اکين جي آرَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو، (احمد خان مدهوش )

عرس پريو

سينيئر رڪن
اکين جي آرَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو،
دلين جي پيارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
نظر جو وارُ لڳاتار اُلاري ڪو جڏهن،
ته وار وارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڪُسڻ جي ويلَ شهيدن به هيءَ ڏني فتويٰ،
ڪجل جي ڌارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
سچي ڪري نه ڪري ڪوئي پر حقيقت آ،
ته دم ديدار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڏٺم جهان کي ”مدهوشَ“ غورَ سان گهُوري،
ته هر نهار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو
احمد خان مدهوش
 
هائو يار عرس! پيار ۾ آهي مزو ئي مزو، جي حاصل ٿي وڃي ته ۔۔۔

مدهوش جو مدهوش ڪندڙ غزل ۽ مٿان وري تنهنجو غضب۔۔۔ اصل واه واه
 
ڏٺم جهان کي ”مدهوشَ“ غورَ سان گهُوري،
ته هر نهار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو
يار عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين چونڊ، مدهوش ڪاڇي جو اهو شاعر هو جنهن کي تمام گهڻي شهرت ملي ۽ ماڻهو کيس ڳائيندا رهيا آهن۔

مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو
 
Back
Top