نثارابڙو
نائب منتظم

محنت ڪري زمين کي چڱي طرح ۽ جديد طريقن سان کيڙي سٺو فصل حاصل ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي ... صنعت هڻي يا ڪو ڪارخانو هڻي ضرورت جون شيون پئدا ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي،
ايماندارانه واپار ڪري پنهنجي ملڪ جون وافر مقدار ۾ ٿيندڙ شيون ٻين منڊين تائين پهچائڻ ۽ ٻين منڊين مان قومي ضرورت جون شيون پنهنجي ملڪ آڻي ناڻو ڪمائڻ حلال آهي.
اعلا تعليم حاصل ڪري وڏا اعلا ڪم ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي،
سائنسي، طبي ۽ انجنيئرنگ جا اوزار ايجاد ڪري ناڻو ڪمائڻ حلال آهي.
پر حڪومت ۾ اچي غريبن جا حق کائڻ، اقربا پروري ڪرڻ، رشوت وٺڻ، چوري ڪرڻ، ڌاڙو هڻڻ، قبضاخوري يا ٻيون برايون ڦهلائي پئسو ڪمائڻ حرام ۽ جهنم جو رستو آهي ... جيڪو ان ماڻهون سان گڏ پوري سماج کي به گهلي وڃي دوزخ ۾ اڇلائي ٿو.
فيصلو اوهان تي آهي ته اوهان پنهنجي ملڪ کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ گهرو ٿا يا دوزخ ۾.