رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
25 رجب سن 183 هجري بغداد جون بدنصيب گهٽيون خليفه هارون رشيد عباسي جنهن باب الحوائج امامت جي شهنشاهيت جي سَتين شهنشاه حضرت امام موسى ڪاظم عليه سلام کي هڪ اهڙي سوڙهي ڪوٺڙي ۾ 14 سال قيد رکيو جنهن ۾ امام عليه سلام صحيح طريقي سان رڪوع ادا نه ڪري سگهيو۔ آخر پنهنجي هڪ ڪارندي سدي ابن هاشيڪ جي هٿان انگور يا کجور ۾ زهر ڏياريو ۔ امام موسى ڪاظم عليه سلام کي شهادت وقت 19 پُٽ هيا ليڪن هارون رشيد جي ظلم کان سڀ جو سڀ پري هيا۔ امام عليه سلام جي ڪفن ۽ تدفين لاءِ مزدور گهرايا ويا ، قيد خاني واري ڪوٺي ايتري ته گرم هئي جو مزدور اتان ڀڄي ويا۔ ۽ اڄ تائين بغداد پيو سڙي ٿو۔
اڄ 25 رجب آهي تمام عالم اسلام کي خصوصي امام زمانه عجل الله فرج جي خدمت ۾ ڏک جي تعزيت پيش ڪريان ٿو ۔
اڄ 25 رجب آهي تمام عالم اسلام کي خصوصي امام زمانه عجل الله فرج جي خدمت ۾ ڏک جي تعزيت پيش ڪريان ٿو ۔