کپرو ،سنڌڙي ڀرپاسي ۾ اين جي اوز جا ڪارنامه.....!

'سورنهن سينگار' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2012۔

  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    کپرو ،سنڌڙي ڀرپاسي ۾ اين جي اوز جا ڪارنامه.....!
    محمد علي بوزدار

    کپرو تعلقه ۽ ڀرپاسي جا علائقا جيڪي گزشته برساتن سبب مڪمل طور تباهه ٿي ويا هئا. زرعي زمين ۾ واٽرڪورس، رستيون ختم ٿي چڪيون هيون. زمينن تي ويٺل بي يارو مددگار هاري اٽي لپ لاءِ سڪي رهيا هئا. جنهن جو رپورٽون ميڊيا تي اچڻ بعد اين جي اوز وارا انهن علائقن جا ڪوڙا انگ اکر ڏيکاري اتي رهندڙ ماڻهن جا بدحالي وارا فوٽو ڏيکاري عالمي ادارن جي کان امداد لاءِ اپيل ڪئي جنهن بعد يون اين اي جي عالمي اداري ڊبليو ايف پي پاران ايريگيشن جو نظام بحال ڪرڻ لاءِ مختلف انٽرنيشنل اين جي اوز کي پروجيڪٽ ڏنا تعلقه کپرو جي 9 يونين ڪائونسلن سميت سنڌڙي جون 4 يونين ڪائونسلون ۽ ڀرپاسي لڳندڙ ننڍا توڙي وڏن شهر ۾ مختلف اين جي اوز جن ۾ ايڪٽڊ، سيو دي چلڊرن، ورلڊ وزن، هينڊس وغيره وارن پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا جيڪي هر يوسيز جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري انهن علائقن ۾ ڪاميٽيون جوڙيون جن هڪ ڪاميٽي ۾ 40 کان 50 ماڻهو رکيا ويا جن جيڪي پنهنجي ڳوٺ جي واٽر، ڪچي رستي ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا. اين جي اوز جي مختلف ماڻهن ڳوٺ وارن سان ملي ڪري 20 ڪم وارا ۽ 20 خالي ماڻهن جا ڪارڊ ڄاڻايا جن کي 14 ڏينهن اندر هڪ سمارٽ ڪارڊ ڏنو ويو جيڪو اومني دڪان کان پاس ٿيڻو هو. ڪم يا مزدورن جي ڪم ڪرڻ تي ڪو اين جي اوز جو ماڻهو مقرر نه ڪيو ويو فقط رڳو ڳوٺ جو چڱو مڙس مقرر ڪيو ويو هو جيڪو روزاني جي حاضري فارملٽي طور ٺاهي پيش ڪندو هو. جتي اين جي اوز وارا پڻ ملي ويا جن مقرر ڪيل 40 ماڻهن مان ڪافي خالي نالن تي جاري ڪيل ڪارڊ ملي ڀڳت ڪرائي پاس ڪرايا آهن. کپرو تعلقه ۾ ڪافي سفيڊ پوش ماڻهن پڻ اهڙا ڪارڊ جاري ڪرايا آهن جن ۾ ليڊيز پڻ شامل آهن. هڪڙي نظر سان ڏٺو وڃي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت بهتر ڪم هو پر عالمي اداري پاران آيل اها رقم ماڻهن کي مستفيد نه ڪري سگهي ۽ اها رقم 50 سيڪڙو مفت خورن جي ور چڙهي ويئي آهي. هڪ پاسي لکين روپيا پگهارون کڻندڙ اين جي اوز وارا ڀاڳي ڀائيوار ٿي ويا ٻئي پاسي ڳوٺن جا وڏيرا، ڀوتارن پڻ انهن ڪمن ۾ ڪا قصر نه ڇڏي آهي. جڏهن ته ٻئي هڪ اين جي اوز جن في خاندان کي هر ٽن مهينن لاءِ راشن ڏيڻ جو پروجيڪٽ کنيو انهن تي ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. انهن ۾ علائقي جا وڏيرا، ڀوتار جيڪا اين جي اوز واران سان ملي ڪري ڪافي ڪوڙن ڪارڊن تي راشن ڪارڊ جاري ڪرائي هر ٽي ماهي قسط ۾ خوراڪ جو سامان حاصل ڪيو. اين جي اوز وارن ڪافي سامان سياسي مداخلت سبب پڻ ورهاست ڪئي جنهن سبب ڪيتراٰءِ حقدار رهجي ويا. انهي پروجيڪٽ ۾ به ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا پر پوءِ به هن علائقي واسين جو حال بهتر نه ڪري سگهيا ڇاڪاڻ تي پروجيڪٽ لکت ۾ ته