سڄڻو اڄ ڪلهه مونسان هڪ عجيب مونجهڪارو آهي ، جڏهن به آفيس ۾ يا گهر ۾ ڪمپيوٽر جي اسڪرين آڏو ڪم ڪرڻ شروع ئي ڪريان ٿو ته ننڊ اچڻ شروع ٿي ٿئي ۽ اکيون بلڪل ٻوٽجي ٿيون وڃن ، جيئن ڪمپيوٽر جي اسڪرين کان پري ٿو ٿيان ته هشاش بشاش آهيان ۔ ايئن ڇو ٿو ٿئي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ مهرباني ڪري راهنمائي ڪريو ۔
سائين ناراِض نه ٿيو ته هڪ ڳالھ چوان۔ اها نڀاڳ جي بيماري آ۔ اها منهنجي ننڍي ڀا فواد کي به آهي جڏهن به مان ان کي ڪو ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ لا چوندو آهيان ته ان کي به ننڊ وٺندي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جڏهن ننڊ پوري نه ڪجي ته پوء ايئن ٿيندو آهي ۽ مان پڻ ان بيماريء ۾ ورتل آهيان، خاص ڪري جڏهن رشيد رات جو ٻارهين بجي آنلائين ٿي ڪنهن ڪم جو چوندو آهي ته اسان کان ڪم الٽا ٿي ويندا آهن، شاباس آهي سائين نثار ابڙو کي جيڪو آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندي منهنجي جان آجي ڪرائيندو آهي۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري جمالي صاحٻ پهريان پنهنجي ننڊ کي پورو وقت ڏيو ۽ پوء باقي وقت ڪمپيوٽر کي ڏيو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪمپيوٽر تي ويهندي اوهان واري صورتحال به ٿي سگهي ٿي پر اها وقتي هوندي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوء حالتون بهتر ٿي وينديون آهن۔
اها نڀاڳ جي بيماري آ۔ سهڻا سائين هن عمر ۾ ڪهڙو نڀاڳ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ گهر ۾ شوقيه ڪمپيوٽر استعمال ڪندو آهيان ۽ آفيس ۾ سرڪاري خط وڪتابت بذريعه ڪمپيوٽر تي به صرف درستگي ڪرڻي هوندي آهي ، باقي ته سڄو ڪم اسٽاف ئي ڪندو آهي ۔
ها ها ها ها ۔۔۔۔ مونکي وري نماز جي وقت اوٻاسيون اينديون آهن ۔۔۔ الائجي ڇو ۔۔۔ ها ان کي نڀاڳ چئجي يا شيطاني ڪا چال ۔۔۔ پر خاص ڪري عصر جي نماز ۾ ته اوٻاسيون ڏئي ڏئي ڳياڙيءَ ۾ سور پوندو آهي ۔۔۔ خئير پاڻ سان، شيطان سان ۽ ماحولياتي آلودگيءَ سان جنگ جاري آهي ۔۔۔
مونسان وري اها ساڳي حالت تلاوت ڪرڻ مهل ٿيندي آهي ۔ ان کي آرس به چئي سگهجي ٿو ۔ سستي به ۔ يا وري شيطاني وسوسو کڻي چئجي
مونسان وري اها ساڳي حالت تلاوت ڪرڻ مهل ٿيندي آهي ۔ ان کي آرس به چئي سگهجي ٿو ۔ سستي به ۔ يا وري شيطاني وسوسو کڻي چئجي آرس به سُٺي ڳاله ڪو نه آهي ۔ شيطاني وسوسن کان الله سائين اوهان کي پناه ۾ رکي آمين
هر اهڙي موقعي تي جڏنهن ذهن ڀٽڪي ، سستيءَ يا ڪاهليءَ ڪري ته ”انا لله و انا اليه راجعون“ يا ”والعصر ان الانسان لفي خسر“ يا لا حول ولا قوت اِلا بلي عَليُل العظيم پڙهندا ڪريو۔ ۽ بس پوءِ توجهه ڏئي پنهنجي ڪم کي جنبجي پئو هڪ ٻه دفعا ايڪسر سائيز ٿيڻ کان پوءِ رواني پئدا ٿي ويندي۔ نفسياتي طور تي اهو ان ڪري ٿئي ٿو ته جڏنهن توهان جو شعور ڪم ڪرڻ جو ارادو ٿو ڪري ته لاشعور ۾ ويٺل پُراڻيون ڳالهيون شعور کي پُٺتي ڌڪيلڻ لاءِ رُڪاوٽون پئدا ڪن ٿيون، صدين کان ميڊيٽيشن يا مُراقبو ئي ان جو حل آهي جيڪي عامل زاهد ڪندا آيا آهن جيڪو ڪنسنٽريشن پئدا ڪري ٿو۔ والله اعلم