• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مغفرت جي دعا لا اپيل۔۔

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
ڏاڍي ڏک ۽ غم وچان توهان سڄنن تائين هي پيغام پهچايان ٿو ته منهنجي آفيس جي هڪ نوجوان ساٿي، دوست، ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ هڏ ڏوکي قادر بخش جتوئي گذريل رات دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، انا لله و انا عليه راجعون، ۔۔
سنڌ سلامت جي سڀني سڄڻن کي اسان جي ان همدرد دوست جي لاڏاڻي تي ان جي مغفرت جي دعا جي اپيل ڪيان ٿو، الله جل شانهُ اسان جي مرحوم دوست جي هن اوچتي لاڏاڻي تي ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه نصيب ڪري ۽ کيس جا تمام صغيرا ۽ ڪبيرا گناهه معاف فرمائي، ۽ ان جي لواحقين کي صبر و جميل عطا ڪري۔ آمين۔
 
انا لله و انا اليه راجعون

ڏک واري خبر آهي۔ سندس دعا ته رب پاڪ سندس مغفرت ڪندي کيس جنت الفردوس عطا ڪري ۔۔۔۔۔ آمين۔

جڏهن به ڪو آفيس جو دوست يا ساٿي وڇڙندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو گهر ڀاتي وڇڙيو هجي۔
 
آمين​
انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔​
موت هڪ ڏاڪڻ آهي جنهن تان گذري مومن جو روح مالڪ تائين پهچي ٿو۔​
رب العالمين مرحوم جي مغفرت فرمائي، جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين​
 
ها ڀا سليمان سچ ٿا چئو، ڀائو پوري ڏينهن ۾ گهڻو وقت اسان انهن ساٿين سان ئي گڏ گزاريندا آهن، ڪي اهڙا گهڻ گهريا دوست ۽ ساٿي هوندا آهن جن سان روح ڀريو ناتو جڙجي پوندو آهي، بس ڀا وڃڻ وارو هليو ٿو وڃي جيڪا رب رضا، شل ڌڻي تعالى تمام مرحومين کي جوار رحمت ۾ جڳهه نصيب ڪري۔۔ آمين
 
Back
Top