• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راجا پرويز اشرف ملڪ جو 25 هون وزير اعظم چونڊجي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

قومي اسيمبلي اڄ راجا پرويز اشرف کي ملڪ جو 25 هون وزير اعظم چونڊي ورتو آهي۔ صدر آصف زرداري کيس صدارتي هائوس ۾ حلف کڻايو۔ ان سان گڏ تقريبن ساڳي ڪابينه جيڪا يوسف رضا گيلاني سان گڏ هئي ان پڻ ٻيهر حلف کنيو آهي۔

قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ چونڊ ۾ پ پ پ جي راجا پرويز اشرف 211 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته نواز ليگ جو سردار مهتاب عباسي صرف 89 ووٽ کڻي سگهيو۔ نئين ڪابينه ۾ فرزانه راجا جو واڌارو ٿيو آهي جڏهن ته فيصل صالح حيات ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين حلف ڪونه کنيو آهي۔
 
هي پهريائين ملڪ جي ڪنهن هڪ ڪنڊ کي کائي رهيو هو هاڻي پوري پاڪستان ۾ گور چرندو۔ واه اسان جي قسمت جيڪڏهن اسان کي وزير اعظم چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي ها ته اسان سائين نثار ابڙو کي وزير اعظم بنايون ها۔
 
هائو سائين اوهان کي لک لک مبارڪون هجن نئين وزيراعظم جون ۔
چور چورن جا يارَ ، هڪڙا حاجي ٻيا زَوار

مان صرف هڪ خبر شيئر ڪئي هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔ مون ڪٿي به ڪنهن مبارڪباد جو ذڪر ناهي ڪيو۔

دوستو سنڌ سلامت هڪ اهڙي ويبسائيٽ يا فورم آهي جيڪو هن وقت سنڌين جو سڀ کان مقبول فورم آهي۔ فورم تي هر قسم جا ليک اچڻ سان گڏ حالات حاضره ۽ خبرون پڻ اپڊيٽ ٿينديون آهن۔ تنهنڪري ڪابه خبر اپڊيٽ ڪرڻ جو مقصد ان ۾ موجود پنهنجي خوشي يا غم ناهي هوندو۔

ڪالهه مون ميڊيا جي نيگيٽو ڪردار جو بغور جائزو ورتو ۽ ڏک پڻ ٿيم۔ صحافي کي تجزيو ڪرڻ گهرجي، خبرون ڏيڻ گهرجن پر افسوس جو اڄوڪا صحافي پاڻ ئي قاضي ۽ پاڻ ئي سزا ڏيڻ چاهين ٿا۔

جمهوريت هڪ اهڙو سسٽم آهي جنهن ۾ ماڻهن جي تور ناهي ٿيندي پر ماڻهن جي ڳڻپ ٿيندي آهي۔ هي فيصلو به هڪ چونڊيل پارليامينٽ جو آهي۔
 
ها سائين ڇا ڪريون پاڻ سنڌين جي قسمت اهڙي آهي جو هر ڪو ٿو پنهنجو پيٽ ڀري هاڻ ڏسجي ته هي نئون وزير اعظم وري ڪهڙا ٿو ڪارناما ڪري سرڪس جي ان جوڪر جيان جيڪو ٻين کي خوش ڪري ٿو پر پاڻ خوش ڪونه هوندو آهي سو پاڻ سان به ساڳيون مسئلو آهي جئين سرڪس ۾ ان ماڻهن جيان جيڪي خوش هوندا آهن ۽ جوڪر جو اندر خوش ڪونه هوندو آهي تئين هو وزير اعظم ٿيئڻ تي خوش آهي پر اسان سڀ ناخوش آهيون۔
 
Back
Top