
اشفاق احمد لکي ٿو :منهنجو پهريون ٻار منهنجي جهولي ۾ هو ۽ مان هڪ باغ ۾ ويٺو هيس۔ مالهي باغ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا۔
هڪ مالهي منهنجي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو ماشاء الله پيارو ٻار آهي، سندس ڊگهي ڄمار لاء دعا ڪرڻ لڳو۔
مان ان مالهيء کان پڇيو ته توکي ڪهڙي اولاد آهي۔ چوڻ لڳو ته صاحب مونکي اَٺ ٻار آهن۔
جڏهن هن اَٺن ٻارن جو ذڪر ڪيو ته مان چوڻ لڳس ” الله سڀني کي سلامت رکي پر مان پنهنجي محبت اَٺن ٻارن ۾ ورهائي نه ٿو سگهان”
مالهي مسڪرائيندي چوڻ لڳو : ”صاحب جي ۔۔۔۔ محبت تقسيم ناهي ڪبي پر محبت کي هميشه ضرب ڪبو آهي جيئن اها وڌندي رهي “