• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي نيڻن

ٿيو دنيا کان ويڳاڻو آن
پر پاڻ کي چوندو سياڻو آن
هر ساٿ، سنگت کي وساريو آ
بس توکي هرپل ساريو آ
پيا دوست صلاحون پاڻ ۾ ڪن
ڪو مرض اٿس؟ يا بخاريو آ!!
ڏَسِ ڪيئن ڏسيان مان زماني کي
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ...
ڪو اهڙو جام پياريو آ
تنهنجا نيڻ جڏهن کان نيڻين پيا...
ٻئي پاسي مون نه نهاريو آ
هر وقت پيو توکي ياد ڪيان
هر پهر ۾ توکي پڪاريو آ
گهر گهاٽ جي مونکي پچار ڪٿي؟
هر پنهنجي کي ڪِيو ڌاريو آ
ڪيئن راز ُرفيقن تي کوليان
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ
EyesHERO.jpg
عمران درويش سومرو

fm6xp3.jpg
 
ابا درويش ، دنيا جا وڏا وڏا تونگر به انهن نيڻن سان گهائجي، ڪي مجنون ٿيا، ته ڪي پنهون، ته ڪي فرهاد، ته ڪي راڻا ۔۔۔​
الله پناه ۾ رکي هر انهن ڪارين ڪجارارين نيڻن کان، ماڻهون اصل آپي مان نڪري ٿو وڃي ۔۔۔​
نيڻن جي وارتا تي اوهانجو هڪ سهڻو غزل ۔۔۔​
ڏَسِ ڪيئن ڏسيان مان زماني کي
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ...
ڪو اهڙو جام پياريو آ
 
مون ڪنهن سينيئر شاعر دوست کي عرض ڪيو ته مونکي شاعري سکڻي آهي۔ هن مونکان پهريان هڪ سوال ڪيو؟ ته ڇا مون ڪو عشق ڪيو آ ؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ متيون منجهي ويون، اسان ڪڏهن عشق ڪرڻ ته پري پر عشق جي گليء مان به ناهيون گذريا۔

ڪيئن راز ُ رفيقن تي کوليان
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ
سو هاڻي درويش جي شاعري ئي اهڙي آهي جيڪا نيڻن ۽ عشق جي جام جي چوڌاري پئي ڦري ۔۔۔۔ مطلب ته ڪا ڳالهه ضرور آهي۔۔۔۔ خوبصورت شاعري ۽ لفظن جو سٺو استعمال۔
 
سائين بلڪل نيڻن جو جادو ئي اهڙو آهي جو ڪو به نه ٿو بچي سگهي۔ پر شڪر آهي ته اوهان جو درويش شڪار ناهي بڻيو
۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔

دعا ۾ ياد
 
مون ڪنهن سينيئر شاعر دوست کي عرض ڪيو ته مونکي شاعري سکڻي آهي۔ هن مونکان پهريان هڪ سوال ڪيو؟ ته ڇا مون ڪو عشق ڪيو آ ؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ متيون منجهي ويون، اسان ڪڏهن عشق ڪرڻ ته پري پر عشق جي گليء مان به ناهيون گذريا۔

ڪيئن راز ُ رفيقن تي کوليان
تنهنجي نيڻن مونکي کاريو آ
سو هاڻي درويش جي شاعري ئي اهڙي آهي جيڪا نيڻن ۽ عشق جي جام جي چوڌاري پئي ڦري ۔۔۔۔ مطلب ته ڪا ڳالهه ضرور آهي۔۔۔۔ خوبصورت شاعري ۽ لفظن جو سٺو استعمال۔

ادا سليمان اوهان جو درويش ۽ عشق هڪ ٻئي کان تمام گهڻو پري آهن۔ ۽ هميشه وانگر منهنجو جواب اهو آهي ته
عشق اڃان تائين ڪينهين آيا جهڙا ميڏي جان ڦساوي۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔
دعا ۾ ياد۔۔
 
Back
Top