نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ جي وڏيري ۽ جاگيردار سنڌ کي جهالت جي کوهن ۾ ڌڪي صرف پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو ڀلو ڪيو آهي ... تاريخ شاهد آهي ته دنيا جي ٻين قومن جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ مٿئين طبقي جيتوڻيڪ پنهنجي قوم تي حڪمراني پڻ ڪئي آهي پر ان سان گڏ اڻ ڳڻيا سٺا عمل به ڪيا جنهن سبب اڄ اهي قومون ترقي يافته چورائن ٿيون ...
پر سنڌي وڏيرن جهڙو انڌير ڪيو آهي ۽ ناڻي جو غلط استعمال ڪيو آهي ۽ سنڌ جي وسلين تي ڪڏهن به سنڌين جي مالڪي ڪرڻ جا جتن نه ڪيا آهن ... هميشه پاڻ کان ڏاڍين قومن سان ٺاهه ڪري طاقت پنهنجن هٿن ۾ رکي عام سنڌي، هاري ۽ ناري کي جاهل، ڪمزور ۽ انسانيت کان ڪريل زندگي گذارڻ تي مجبور رکيو آهي ...
ڪراچي ڊفينس/ڪلفٽن/نرسري/گلشن اقبال/ سنڌي مسلم سوسائٽي يا ٻين پوش علائقن ۾ رهندڙ سنڌي وڏيرن ۽ انهن جي اولاد جي زندگي ڏسي حيرانگي ٿيندي ته هو ڪيترا اڳتي وڌي، پنهنجي سگهه غلط جڳهن تي ضايع ڪنٿا ... ان کي هو عام سمجهن ٿا پر اخلاقي ٻوليءَ ۾ انکي عياشي ۽ بي حيائي چيو وڃي ٿو.... (جوئا/ رنڊي بازي/شراب/جديد گاڏيون ۽ اسلحي جو استعمال)
اهي ساڳيا ماڻهون جڏهن ڳوٺن ۾ وڃن ٿا ته پنهنجن هارين ۽ ڪمين ڪاسبين سان غير انساني سلوڪ ڪندي کين پيرين پوڻ، هٿ ٻڌي بيهڻ ۽ زمين تي ويهارڻ، مٿي ۾ ڌوڙ وجهرائڻ وارو رويو برقرار رکي نفسياتي برتريءَ جا مزا ماڻين ٿا ....
مونکي 200 فيصد يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏيرو سنڌ سان سچو ٿي پوي ۽ سنڌين جي ترقيءَ جا جتن ڪري ته يقين ڪريو هو پاڻ به آسودو ٿي وڃي ۽ قوم به خوشحال ٿي وڃي ...
سنڌ جي سڀني وڏيرن، جاگيردارن ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض آهي ته؛ خدارا پنهنجي قوم تي رحم ڪريو، انهن کي انسان سمجهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي مٿان الله تعالا جو رکيل فرض سڃاڻو ...
ياد رکو! پئسي ۽ سگهه جو حساب اوهانکي هن دنيا ۽ الله تعالا جي بارگاهه ۾ ڏيڻو آهي ... ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن الله جو غضب ٿيندو ۽ اوهانجون سزائون شروع ٿينديون... ڪيترائي طاقتور، سگهارا ۽ متارا ماڻهون هن دنيا ۾ آيا ۽ مري ويا ... اوهان به الله تعالا جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا ..... ؟؟؟؟؟؟؟

وڊيو جو اردوءَ ۾ هجڻ کي نظر انداز ڪري، هن وڊيو مان ملندڙ ڏس پتو ڇا آهي؟ ان تي غور ڪريو