• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي ؟

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
شردوا اخيارها برا و بحرا​
واقتلوا احرارا ها حرا فحرا​
کسروا الاقلام هل تکسيرها​
تمنعع الايدي ان تنقش صخرا​
قطعوا الايدي هل تقطيعها​
تمنع الاعين ان تنظر شزرا​
اطفئوا الاعين هل اطفاءُ ها​
تمنع الانفاس ان تنفث جمرا​
اخمدوا الانفاس هذا جهدکم​
وبه منجاتنا منکم فشکرا.​
خليل مطران البناني.​
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي ؟​
شاعري خليل مطران​
مترجمه :​
ڊاڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ راڄپر،​
ڌڪي ڌوڻي ڌرتيءَ ڄاون سڀن کي​
تڙي تڙ سمورا اُڪاري سگهو ٿا.​
ڳڻي هاڻ حريت جي حامين سڀن کي،​
اي جلاد ماري ٻوٽاري سگهو ٿا.​
مروڙي ۽ ٽوڙي قلم ڪانهن ڪانا،​
لکيل ليک ڦاڙي ۽ ساڙي سگهو ٿا.​
مگر سنگتراشيءَ ۾ سارا سنيها،​
هٿن ساڻ هيڪر اتاري سگهو ٿا.​
هڻي ڪات هٿڙا ڪارائيءَ کان ڪاٽي،​
ڇيڻيءَ جي ڇُهڻَ کان جي کاري سگهو ٿا.​
ته ارڏا اکين ڳاڙها ماڻهو اسان ڀي،​
گهرون جي ته گُهوري نِهاري سگهون ٿا.​
اکين ۾ ٽُنبَي تير تازا تپايل،​
ڏيئا ڏينهن جيها اُجهائي سگهو ٿا.​
ته پوءِ ڇار ڇاڻي ڳولهي چڻنگ ڳاڙهي،​
ڏيئي ڦُوڪَ ٽانڊا اٿاري سگهو ٿا.​
ڏيئي نَنهُن نِڙِيءَ تي جهلي جهٽ گهڙي ڪا،​
گهُرو جي ته ٻُوساٽي سگهو ٿا.​
ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو​
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.​
خليل مطران، خليل جبران جي ئي وطن لبنان سان تعلق رکندڙ شاعر آهي، خليل جبران کان عمر ڪجهه آڳاٽو پُڻُ، هي سٽون آڳاٽي عرب مزاحمت جي حمايت ۾ چيل آهن جيڪي ان وقت کان به وڌيڪ هن وقت عراق ۾ آمريڪا جي خلاف هلندڙ عرب مزاحمت جي حالتن سان ٺهڪي رهيون آهن. عربي متن سان گڏ انهن جو تشريحي ترجمو به ڏجي ٿو جنهن ۾ شعر جي وزن کان وڌيڪ تخيل تي توجهه ڏنو ويو آهي​
ورتل​
ماهانه الصادق، کڏو، ڪراچي، سنڌ​
مئي۽ جون، 2006ع.​
لکندڙ جوکيو شفيق​
 
اکين ۾ ٽُنبَي تير تازا تپايل،​
ڏيئا ڏينهن جيها اُجهائي سگهو ٿا.​
ته پوءِ ڇار ڇاڻي ڳولهي چڻنگ ڳاڙهي،​
ڏيئي ڦُوڪَ ٽانڊا اٿاري سگهو ٿا.​
ڏيئي نَنهُن نِڙِيءَ تي جهلي جهٽ گهڙي ڪا،​
گهُرو جي ته ٻُوساٽي سگهو ٿا.​
ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.​
سائين بادشاهي جو خير۔۔۔
ڪهڙي به طرح فورم تي ٻيهر واپسيءَ تي سرهائي ٿي۔۔۔
قبلا سائين توهان جي لکيل شاعري جون سٽون عرب مزاحمت ڪارن لاءِ ئي سونهن ۔۔۔ اسان سنڌي سٻاجهڙا اهڙي بربريت ڪٿان ڄاڻون۔۔۔
 
هن جو ترجمه منهنجي مربي سياسي استاد محسن ڊاڪٽر پروفيسر حافظ غلام مصطفى صاحب جن ڪيو آهي، جنهن جي محبت ٻاجهه مونکي امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن جي فلسفي ڏاهپ سياسي فڪر سوچ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي۔ سندس پيرن جي مٽي جوکيو شفيق
 
