حرام ۽ حلال پئسو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    محنت ڪري زمين کي چڱي طرح ۽ جديد طريقن سان کيڙي سٺو فصل حاصل ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي ...
    صنعت هڻي يا ڪو ڪارخانو هڻي ضرورت جون شيون پئدا ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي،

    ايماندارانه واپار ڪري پنهنجي ملڪ جون وافر مقدار ۾ ٿيندڙ شيون ٻين منڊين تائين پهچائڻ ۽ ٻين منڊين مان قومي ضرورت جون شيون پنهنجي ملڪ آڻي ناڻو ڪمائڻ حلال آهي.

    اعلا تعليم حاصل ڪري وڏا اعلا ڪم ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي،

    سائنسي، طبي ۽ انجنيئرنگ جا اوزار ايجاد ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي.

    پر حڪومت ۾ اچي غريبن جا حق کائڻ، اقربا پروري ڪرڻ، رشوت وٺڻ، چوري ڪرڻ، ڌاڙو هڻڻ، قبضاخوري يا ٻيون برايون ڦهلائي پئسو ڪمائڻ حرام ۽ جهنم جو رستو آهي ... جيڪو ان ماڻهون سان گڏ پوري سماج کي به گهلي وڃي دوزخ ۾ اڇلائي ٿو.

    فيصلو اوهان تي آهي ته اوهان پنهنجي ملڪ کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ گهرو ٿا يا دوزخ ۾.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    سائين نوٽ به اهي شيئر ڪيا آهن توهان جيڪي ڳولهي به مشڪل ٿا ملن :mad:

    باقي رهي ڳالهه ته ڪنهن کي به ان ڳالهه جو خوف نه آهي هن دور ۾ ته اسين حرام پيا کائون۔۔۔۔۔
    اڄڪلهه پاڪستان حرام تي مشتمل آهي۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معاشري جي عجيب ريتن ۽ رسمن سان گڏ نون لاڙن الائي ڪهڙي دڳ تي آڻي بيهاريو آهي۔

    اوهان جي بهترين شيئرنگ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اهو سڀ جيڪو اوهان لکيو آهي، حاصل ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي۔ هتي هر قدم تي نوٽ ڏيڻا ٿا پون نه ته ڪم ئي ڪونه ٿا ٿين۔ خبر ناهي ڇو سچائي ۽ ايمانداري تان ماڻهن جو اعتماد ختم ڪرايو پيو وڃي۔ هتي ايماندار کي بيوقوف ۽ چريو سمجهيو وڃي ٿو۔

    پر پوء به تبديلي ضرور ايندي جڏهن سچائي جي جيت ٿيندي ۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو