کپرو مستحقن عورتون سان انصاف ڪريو..

'سورنهن سينگار' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2012۔

  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro

    کپرو ۾ 12 هزارن کان مٿي مستحق عورتن کي ماهانه هزار روپيه ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل هڪ اومني سينٽر عذاب بڻيل، کپرو ۾ هڪ ئي سينٽر هجڻ ڪري 200 کان 300 روپيه 1000 تي ڪٽوتي پئسا وٺڻ لاءِ ايندڙ سوين عورتن ٿاڻي روڊ تي قائم ڪيل اومني سينٽر عذاب ڀوڳڻ تي مجبور، سمورو ڏينهن نٽهڙ اس ۾ بيهي بيهي واپس ڪريو ڇڏن ٿا پئسا تڙپائي تڙپائي ڏنا وڃن ٿا. جيڪي عورتون مقرر ڪيل ايجنٽن کي 200 يا 300 ڏين ٿيون انهن کي پئسا جلد ڏنا ٿا وڃن، اومني سينٽر وارن سان يو بي ايل اومني ميرپورخاص ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا آفيسر ملوث آهن شڪايتون ڪرڻ باجود ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي مستحق عورتون جو ميڊيا اڳيان انڪشاف. تفصيل موجب تعلقه کپرو ۾ بينظير غربت سروي بعد مستحق قرار ڏنل 12 هزارن کان مٿي غريب عورتون کي ماهوار 1000 روپيه ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران اهڙو ٺيڪو هڪ پرائيوٽ بئنڪ کي ڏنو هو جنهن وري پرائيوٽ ماڻهن کي يو بي ايل اومني جو ٺيڪو ڏنو آهي جتي سوين عورتن نٽهڻ اس ۾ بيهي پئسا وٺڻ لاءِ هر مهيني اينديون آهن کپرو ۾ 12 هزارن کان مٿي عورتن کي پئسا ڏيڻ لاءِ هڪ پرائيوٽ ماڻهو کي اهڙو ٺيڪو ڏنو ويو آهي جنهن وٽ بئنڪ عملي جا ڪيل سمورو مهاعدا رد ٿي ويا آهن ته هڪ جاءِ تي به سينٽر نٿا قائم ڪري سگهن پر کپرو ۾ شاهه لطيف موبائل شاپ اومني دڪان ۽ خادم دوا خانه اومني شاپ جي نالي سان هڪ ئي مالڪ هڪ ئي هنڌ هلائي رهيو آهي. جڏهن ته بئنڪ جي پاليسي موجب نٿا هلائي سگهن. سروي دوران پئسي وٺڻ لاءِ ايندڙ عورتن کنڊ ٻائي، مسمات بچل، لاڏان، مريم، اميرزادي، شريمتي هريان،شريمتي قيصري ٻڌايو ته هر مهيني جي 1 کان 5 تاريخ تائين صبح جو 9 وڳي اچي بيهندا آهيون، رش وڌيڪ هئڻ جي گرمي اسان ئي پئسا نٿي ملي سگهن مسلسل 3 يا 4 ڏينهن جي محنت کانپوءِ ڪنهن ايجنٽ جي ذريعي اسان کي ڪٽوتي ڪرڻ بعد رقم ادا ڪئي ويندي آهي. انهن ٻڌايو ته دڪان مين روڊ تي هجڻ جي ڪري ايندڙ سمورو ڏينهن روڊ تي ويٺيون هونديون آهيون، پيئڻ جي پاڻي ۽ ويهڻ جا ڪابه سهوليت موجود نه آهي. انهن ٻڌايو ته مين روڊ تي دڪان هجڻ ڪري سمورو ڏينهن اوٻاش ڇوڪرا اسان کي تنگ ڪندا رهن ٿا. ۽ اومني شاپ جا مقرر ڪيل ايجنٽ اسان کي تنگ ڪن ڪڏهن ڪمپيوٽر خراب هجڻ جو بهانو ڪڏهن ڪيش نه هجڻ جو بهانو ڪري پئسا نٿا ملن ٻئي پاسي مقرر ڪيل ايجنٽ اسان کي 200 کان 300 روپيا ڪٽي اسان کي پئسا ڏياريندا آهن. جڏهن ته اومني شاپ جو مالڪ مستحق عورتن کي مختلف هربن سان تنگ ڪري ٿو جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي عزت واريون عورتون پئسا وٺڻ کان لنوائينديون آهن. جڏهن ته سوين عورتن اومني شاپ اڳيان مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪيو آهي مگر اومني ايجنٽ جا مٿي تائين رسائي سبب ڪوبه تحرڪ نٿو وٺي ٻئي پاسي کپرو جي سڃاڻ ڌرين عورتن جي اهڙي تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اومني مالڪ ۽ ان جي ايجنٽ خلاف ڪارروائي ڪري گذريل 2 سالن کان غريب عورتن کي ٻڻهي هٿن سان لٽيندڙ جو احتساب ڪري غريب عورتن سان انصاف ڪيو وڃي کپرو ۾ 12 هزارن کان مٿي مستحق کي ماهوار پئسا ڏيڻ لاءِ 10 کان مٿي سينٽر قائم وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندي ويندي.

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو ته اهڙي نا انصافي لاء اتان جي چڱن ۽ سماجي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سرگرم رهي ان قسم جي نا انصافين خلاف آواز اٿاري ازالو ڪرايو وڃي۔ ان سان گڏ انتظاميه پڻ وقت سر ڪاروائي ڪندي اتان جي بي سهارا ماڻهن کي رليف پهچائي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو