عرس پريو
سينيئر رڪن
اکين جي آرَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو،
دلين جي پيارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
نظر جو وارُ لڳاتار اُلاري ڪو جڏهن،
ته وار وارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڪُسڻ جي ويلَ شهيدن به هيءَ ڏني فتويٰ،
ڪجل جي ڌارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
سچي ڪري نه ڪري ڪوئي پر حقيقت آ،
ته دم ديدار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڏٺم جهان کي ”مدهوشَ“ غورَ سان گهُوري،
ته هر نهار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو
احمد خان مدهوش