اکين ۾ ٽُنبَي تير تازا تپايل،​
ڏيئا ڏينهن جيها اُجهائي سگهو ٿا.​
ته پوءِ ڇار ڇاڻي ڳولهي چڻنگ ڳاڙهي،​
ڏيئي ڦُوڪَ ٽانڊا اٿاري سگهو ٿا.​
ڏيئي نَنهُن نِڙِيءَ تي جهلي جهٽ گهڙي ڪا،​
گهُرو جي ته ٻُوساٽي سگهو ٿا.​
ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.​
سائين بادشاهي جو خير۔۔۔
ڪهڙي به طرح فورم تي ٻيهر واپسيءَ تي سرهائي ٿي۔۔۔
قبلا سائين توهان جي لکيل شاعري جون سٽون عرب مزاحمت ڪارن لاءِ ئي سونهن ۔۔۔ اسان سنڌي سٻاجهڙا اهڙي بربريت ڪٿان ڄاڻون۔۔۔
سائين جيئن فلسطين ۽ عراق ۾ اسلام دشمنن صهيونين ۽ عيسائين جي بربريت هلي رهي آهي، هت به ان بربريت مان مراد سنڌين جي بربريت نه، بلڪه سنڌ دشمنن جي بربريت جي هن شاعري ذريعي عڪاسي ڪئي پئي وڃي۔
 
ادا طاهر لڳي ٿو هن دفعي واري بخار پنهنجو دماغ به متاثر ڪيو آهي۔۔۔ نه ته سولي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ڪيئن وڃي ها۔۔۔ :)
 
ادا طاهر لڳي ٿو هن دفعي واري بخار پنهنجو دماغ به متاثر ڪيو آهي۔۔۔ نه ته سولي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ڪيئن وڃي ها۔۔۔ :)

الله توکي صحتمند ڪري ۽ ڪمهلن بخارن کان بچائي ۔۔۔؟؟؟ فلسطين، لبنان، شام، ۽ عرب ملڪن ۾ ٿيندڙ ظلم جيڪڏهن ڏسجن ته لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي ۔۔۔ هي مٿي انقلابي قسم جو نظم خليل مطران جي خيالن جو هڪ پر اثر گيت آهي جنهن ۾ سڀ ، غاصبن جا ظلم ڄاڻايل آهن ۽ ها هڪ يا ٻه سٽون اهڙيون به آهن جيڪي مظلوم جو جواب آهن؛

ته ارڏا اکين ڳاڙها ماڻهو اسان ڀي،​
گهرون جي ته گُهوري نِهاري سگهون ٿا.​

ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو​
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.​
 
جوکيي صاحب به فورم تي ڀليڪار

خوشي ٿي جو فيسبوڪ سان گڏ هتي به ميلو متل رهندو۔۔۔۔۔ ترجمو ۽ شاعري ٻئي پنهنجو مٽ پاڻ۔ آزادي جي آس سدائين رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي۔
 
هن جو ترجمه منهنجي مربي سياسي استاد محسن ڊاڪٽر پروفيسر حافظ غلام مصطفى صاحب جن ڪيو آهي، جنهن جي محبت ٻاجهه مونکي امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن جي فلسفي ڏاهپ سياسي فڪر سوچ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي۔ سندس پيرن جي مٽي جوکيو شفيق
سائين ڊاڪٽر پروفيسر حافظ غلام مصطفى جي باري ۾ ڪجهه سنڌ سلامت جي ساٿين کي معلومات ڏيندا ته نوازش ٿيندي، اگر مان ڀلجان نه ٿو ته سائينجن جي شخصيت اهيا شخصيت ته نه آهي جن جي رهنمائي سان سنڌ جي با ڪمال شاعر شيخ اياز صاحب دين اسلام ڏانهن رخ ڪيو هو،
 
جوکيو صاحب اسلام عليڪم۔دلين ۽ دماغن کي جهنجوڙيندڙعربي شاعري سنڌي متن سان ونڍ ڪرڻ تي اوهانجون مهربانيون۔فلسطين هجي يا عرق يا چيڄنياء يا ويتانامه هر هنڌ ظالم جي اهئا ساڳئي داستان آهين جيڪي مٿين شاعري جو مرڪزي موضوعه آهي،الله پاڪ پنهنجي رحم ؤڪرم سان هر مظلوم جي داد رسي ڪري باقي سڄي دنيا جي مظلمونن جون حالتون بشموليت اسان جي ڌرتي جي ڏاڍيون خراب آهن۔توهانجو ونڍ تعريف جي لائق آهي۔
 
ادا طاهر لڳي ٿو هن دفعي واري بخار پنهنجو دماغ به متاثر ڪيو آهي۔۔۔ نه ته سولي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ڪيئن وڃي ها۔۔۔ :)
سائين، ادا عرس اوهان جي طبيعت جي باري ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ فورم ذريعي ٻڌايو ته ناچاڪي ٿي پئي آهي، اڄ فون تي اوهان جي طبيعت جي باري وڌيڪ خبر به پئي، الله تعالا اوهان کي جلد صحتياب ڪري، آمين۔۔۔
 
Back
Top