ڪالهه سائين نثار ابڙو فيس بوڪ تي هڪ سائيٽ جو لنڪ موڪليو جنهن ۾ مختلف موبائيل جا گهر ويٺي پهچائڻ جا مناسب ريٽس ڏسي سگهجن پيا۔۔۔ سائيٽ گهمندي هڪ اهڙي اليڪٽرانڪ پرزي تي نظر پئي جنهن جي اڄ جي لوڊشيڊنگ واري دور ۾ ڪافي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي۔۔۔
هن کي خاص طور ڊيزائين ڪيو ويو آهي۔۔ جنهن ڪري هي سج جي ڪرڻ کي پاڻ وٽ گڏ ڪري هائي انرجي ليٿيم بيٽري کي چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔۔۔ ان کانسواءِ۔۔
هي آهي پورٽيبل سولر پاور بينڪ۔۔

هن کي خاص طور ڊيزائين ڪيو ويو آهي۔۔ جنهن ڪري هي سج جي ڪرڻ کي پاڻ وٽ گڏ ڪري هائي انرجي ليٿيم بيٽري کي چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔۔۔ ان کانسواءِ۔۔
- هن جي اندر به بلٽ ان بيٽري موجود ٿئي ٿي جنهن ذريعي ليپٽاپ يا موبائيل کي هلائي سگهجي ٿو۔۔۔
- ڪابه موبائيل مڪمل چارج ڪرڻ ۾ ڪلاڪ کان ٻه ڪلاڪ جو وقت جڏهن ته هائي انرجي ليٿيم بيٽري کي ٻه کان ٽي ڪلاڪن ۾ چارج ڪري سگهي ٿو۔۔۔
- هن ۾ سولر پينلس سان گڏو گڏ هڪ ايل اي ڊي پڻ لڳل آهي جنهن ذريعي آساني سان معلوم ڪري سگهبو ته بيٽري ڪيتري چارج ٿيل آهي ۽ وڌيڪ ڪيتري وقت ۾ مڪمل چارج ٿي ويندي۔۔۔
- وزن ۾ هلڪو ۽ استعمال ۾ آسان

ڪمپني جي اشتهار مطابق هن جي قيمت 8999 روپيه آهي۔۔۔ ته پو آهي ڪو ضرورت مند دوست۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