• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وزير اعظم نا اهل قرار

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
سپريم ڪورٽ طرفان پاڪستان جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي،
اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جلد از جلد کيس جي وزارت شپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري،
اليڪشن ڪميشن وزارت عظمى جي سيٽ خالي سمجهندو، سابق اليڪشن چيف۔
يوسف رضا گيلاني کي اپيل ڪرڻ جي ڪا به رعايت نه آهي۔
 
پاڪستان جي سپريم ڪورٽ نيٺ پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اهڙو فيصلو ٻڌايو ۽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم جاري ڪيو آهي ته هو نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري۔
 
ادا عباسي صاحب وزيراعظم گيلاني جي وڃڻ يا نه وڃڻ سان اسان پارن غريبن تي ڪو به اثر نه پوندو ۔ اسان اُتي جو اُتي ئي هونداسين ۔ جيڪو به ٻيو ايندو هن کان ٻه ڊگريون مٿي ئي عذاب هوندو ،گهٽ نه هوندو ۔
 
نا اهل وزيراعظم جي هجڻ جو ڪهڙو فائدو هو عوام کي، هي ته ملڪ جو نا اهل ترين وزيراعظم هيو سٺو ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سٺو ٿيو ادا عرس هي لفظ سُٺا نه آهن
ميان محمد صاحب جو هڪ شعر آهي
دشمن مريي تا خوشي نه ڪريي

اِڪ دن سجڻا نون به ُٽر جاڻا هه
 
سٺو ٿيو ادا عرس هي لفظ سُٺا نه آهن
ميان محمد صاحب جو هڪ شعر آهي
دشمن مريي تا خوشي نه ڪريي
اِڪ دن سجڻا نون به ُٽر جاڻا هه

ادا مونکي اهو ٻڌايو ته هنن سياستدانن ما عوام جو سڄڻ ڪهڙو آهي هنن مان عوام جو ڪير به خيرخواه ڪون آهي انهن لاء اهو نه چئون ته ٻيو ڇا چئون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اها به حقيقت آهي ته نااهل هيو آمريڪا جي صحافين به اهو چيو هيو ته هي ڪهڙو وزير اعظم آهي جو پڇونس ڪجهه ٿا ٻڌائي ڪجهه ٿو
 
ادا سائين سڀ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ته نه ٿا ٿي سگهن ؟؟؟؟ اوهانجي ڳاله سو فيصد سهي آهي ،ڏِنا سڀني سور آهن بخشيو ڪنهن به ڪونهي ۔ پراسان مرشد لطيف جا پانڌيئڙا آهيون ، مرشد سسئي واتان پنهوءَ کي پاراتا ڏنا اٿائين ،
پنهو پاراتا ڏيان ٻئي هٿ کڻي ، خوش هوندين جهان ۾ رزق ڏيندئي ڌڻي
 
Back
Top