آئون توهان جو دوست محمد جمن شيخ

'تعارف' فورم ۾ محمد جمن شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2009۔

  1. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سڌو سادو وچولي خاندان سان تعلق رکندڙ هن دنيا ۾ مُنهنجو جنم ايڪيهه آگسٽ اوڻيهه سئو چوهتر مُنهنجي پياري شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو۔ شروعات سنڌي اخبارن ۾ ڪالم نويسي کان ڪئي بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي ان بعد شوگر فيڪٽري ۾ ڪلارڪ طور ڊيوٽي سرانجام ڏني بعد ۾ ساڳي اداري ۾ پروموشن ذريعي آفيسر ٿيس ان کانپوءِ اداڪاري ءَ جو شوق هئڻ ڪري وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم پاڻ مرادو سکيم ان کان پوءِ سنڌ جي مشهور ڪمپني ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول ۾ بطور وڊيو ايڊيٽر ۽ پروڊيڪشن مينيجر طور ڊيوٽي سرانجام ڏني۔ ان ڪمپني ۾ 6 سال لاڳيتو وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم ڪندو رهيس ۔ سنڌ سلامت جهڙي بهترين ۽ ڪارائتي فورم جو ڏس پتو ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر ۽ هڏ ڏوکي محترم سائين نثاراحمد ناز صاحب جن ڏنو۔۔ ۽ اهو به توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته مُنهنجا ٻه وڊيو جنهن ۾ مون بطور هيرو جو ڪردار ادا ڪيو آهي اهي وڊيو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان بعنوان سيني سان لائي مونکي دنياکان لڪائي ڇڏ ۽ ٻيو هيئنر هڪ ڏينهن وڊيو جيڪو فوزيه سومرو مرحومه جي آوار ۾ آهي ” تنهنجو حڪم اکين تي سُهڻا، رُس نه مونکان تُون من مُهڻا“ سائين نثاراحمد ناز صاحب جن هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي توهان سان شيئر ڪري چُڪا آهن۔ مونکي فن اداڪاري واري فيلڊ ۾ همت افزائي ۽ پنهنجي وس آهر سهوليتون مهيا ڪرڻ ۾ پڻ سائين نثار ناز جن جو وڏو هٿ آهي۔ بهرحال اهو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ساري دنيا جي سنڌين سان وچن آهي ته سنڌ جي خدمت لاءِ هر وقت سنڌ سلامت جي ساٿين سان گڏ هوندس ۽ سنڌ سلامت کي هڪڙي نئين لُڪ ڏيڻ لاءِ سنڌ سلامت کي سائبر اوطاق کان ڪجهه اڳڀرو ڪري وڊيو جي دنيا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندس ۔ سنڌي سدائين گڏ
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    توهان جو خادم
    محمد جمن شيخ
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم ادا محمد جمن شيخ صاحب

    ادا توهان کي اسان سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا توهان کي هتي ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ لا۽ ڀرپور موقعو ملندو ادا حسب روايت توهان کي ڪجهه تحفا ڏيجن ٿا مهرباني ڪري قبول ڪندا پر يار هڪ ڳالهه جي پارت اٿئي متان وري عظيم کي صلاح هڻي اصلي مال کي سَٽي ويندئي ٻيلي ڏاهو ٿيجا۽ هي صرف توهان لا۽ آهن sadayeen gud


    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اسلام عليڪم
    ادا خادم حسين سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي توهان کي ڀليڪار ٿا چئون۔
    وسلام
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي

    اسان واري يار لاءِ ته تو صرف گل ڏنا هئا ۽ هاڻي وري مٺائي............ فقير سائين اها ڳالهه سهي ڪونهي..
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين رنجيت صاحب
    فقير جي ڏهاڙي تي دارومدار آهي اگر فقير سائين کي ڏينهن ڀلو ٿو لڳي مٺايونsuhnan saansuhnan saan
    نه ته رڳو گل ۔۔۔۔
    ڪڏهن ته گل به نه سڪو ڀليڪار ۔۔hall charihall charihall chari
    sadayeen gudsindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا محمد جمن شيخ جو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ڀلايون ۽ ڀيرا ڪري آيا، اسين سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔ توهان جي بهترين لکڻين جو انتظار رهندو۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔
     
  7. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا توهان جا لک احسان توهان سنڌ سلامت فورم تي آيا

    اُميد آهي توهان جي جهڙي تعريف آهي اوتري ئي شيرنگ گهڻي سُٺي هوندي

    توهان جو ڪنگ
     
  8. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا جهانداد سما توهان جي مهرباني جو توهان مونکي ڀليڪار جهڙن مٺن لفظن سان نوازايو ادا تعريف ته سڀئي رب کي ٿي سونهين آئون پنهنجي معلومات آهر ڪوشش ڪندو رهندس ۽ سنڌ سلامت کي سهڻي کان سهڻو گڏجي بنائينداسين HaqMojood
     
  9. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وحيد گلن جهڙا ماڻهو هميشه گلن سان مهڪندڙ ئي آجيان ڪن ٿا لک لائق مان ڏيڻ لاءِ پر يار مٺائي به صفا مٺو ڪري ڇڏيو مونکي اڃا خبر ڪونهي ته توهان سان ساڳئي گلن ۽ مٺائي جا تحفا ڪئين موڪليان بس سکي وينداسين سائين نثار ناز کان رهنمائي ضرور وٺبي پو۽ توهان گلن جا مڻ اصل کڻي کڻي ٿڪي پوندا الله توهان کي سلامت رکي توهان جي سٺي صحت ترقي ۽ ڪاميابين جي کوڙ سارين دعائن سان توهانجو
    محمد جمن شيخ shal judy hujeen
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا محمد جمن شيخ ۔۔۔۔
    توهان کي هن سنڌي فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔
    اُميد ته توهان هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندو، ۽ توهان پنهنجي صلاحيتن کي هن فورم جي واڌاري لاءِ ضرور ڪتب آڻيندو۔۔
    مان ته توهان کي هاڻي جمن جاني سڏيندس۔۔۔ منهنجو هڪ ڪزن آهي اُن کي به جمن جاني سڏيندو آهيان۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو