Sindhi Media
سينيئر رڪن
by Engr Abdul Razzaque Memon on Monday, June 18, 2012 at 6:58am ·
سيريل اسڪرين پلي
ٽارگٽ ڪلنگ
جڏنهن ٿڌين ٿڌين چانون ۾ رهندڙ ڪو هڪدم اُس ۾ اچي سڙي، جڏنهن پيار جي ڪتاب مان زندگيءَ جو پنو ڦاٽي پوي، جڏنهن هڪ انمول شي بي انمول ٿي پوي ته هر شي تان اعتبار کڄي ويندو آهي، شق هر دفعو چوندو آهي ته...سفر هي ڇاجو آهي... الاهي اڳتي هلي ڪٿي هي سڀ رستا وڃائجي ويندا...وڇيڙو ڪيڏانهن ڪيڏانه رُلائيندو. راهن جي ڌوڙ ٿي ته پونداسون پر هاءِ اي زندگي پوءِ اها هڪ داستان بڻبي... ۽ جي زندگي ئي نه رهي تب فقط ڪٿائون ئي رهجي وينديون . جيئن دل اڪيليپڻ ۾ بار بار دُهرائي ٿو.. اُها حسينه به دُهرائي رهي هُئي ۽ گڏوگڏ ٽوڙ به پئي ڳوليائين ۽ هڪ ڏينهن .... ان جو ڇيڙو آخر کيس ملي ته ويو پر هن جي بددولت هن جي زندگيءَ جن ڪٿائون اڻ پوريون رهجي ويون، خواب وکرجي پيس، پيار جو تاج محل ڀور ڀور ٿي ويس...هن جو محبوب، هن جو شريڪ سفر جڏنهن ابدي ننڊ ورتي ته هوءَ به گهٻرائي اُٿي ويهي رهي ۽ جڏنهن هُن بکريل شيشي جي ٽُڪرن کي ملائي آئنو جوڙيو . کيس اُهو خاص چهرو به نظر اچي ئي ويو جي ها (ٽارگٽ ڪلر) جنهن جي هن کي تلاش ۾ هوءَ هُئي ته اچو ته اسڪرين پلي سيريل جي پهرئين قسط ڏسون.