بهتر ٿي نظر آيو پر ان تي عملي ڪم بهتر نه ٿيڻ ۽ مس مينيجمنٽ ٿيڻ ڪري ڪيترو ئي سامان غير متعلق ماڻهن کي ڏنو ويو. اين جي اوز وارا جيڪي ڪک پتي هئا سي لک پتي بڻجي ويا. اهڙا به انڪشاف ٿيا آهن ته وڏيرن سامان پنهنجي هارين کي ڏياري انهن جي کاتن ۾ ان جي رقم لکي آهي. جڏهن ته ان دوران اين جي اوز وارن سان سامان جي ورهاست بعد کپرو ۾ دال، گيهه، کنڊ، ٻين سامان جا پڙا سري عام ريزڪي دڪانن تي رکي وڪرو ٿي رهيا هئا پر ان بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. اخبارن ۾ اڪائونٽبيلٽي جو ڏنل يو اين او جو اشتهار به شڪايت ڪرڻ باوجود ڪارروائي نه ڪري سگهيو. معاملو فقط ڏيتي ليتي تائين محدود رهيو. جڏهن ته هڪ ٻئي اين جي اوز واران ته ڪمال ڪري ڇڏيو في شادي شده جوڙي کي 17 هزارن جو سامان واه سائين واه هاڻ تي ٺٺ ٿي ويا...! پر ڇا ڪجي يار اسان جي معاشرو ڪرپشن ۾ ايترو تي لپيٽجي ويو آهي جنهن کي ڪيتر به ختم نٿو ڪري سگهي. اها اين او به سياست جي ور چڙهي ويئي اصل مينهن متاثر رڙيو ڪندا رهيا ڳجهه ڳوهه ۾ رات جي پيٽ سروي ڪري ڪجهه مخصوص زميندارن جي هارين جا نالا شامل ڪري انهن کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا . جيڪي وري ور چڙهي ويا ريزڪي دڪاندارن جي في ماڻهو کي 17 هزارن جا مختلف چيڪ ڏنا ويا جن ۾ ريزڪي دڪان جو چيڪ جيڪو 10 هزارن جو جتي انهن کي 6 هزارن جو سامان ڳري اگهن سان مليو چوڻ جو مطلب ته 17 هزارن جي جاءِ تي 10 هزارن جيترو سامان ڏنو ويو اتي به اين جي اوز وارا ڳوٺ جي ماڻهن سان ملي ڪري عارضي ريزڪي دڪان قائم ڪيا ويا جتي مدي خارج سامان ڏيئي اين او اوز جا چيڪ پاس ڪرايا ويا. تعلقه کپرو کپرو ۾ اين جي اوز پاران ڏنل اسڪيمون ته بهتر هيون پر ان کي هلائڻ وارو عملو بهتر نه هجڻ ڪري اهي تعلقه کپرو کي مستفيد نه ڪري سگهيا آهن. جتي ڪرپشن وڌيڪ ٿي آهي. ڇا اهڙو ڪو ادارو نه آهي جيڪو ان جي جانچ ڪري سگهي، ڪارروائيون ته ٿينديون آهن پر ڪاغذي عملي نه. هاڻ ڳالهه اها آهي ته ڇا حڪومت يا ڪو عالمي ادارون جن پنهنجا فنڊ اربين جاري ڪيا پڻ جي جانچ ڪهڙي نموني ڪري ٿي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي.

    کپرو محمد علي بوزدار
    فون نمبر 03063316105
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان کي جس هجي جو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۽ نا انصافين کي سهيڙي پيش ڪري رهيا آهيو۔ اوهان جو اهو ڪم ساراهه لائق آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مٺڙا محمد علي بوزدار صاحب ، ايڏي پيرائتي انداز سان اوهان پنهنجي شهر جو نقشو چِٽيوآهي ، سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ، سوچي سوچي ڪجه ذهن ۾ تَري آيو ،آخر ته مسلمان آهيون !!!!! اهي گڻ ته هوندا اسان ۾ ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    مهرباني ڀا اسان کي ياد ڪرائڻ جي ته اسان مسلمان آهيون پر لڳي ٿو اسان پاڻ کي وساري ويٺا آهيو تنهنڪري ايڏو ظلم ڪري رهيا آهيون ٻيو ته ظلم ٿيندو ڏسي رهيا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو