هن غزل جا ٻه بند سرمد سنڌي جي ڳايل ڪنهن گيت ۾ ڏوهيڙي طور ڳائيندي ٻڌا هيم ۽ اهي ٻئي بند فيسبوڪ تي شيئر ڪندي دوستن کان شاعر بابت پڇا ڪيم۔ اسان جي مانواري دوست گلبهار باغائي ٻڌايو ته اهي سٽون عبدالحڪيم ارشد جي غزل مان ورتل آهن۔ مان ان وقت ئي کين اهو غزل موڪلڻ عرض ڪيو هوم۔ ڪالهه گلبهار سائين اهو غزل موڪليو جيڪو پيش آهي۔ هي غزل سچ ته هڪ لاجواب غزل آهي جنهن ۾ سادي ۽ سولي ٻولي استعمال ڪيل آهي۔ غزل: عبدالحڪيم ارشد چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آهيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ. اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس،مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ. پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل،غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ. ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ. واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو،شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ. شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي،پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ. واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال،هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ. بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.
پاڻ وڃائڻ واري ريت به عجيب آهي ۔۔۔ سهڻو غزل، جنهن ۾ مجاز، محبت ۽ سماجي جي عڪسبندي آهي ۔۔۔ اوهانکي ته خبر آهي ته عشقيه شعر مون پڙهڻ گهٽ ڪري ڇڏيا آهن، سبب به اوهانکي خبر آهي ۔۔۔ انڪري بس گهڻي سوچڻ جي ضرورت ناهي ۔۔۔۔ ههههههههه
بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ. سنڌ جي بهترين شاعر سائين عبدالحڪيم ارشد جي تمام بهترين شاعري