هڪ ڀيڻ جي گذارش

نثارابڙو

نائب منتظم
538413_10150970533873948_961277840_n.jpg


سنڌ جي سڄڻ ڀيڻ جي سنڌي ڀائرن کي هڪ گذارش!!!

سنڌ جا پڙهيل، اڻپڙهيل نوجوانو!!!
خدا جي واسطي!
گهر ۾ اجايو ويهي وقت نه وڃايو ...
ڪراچيءَ جو رخ ڪيو، ڪراچي ۾ ئي پنهنجي مستقل رهائش اختيار ڪري پنهنجي وطن سنڌ ۽ ڪراچيءَ جو تحفظ ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي خاندانن کي به معاشي طور تي مستحڪم ڪيو
 
تمام بھترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌي نوجوانن کي ھن ڳالھ تي عمل ڪندي ڪراچيء جو رخ ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اڳي ڪراچيء ۾ آباد آھن انھن جو اھو فرض آھي ته نوجوانن جي مدد ڪري انھن کي ڪنھن روزگار سان لڳائين۔
 
ڀيڻ ڌڻي اوهان کي سدا سکيو رکي ، 2010 ۾ جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ان وقت جيڪي سنڌي ماروئڙا ڪراچي پهتا هئا انهن کي اتي رهائڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن جي دروازي تي نه وياسين ، هڪ هڪ وٽ وياسين ته توهانجي هٿ وس ڪجه آهي جيترو به آهي اوتروئي سهي پنهنجن کي هتي روزگار مهيا ڪرايو انهن کي آباد ڪرايو ، هر هڪ هائو ضرور ڪئي پر عملي طور ڪجه به نه ڪيو ۔ جن ڪيو جي انهن جا پِرڪار هت لکان ته سڀ دوست مڙي مونکي هن اڱڻ تي ڪُٽڻ جي ڪوشش ڪندا ، تنهن ڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ۔
 
سنڌي نوجوانو ڪراچي جو رۡخ ڪريو

ترقي ان ۾ ئي آهي

سائين جي ايم سيد ڪافي ورهه اڳ ئي اها ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ ي نوجوان ڪراچي جو رخ ڪن
۽ روزگار ڪن

سدائين گڏ
 
ڀيڻ جون ڳالهيون وزن واريون آهن۔ جمالي صاحب ڏکيايون آهن ۽ اسان لاء ڪراچي ۾ ٽڪڻ سولو ناهي۔ پر پوء به ٿوري گهڻي جدوجهد ذريعي ماڻهو پهريان پاڻ سيٽل ٿئي ۽ پوء پنهنجي عزيزن يا فيملي کي به گهرائي۔

ڪراچي ۾ اسان جي موجودگي مالڪيء واري دعوا لاء ضروري آهي۔
 
آئون ادي جي ڳالھ تي متفق آهيان ته اسان کي به ڪراچي وسائڻ گهرجي۔
مون پاڻ هڪ مهينو ڪراچي ۾ روزگار جي سلسلي ۾ گزاريو آهي پر اتان آئون مايوس ٿي واپس پنهنجي شهر ميرپورخاص واپس هليو آيس۔
جتي به نوڪري لائي وڃان ته اتي اهو لفظ ٻڌڻو پيو تم سنڌ سي آئي هو ۽ جڏهن مونکان تعليم متلق پچيو ويو تڏهن مون منهنجي مادر ملت سنڌ يونيورسٽي جو نالو ورتو۔ سنڌ يونيورسٽي جو نالو ٻڌي ڪراچي وارا تعجب ۾ پئجي ويا ۽ سوال ڪرڻ لڳا اها يونيورسٽي ڪٿي آهي؟
اڄ الحمدالله آئون پنهنجي شهر ۾ سٺي نوڪري ڪري رهيو آهيان۔ چوندا آهن ته جتي انسان جو رزق لکيل هوندو آهي ان کي اتان ئي رزق ملندو آهي۔
 
Back
Top