ڪائنات جو رنگ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڪائنات جو رنگ
    دنيا ۾ جيڪڏهن عورت نه هجئي ها ته هي ڪائنات به ايڏي دلڪش ۽ رنگين نه هجئي ها يا جيڪڏهن ويچارو مرد ئي اڪيلو هجئي ها ته هوند الائي هن جو ڪهڙو حال ٿئي ها۔ علام اقبال به انهي نقطي کي سهڻي نموني سان سمجهايو آهي ته جيڪڏهن عورت نه هجئي هان ته هيء ڪائنات بي رنگ هجئي هان۔
    عورت جا ايڏا ته روپ آهن جو شايد هن ڪائنات ۾ ڪنهن جا هجن۔مزي جي ڳاله ته هوء هر روپ ۾ سٺي لڳي ٿي، ڪٿي سهڻي ،سسئي،نوري،سورٺ ۽ مومل لڳي ٿي ته ڪٿي وري رضيه سلطانه۔
    اوهان جنهن رنگ ۾ عورت کي ڏسڻ چاهيندا ته هو اوهان کي ان رنگ ۾ رنگيل نظر ايندي۔ماء ،ڀيڻ،زال،ڌي ۽ محبوبه سڀ هن جا رنگ آهن۔
    عورت کي هن مهل تائين صنف نازڪ چيو ويندو آهي ۽ انهي ڪري کيس ڪمزور به سمجهو ويندو آهي،خبر نه آهي ته عورت جي ڪمزوري جو اهو نظريه ڪنهن ڏنو،جيڪڏهن ان جي ڳوله ڪئي وڃي ته شايد خبر به پئجي ويندي۔توهان پاڻ ان ڳاله جو اندازو لڳايو ته جڏهن آماء حاجره رضي الله عنه۔آم المومنين بي بي عا ئشه رضي الله عنه۔حضور صلي الله وسلم جن جون ٻيون نيڪ ۽ تمام گهڻين عزت واريون شريڪ حيات،مادم ٽريساء،مادم فلوريڊا نائيٽ اينجل۔اندره گاندهي،شهيد محترم بينظير ڀٽو جن جي سوانح حيات تي اسان نظر ٿا وجهون ته هو اسان کي گهڻن مردن کان وڌيڪ اردان جون مظبوط، محنتي ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ واريون محسوس ٿين ٿيون۔جديد سائنس جي ريسرچ جي مطابق عورت حياتياتي لحاظ کان بلڪل به ڪمزور نه آهي،بلڪ هو مردن کان به وڌيڪ طاقتور آهي۔اوهان ان جو هڪ ننڍو مثال ان ڳاله مان به لڳائي سگهو ٿا ته ٻارڄڻڻ جو عمل ڪيڏو نه تڪليف وارو آهي۔اها عورت ئي آهي جيڪا اها تڪليف برداشت ٿئي ڪري۔ عورت جي وجود سان ئي گهر سهڻا لڳن ٿا ۔عورت زال ۽ ماء جي روپ ۾ پنهنجي مڙس ۽ اولاد جي هر قسم جي خدمت ڪري ٿئي۔جيڪڏهن عورت ڪا نوڪري ڪري ٿئي ته ڪم کان موٽڻ کانپوء پنهنجي اولاد ۽ مڙس جي لاء ماني پچائي ٿئي ۽ گهر جا ٻيا ڪم ڪري ٿئي،جيڪڏهن گهريلو عورت آهي ته هڪ وفا شعارزال ۽ ماء جي حثيت ۾ پنهنجي مڙس ۽ اولاد جي هر خواهش تن ؤمن سان پوري ڪري ٿئي،پنهنجو سک ؤ چين جو فڪر نه ڪندي مڙس ۽ اولاد جي خوشين لاء پاڻ پتوڙيندي آهي۔الله پاڪ ماء (جيڪا پڻ هڪ عورت آهي) جي عظمت جي مڃتاء جي طورهن جي پيرن جي هيٺن جنت رکي آهي۔


    اسان کي گهرجي ته عورتن جي اسان تمام گهڻي عزت ڪيون ،هنن کي نه ته باندي سمجهون نه پير جي جتي نه ئي وري صرف ٻار پيدا ڪرڻ واري مشين يا گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻي۔عورت جو احترام ڪرڻ سان اسان جو به معاشري ۾ تمام اوچو مقام ٿيندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بي شڪ سائين اوهان جون ڳالهيون 200 سيڪڙو درست ، اها سوچ ۽ تنهن تي عمل نهايت ضروري آهي ، الله تعالى سڀني مسلمانن کي نيڪ عمل ڪرڻ ۽ حقوق العباد جي پاسداري نصيب فرما ۔ آمين
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ ادا عورتن سان سهڻو سلوڪ ۽ انهن جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم ۔۔۔ اسين عورتن جا نوڪر، غلام ۽ هر لحاظ کان ٻڌا ٻانها آهيون ۔۔۔۔ اوهانجو حڪم سر اکين تي ۔۔۔

    ننڍڙي لاءِ امڙ جي پيار جا اسير هياسين ۔۔۔ انکانپوءِ ڀينرن جي خلوص جا معتقد ۔۔۔ انکانپوءِ ڪجهه ڀٽڪڻ کانپوءِ اهڙو ته محبوب مليو جو اڄ تائين گهاڻي جي ڏاند جيئان اکيون بند ڪري پيا ڦرون ۔۔۔ هاڻ وري ڌيئرن جي معصوميت اهڙو ته جڪڙيو آهي جو پنهنجي وات ۾ گرهه وجهڻ کان اڳ ڌيئرن جي بک جو خيال ٿو اچي ۔۔۔ ڪو نئون ڪپڙو يا ڪا ضرورت جي شئي خريد ڪندي پهريان نياڻين جو خيال ستائي ٿو ۔۔۔ پاڻ کي ڏکيو رکي انهن کي سکيي رکڻ جا جتن جاري آهن ۔۔۔ دعا ڪجو

    مطلب ته ڄمندي ئي ڄام آهيون ۔۔۔

    عورت ۽ مرد جو وجود ائين آهي ڪائنات ۾ جيئن رات ۽ ڏينهن جو وجود ۔۔۔ هڪٻئي کان الڳ الڳ ۽ هڪٻئي لاءِ ضروري ۔۔۔۔

    هڪ عورت کي مرد جي ڪک مان پئدا ڪري، دنيا جي سڀني مردن کي عورتن جي ڪک مان پئدا ڪيو ويو ۔۔۔۔۔ سبحان الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو