اشفاق احمد لکي ٿو : منهنجو پهريون ٻار منهنجي جهولي ۾ هو ۽ مان هڪ باغ ۾ ويٺو هيس۔ مالهي باغ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا۔ هڪ مالهي منهنجي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو ماشاء الله پيارو ٻار آهي، سندس ڊگهي ڄمار لاء دعا ڪرڻ لڳو۔ مان ان مالهيء کان پڇيو ته توکي ڪهڙي اولاد آهي۔ چوڻ لڳو ته صاحب مونکي اَٺ ٻار آهن۔ جڏهن هن اَٺن ٻارن جو ذڪر ڪيو ته مان چوڻ لڳس ” الله سڀني کي سلامت رکي پر مان پنهنجي محبت اَٺن ٻارن ۾ ورهائي نه ٿو سگهان” مالهي مسڪرائيندي چوڻ لڳو : ”صاحب جي ۔۔۔۔ محبت تقسيم ناهي ڪبي پر محبت کي هميشه ضرب ڪبو آهي جيئن اها وڌندي رهي “
واهه واهه واقعي تڏهن چوندا آهن ٻه ته ٻارنهن،، ان مان ظاهر ٿيو ته محبت ضرب ڪبي آهي، ۽ ڏک ونڊ ڪبا آهن۔۔
ڳالهه ته مالهي جي 100 فيصد سچ ۔۔۔ پر ڪجهه محبتون ضرب ٿينديون آهن، ڪجهه ونڊ ٿينديون آهن ۽ ڪجهه واڌو ڪاٽو به ٿينديون آهن ۔۔۔۔ مثال زال سان محبت: هڪ هوندي ته ڇا ٿا سمجهو ۽ جي 4 هونديون ته ڇا ٿا سمجهو؟؟؟؟ ۔۔۔۔ ان جا تي ضرب، ونڊ ۽ واڌو ڪاٽو جا سڀ حساب لاڳو ٿي ٿا وڃن ۔۔۔۔۔ ههههههه
سائين،،،،، آءُ نثار ابڙو صاحب جي ڳالهه سان بلڪل متفق آهيان.... ڇاڪاڻ ته سائين هن دور ۾ ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي، جڏهن خون خون جو پياسو آهي ته باقي ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جومُحبت تقسيم نٿي ٿي سگھي؟..... باقي سائين اهڙي سُٺي ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک ٿورا......
”صاحب جي ۔۔۔۔ محبت تقسيم ناهي ڪبي پر محبت کي هميشه ضرب ڪبو آهي جيئن اها وڌندي رهي “ ضرب وارو فلسفو سمجه ۾ نه آيو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ضرب کي سنڌي ۾ ڌڪ به چوندا آهن ، الله نه ڪري ڪنهن جي ڪا هڏي وغيره ڀڄي پوندي آهي ته ان کي اتر سنڌ ۾ ايئن به چوندا آهن ته هن جي ٻانهن يا ٽنگ ضربجي پئي آهي ۔
سائين محبت هئين ضرب ڪبي آهي، اهو وري ڪهڙو ڏکيو فارمولو آهي،، محبت واڌو مڙس ضرب زال برابر ٻار وري واڌو ٻارن جا ٻار