بينظير ڀٽو بس بينطير جهڙي هئي (سالگرهه تي ڀيٽا)

'بينظير ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سٿ پاران سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.
    __________



    188 اٽيچمينٽ ڏسو

    بينطير ڀٽو بس بينظير جهڙي هئي
    محمد سليمان وساڻ

    اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم هستيء جو جنم ڏينهن آهي جنهن جي شهادت تي سموري دنيا کي پار ڪڍي روئيندي ڏٺو آهي. هوء جنهن کي عوام سان ايترو چاهه هوندو هو جو سنگينن ۽ بندوقن کان به نه ڊڄندي عوام جي ويجهو هلي ويندي هئي، هوء جيڪا پنهنجو پاڻ کي عوام کانسواء اڌورو سمجهندي هئي، هوء جيڪا ملير جي ماروي هئي، هوء جيڪا بهادريء جي علامت هئي، هوء جيڪا سنڌ جي راڻي هئي۔ ملير جي ماروي، سنڌ جي نياڻي ۽ بهادريء جي علامت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 59 هين جنم ڏينهن تي سنڌ جو عوام کيس سرخ سلام پيش ڪري ٿو.

    سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم ، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري 5000 سالن واري تاريخ، تهذيب، تمدن جي وارثن ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو مُهڙ جي شخصيتن ۾ شامل آهي. هن 21 جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم ورتو هو. قدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ ٻارڙي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. هوءَ بهادري جو اعلا مثال هئي. هوء عاوم کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. هن جو ويساهه سدائين عوام ۽ جمهيوريت ۾ رهيو ۽ ان ئي جمهوريت جي راهه تي هلندي شهادت ماڻي امر ٿي وئي. هوء جڏهن عوام کان پري ٿيندي هئي ته پاڻ کي ڪنهن قيد ۾ ڀائيندي هئي. 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن مون کان نه وسرندو جنهن ڏينهن هوء عوام ۾ واپس آئي ۽ ايڏو خوش مان شايد ڪڏهن کيس ڏٺو هجي. جيڪڏهن سندس زندگيء جو مطالعو ڪيو وڃي ته سڄي جدوجهد هڪ لفظ جي ئي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي ۽ اهو لفظ آهي ”جدوجهد، جدوجهد ۽ جدوجهد“ جنهن جي معنى آهي ته هر قدم اڳتي لاءِ وڌي ۽ وک وک تي نئين منزلن کي جنم ڏجي. سندس حياتي شاهه لطيف جي ان بيت جي عڪاسي آهي:

    سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا

    اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا

    محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاء جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. بقول اين ڊي خان جي ته گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو. ڳاڙهيون پتيون وکري ويون. سڄو چمن اجڙي ويو هو. سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.

    هن کي هميشه سائو ۽ آسماني رنگ پسند هوندو هئو، سندس هڪ ٻي پسند هئي گلاب جا گل. اڄ تاريخ شاهد آهي ته سندس لحد تي هر وقت تازه گلاب وکريل آهن. بينظير ته ڄمندي ئي بينظير هئي، جيئري به بينظير هئي ته اڄ شهادت کانپوءِ به بينظير آهي ڇو جو هوءَ هئي ئي بينظير . محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي. ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 جون 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو