عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستن جي خدمت ۾ هڪ سوال آهي ته ڇا بغير وضو جي ڪمپيوٽر تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري سگهجي ٿي؟
ادا بغير وضو جي ڪمپيوٽر تان تلاوت ڪرڻ مهل مائوس کي ته ضرور ٽچ ڪبو نه ڀلي وائر وارو مائوس هجي يا ليپ ٽاپ جو ٽچ مائوس ۔ اهو ڪرڻ جائز آهي يا نه؟رهي ڳالھ ڪمپيوٽر کي هت لائڻ يا موبائيل تي يا ڪيسٽ جنهن ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ڀريل يا وري لکيل هجي ته ان جو حڪم ڇا آهي ، جيڪر اوهان جو اهو سوال آهي ته پو جواب عنايت ڪبو انشاء الله !
ان مسئلي تي ڪنهن ڄاڻو دوست کي مدد ڪرڻ گهرجي۔ خاص ڪري مولوي رحيم بخش، افتخار چوهاڻ صاحب ۽ بشير احمد کي عرض ته حوالا ڏئي دوستن جي ۽ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن۔