محمد جمن شيخ
سينيئر رڪن
سڌو سادو وچولي خاندان سان تعلق رکندڙ هن دنيا ۾ مُنهنجو جنم ايڪيهه آگسٽ اوڻيهه سئو چوهتر مُنهنجي پياري شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو۔ شروعات سنڌي اخبارن ۾ ڪالم نويسي کان ڪئي بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي ان بعد شوگر فيڪٽري ۾ ڪلارڪ طور ڊيوٽي سرانجام ڏني بعد ۾ ساڳي اداري ۾ پروموشن ذريعي آفيسر ٿيس ان کانپوءِ اداڪاري ءَ جو شوق هئڻ ڪري وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم پاڻ مرادو سکيم ان کان پوءِ سنڌ جي مشهور ڪمپني ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول ۾ بطور وڊيو ايڊيٽر ۽ پروڊيڪشن مينيجر طور ڊيوٽي سرانجام ڏني۔ ان ڪمپني ۾ 6 سال لاڳيتو وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم ڪندو رهيس ۔ سنڌ سلامت جهڙي بهترين ۽ ڪارائتي فورم جو ڏس پتو ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر ۽ هڏ ڏوکي محترم سائين نثاراحمد ناز صاحب جن ڏنو۔۔ ۽ اهو به توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته مُنهنجا ٻه وڊيو جنهن ۾ مون بطور هيرو جو ڪردار ادا ڪيو آهي اهي وڊيو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان بعنوان سيني سان لائي مونکي دنياکان لڪائي ڇڏ ۽ ٻيو هيئنر هڪ ڏينهن وڊيو جيڪو فوزيه سومرو مرحومه جي آوار ۾ آهي ” تنهنجو حڪم اکين تي سُهڻا، رُس نه مونکان تُون من مُهڻا“ سائين نثاراحمد ناز صاحب جن هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي توهان سان شيئر ڪري چُڪا آهن۔ مونکي فن اداڪاري واري فيلڊ ۾ همت افزائي ۽ پنهنجي وس آهر سهوليتون مهيا ڪرڻ ۾ پڻ سائين نثار ناز جن جو وڏو هٿ آهي۔ بهرحال اهو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ساري دنيا جي سنڌين سان وچن آهي ته سنڌ جي خدمت لاءِ هر وقت سنڌ سلامت جي ساٿين سان گڏ هوندس ۽ سنڌ سلامت کي هڪڙي نئين لُڪ ڏيڻ لاءِ سنڌ سلامت کي سائبر اوطاق کان ڪجهه اڳڀرو ڪري وڊيو جي دنيا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندس ۔ سنڌي سدائين گڏ
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
توهان جو خادم
محمد جمن شيخ
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
توهان جو خادم
محمد جمن شيخ