سنڌ جو وڏيرو يا جاگيردار ...؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي وڏيري ۽ جاگيردار سنڌ کي جهالت جي کوهن ۾ ڌڪي صرف پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو ڀلو ڪيو آهي ... تاريخ شاهد آهي ته دنيا جي ٻين قومن جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ مٿئين طبقي جيتوڻيڪ پنهنجي قوم تي حڪمراني پڻ ڪئي آهي پر ان سان گڏ اڻ ڳڻيا سٺا عمل به ڪيا جنهن سبب اڄ اهي قومون ترقي يافته چورائن ٿيون ...

    پر سنڌي وڏيرن جهڙو انڌير ڪيو آهي ۽ ناڻي جو غلط استعمال ڪيو آهي ۽ سنڌ جي وسلين تي ڪڏهن به سنڌين جي مالڪي ڪرڻ جا جتن نه ڪيا آهن ... هميشه پاڻ کان ڏاڍين قومن سان ٺاهه ڪري طاقت پنهنجن هٿن ۾ رکي عام سنڌي، هاري ۽ ناري کي جاهل، ڪمزور ۽ انسانيت کان ڪريل زندگي گذارڻ تي مجبور رکيو آهي ...

    ڪراچي ڊفينس/ڪلفٽن/نرسري/گلشن اقبال/ سنڌي مسلم سوسائٽي يا ٻين پوش علائقن ۾ رهندڙ سنڌي وڏيرن ۽ انهن جي اولاد جي زندگي ڏسي حيرانگي ٿيندي ته هو ڪيترا اڳتي وڌي، پنهنجي سگهه غلط جڳهن تي ضايع ڪنٿا ... ان کي هو عام سمجهن ٿا پر اخلاقي ٻوليءَ ۾ انکي عياشي ۽ بي حيائي چيو وڃي ٿو.... (جوئا/ رنڊي بازي/شراب/جديد گاڏيون ۽ اسلحي جو استعمال)

    اهي ساڳيا ماڻهون جڏهن ڳوٺن ۾ وڃن ٿا ته پنهنجن هارين ۽ ڪمين ڪاسبين سان غير انساني سلوڪ ڪندي کين پيرين پوڻ، هٿ ٻڌي بيهڻ ۽ زمين تي ويهارڻ، مٿي ۾ ڌوڙ وجهرائڻ وارو رويو برقرار رکي نفسياتي برتريءَ جا مزا ماڻين ٿا ....

    مونکي 200 فيصد يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏيرو سنڌ سان سچو ٿي پوي ۽ سنڌين جي ترقيءَ جا جتن ڪري ته يقين ڪريو هو پاڻ به آسودو ٿي وڃي ۽ قوم به خوشحال ٿي وڃي ...

    سنڌ جي سڀني وڏيرن، جاگيردارن ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض آهي ته؛ خدارا پنهنجي قوم تي رحم ڪريو، انهن کي انسان سمجهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي مٿان الله تعالا جو رکيل فرض سڃاڻو ...

    ياد رکو! پئسي ۽ سگهه جو حساب اوهانکي هن دنيا ۽ الله تعالا جي بارگاهه ۾ ڏيڻو آهي ... ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن الله جو غضب ٿيندو ۽ اوهانجون سزائون شروع ٿينديون... ڪيترائي طاقتور، سگهارا ۽ متارا ماڻهون هن دنيا ۾ آيا ۽ مري ويا ... اوهان به الله تعالا جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا ..... ؟؟؟؟؟؟؟
    وڊيو جو اردوءَ ۾ هجڻ کي نظر انداز ڪري، هن وڊيو مان ملندڙ ڏس پتو ڇا آهي؟ ان تي غور ڪريو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڊيو ته مون وٽ نه کلندي، شام جو گهر ڏسبي پر اوهان جون ڳالهيون سئو فيصد سچ آهن۔ اسان جو سنڌي سماج هن وقت وڏيرن، جاگيردارن، ميرن، پيرن ۽ انهن جي ها ۾ ها ملائيندڙن جي قبضي ۾ آهي۔ حڪومت به انهن جي آهي ته انتظاميه ۾ به انهن جا ڀائر، پُٽ ۽ عزيز ويٺا آهن۔ اهوئي سبب آهي جو اسان جو تعليمي نظام به تباهه ٿي چڪو آهي۔ جڏهن علم نه هجي ته اها قوم ڪنهن جاهل قوم جهڙي هوندي آهي۔

