نهاريو آ
هر وقت پيو توکي ياد ڪيان
هر پهر ۾ توکي پڪاريو آ
گهر گهاٽ جي مونکي پچار ڪٿي؟
هر پنهنجي کي ڪِيو ڌاريو آ
ڪيئن راز ُرفيقن تي کوليان
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ

عمران درويش سومرو
