قومي اسيمبلي اڄ راجا پرويز اشرف کي ملڪ جو 25 هون وزير اعظم چونڊي ورتو آهي۔ صدر آصف زرداري کيس صدارتي هائوس ۾ حلف کڻايو۔ ان سان گڏ تقريبن ساڳي ڪابينه جيڪا يوسف رضا گيلاني سان گڏ هئي ان پڻ ٻيهر حلف کنيو آهي۔
قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ چونڊ ۾ پ پ پ جي راجا پرويز اشرف 211 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته نواز ليگ جو سردار مهتاب عباسي صرف 89 ووٽ کڻي سگهيو۔ نئين ڪابينه ۾ فرزانه راجا جو واڌارو ٿيو آهي جڏهن ته فيصل صالح حيات ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين حلف ڪونه کنيو آهي۔