    افسوس جو اسان وٽ هاڻي ڪنهن تبديلي جا امڪان به ناهن، پر پوء به شروعات ڪرڻي آهي هڪ نئين جدوجهد جي۔ جنهن ۾ عام طبقو شامل هجي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    ادا نثار توهان جي عنوان ۽ خيال مطابق مون ڪاله هي پوسٽ ڪئي ته؛​
    ڀلا ڪيستائين ستم سهبو رهبو​
    ۽ ظالم جي آڏو زبان بند رکبي.​
    ازل کان آ زرد دار مفلسن جو دشمن،​
    جڳن کان لٽيو ۽ ڦريو آ وڏيرن.​
    وٺي ووٽ جيڪي چڱا مڙس ٿين ٿا​
    اهي ئي ٿا هٿ سان ٻڌائن ڇڏائن​
    آرام ڪرسين جي محلن ۾ ويهي​
    ٿا بي ڏوھ نياڻيون اُگھاڙيون نچائن​
    وڏيرن جي اولاد اي سي ۽ ڊي سي​
    غريبن جي اولاد ڌڪا ۽ ٿاٻا​
    دلن جو دستور ساڳيو اُھو ئي​
    اُ ھا ئي لٽيرن جي ساڳي حڪومت​
    مڙھي ڏس زوري اسان مٿان ڪئين وئي آ​
    حقيقت چئون ٿا ته باغي ٿا سڏجون​
    حقيقت چئون ٿا ته باغي ٿا سڏجون۔​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين چوندا آهن ته ڪنهن به قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته اُن قوم کي تعليم ڏيڻ بند ڪئي وڃي ته اُها قوم
    خود بخود تباه ٿي ويندي آهي اِهو ئي ساڳيو حال اسان جي وڏيرن جو آهي جو پنهنجي سنڌي قوم کي صرف پنهنجو
    غلام ڪري رکڻ واسطي هُنن کي تعليم ڏيارڻ پنهنجي گھٽتائي ٿا سمجهن.... سنڌي قوم کي جهالت ڏانهن ڌڪڻ
    ۽ سنڌي قوم کي پوئتي ڪرڻ ۾ اِهي هي ڏوهي آهن....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين تواهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي

    سائين عام چوڻي آهي ته ميرن کي به پنهنجي گهران لڳي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سنڌي قوم ته هر دور ۾ لٽبي ڦربي رهي آهي، ڪڏهن پيرن ڪڏهن ميرن ته ڪڏهن وڏيرن جي هٿان ۔۔۔۔۔ پر هي درويش قوم پوء به ستل آهي۔ غدار وڏيرن جيڪي غريب طبقي کي تعليم جي زيور کان محروم رکي انهن کي وڌيڪ جهالت ۾ گهاڙي انهن تي ظلم ڪري پنهنجي بادشاهي قائم رکيون پيا اچن اهي ئي اصل ڏوهي آهن۔

    انهن وڏيرن کي سنڌ ء سنڌيت جو ڪهڙو درد ڀلي سڀ لٽجي وڃي هنن جي عياشي برقرار رهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ۾ سنڌي قو۾ کي پوئتي ڌۡڪڻ ۾ هنن جو ئي هٿ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اهي ئي وڏيرا اقدار جي ايوانن ۾ به اچيو وڃن سڌي ء اڻ سڌي طرحٍ پنهنجي حڪمراني قائم رکيون اچن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ وارا قومپرست اهڙا آهن جو هڪ سيٽ به نٿا کٽي سگهن عوام کي سکڻا نعرا هڻائي انهن ئي وڏيرن ء جاگيردارن سان هٿ هٿ ۾ ملايو وتن۔۔۔۔

    آخر هيء انڌاري رات ڪڏهن ختم ٿيندي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو