کپرو مستحقن عورتون سان انصاف ڪريو.. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عذاب بڻيل

'سورنهن سينگار' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2012۔

  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ پوسٽ آفيس جي ۾ ڪرپشن کانپوءِ جاري ڪيل سمارٽ ڪارڊ ۾ ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سمارٽ ڪارڊ ذريعي کڻندڙ سوين کپرو ۽ ڀرپاسي جي مستحقين عورتن جا پئسا يو بي ايل اومني ميرپورخاص ذريعي ميرپورخاص جي مختلف اومني ايجنٽن غير قانوني طور مستحقين جا پئسا ڪڍرائي ڇڏيا. بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا مستحقين کي نه ملي سگهيا. مستحقين جو احتجاج، ميرپورخاص جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڊپٽي ڊائريڪٽر يو بي ايل اومني ذريعي ٿيندڙ سائبر ڪرائم جو نوٽيس وٺي انڪواري شروع ڪري ڇڏي ڪوبه نتيجو نه نڪتو. 2 مهينا گذري ويا آهن ميرپورخاص جي آفيس جا چڪر ڪاٽينڊي رڳو ڦوٽو ڪاپيون وٺي دلاسا ڏيئي روانا ڪن ٿا متاثرين جون ڳالهيون. کپرو ۾ 14 هزارن مستحقين لاءِ فقط 2 ايجنٽ مقرر ڪيل 1000 روپين تي 100 کان 200 غير قانوني ڪٽوٽي ايجنٽ مقرر ٿيل. خبر موجب کپرو کپرو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت حڪومت پاران سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا هئا. جن ذريعي هر مستحق عورت کي 1000 روپيا ماهوار ڏنو ويندو. جڏهن ان سمارٽ ڪارڊ هڪ خاص ڪوڊ ۽ بار ڪوڊ ڏنل آهي جنهن کي پاس ڪرڻ لاءِ حڪومت اهڙو ٺيڪو يونائيٽڊ بئنڪ کي ڏنو هو جنهن يو بي ايل اومني ذريعي مختلف شهرن ۾ ننڍن دڪاندار کي ايجنٽ مقرر ڪري مستحقن تائين پئسا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. جڏهن ته هن سسٽم تحت کپرو ۽ ڀرپاسي جي سوين عورتن جا لکين روپيا ميرپورخاص جي ڪجهه يو بي ايل ايجنٽن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪنهن آفيسرن سان ملي ڪري لکين روپيا ڪڍرائي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ متاثرا عورتن ڪريمت زال فيضو. بختاور زال عبدالڪريم.سوڍي زال اسحاق صيحت زال اسماعيل شريمتي هريان. مسمات دپو سميت ٻين عورتن ۽ ان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي پئسا بنا سمارٽ ڪارڊ ڏسڻ جي ميرپورخاص وارن هڙپ ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جي ڪري اسان کي پئسا نه ملي سگهيا آهن. جڏهن ته ٻي پاسي ٻين سوين تعلقه کپرو ۽ ڀرپاسي جي مستحقين عورتن جا پئسا پڻ غير قانوني طور اومني ايجنٽ پاران ڪڍڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. سروي ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي ته سمارٽ ڪارڊ تي هڪ خاص بار ڪوڊ ڏنل هوندو آهي جيڪو ڪميپوٽر ذريعي يو بي ايل اومني جي سسٽم تحت ڪمپيوٽر پڙهندو ۽ پئسن جي تفصيل ٻڌائيندو آهي. جنهن جي ذريعي مستحقين کي هر مهيني پئسا ڏنيا ويندا آهن. جڏهن ته اهڙي سائبر ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ کپرو واسين لکت ۾ پڻ درخواستون ڏنيون آهن مگر ان خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ميرپورخاص جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خرم باجوه سروي دوران پڇڻ تي ٻڌايو ته اسان اهڙي ڏوهه جي روڪٿام لاءِ يو بي ايل اومني جي آفيسرن کي لکندا سين ۽ کنيل پئسا مستحقين کي واپس ڏيارينداسين. جڏهن ته سروي ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي جن عورتن جا پئسا رڪجي ويا هئا ان انهن پنهنجي سمارٽ ڪارڻ ۽ شناختي ڪارڊن جو ڪاپيون ميرپورخاص جي آفيس ۾ جمع ڪرايون هيون جنهن جي ذريعي اهي پئسا ڪڍرايا ويا آهن.
    کپرو____________ جڏهن ته ٻي پاسي اهو پڻ معلوم ٿيو آهي. يو بي ايل اومني جا ميرپورخاص جا اڳواڻ يو بي ايل اومني کي ايجنٽ مقرر ڪرڻ لاءِ مختلف ريٽ مقرر ڇڏيا آهن.جنهن جي ذريعي يو بي ايل جا ايجنٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت کڻندڙ مستحقين عورتن کان 1000 تي 100 کان 200 روپيا ڪٽوتي ڪندا آهن. جنهن لاءِ پرائيوٽ ايجنٽ پڻ مقرر ڪيل آهن. کپرو ۾ 14 هزار مستحق عورتن کي هر مهيني 1000 ڏيڻ لاءِ فقط 2 عدد اومني ايجنٽ شاهه لطيف موبائل شاپ ۽ خادم دواخانه جي نالي سان مقرر ڪيل آهن. جيڪي مين روڊن تي آهن. جتي عورتون سون جي تعداد ۾ نٽهڻ اس قطارون ڪري بيهن ٿيون. جيڪي ايجنٽ ذريعي 100 کان 200 روپيا وٺي پئسا ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته پئسا وٺندڙ مستحقين جي پيئڻ جي پاڻي ۽نٽهڻ اس کان بچڻ لاءِ ڪابه سهوليت نه رکي ويئي آهي. سروي دوران اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته جيڪي عورتون 2 يا 3 مهينا پئسا نٿيون کڻن انهن کي به آيل ٽن هزارن جي بجاءِ فقط هڪ هزار ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته حڪومت پاران انٽرنيٽ ذريعي هڪ ويبسائٽ ذريعي پئسا چيڪ ڪري سگهجن ٿا ته ڪيترا آيل آهن. مگر هتي جون اٻوجهه عورتون پئسا چيڪ ڪرائڻ جي بجاءِ جيڪي کين ڏنو ويندو آهي کڻي روانو ٿي وينديون آهن.
    کپرو_______کپرو ۽ ڀرپاسي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڪيل انشورنس آيل ڪاغذ پوسٽ آفيس پاران ايجنٽ حوالي غريب ۽ مستحقن عورتن کي لک روپيا ڏيارڻ جا خواب ڏيکاري في ليٽر تي 500 کان 1000 روپيا مقرر ڇڏيا آهن. سوين عورتون ليٽر کڻي شهر ۾ لک روپيا وٺڻ لاءِ ڦرنديون رهيون. تفصيل موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هر مستحق عورتن جي حڪومت پاران اسٽيٽ لائيف جي انشورنس پاليسي ڪرايل آهي جيڪا سال 2010 کان 2011 تائين مقرر ٿيل جنهن دوران مستحق عورت ۽ مرد ٻنهي مان هڪ فوت ٿيڻ جي صورت ۾ لک رويپا ڏنا ويندا جا ليٽر کپرو جي پوسٽ آفيس ۾ آيل آهن. جيڪي پوسٽ آفيس پاران مختلف ايجنٽ جي ور چڙهي ويا آهن جن عورتن کي لک روپيا ڏيارڻ جي بهاني 500 کان 1000 روپيا وصول ڪري رهيا آهن. جنهن سبب سوين عورتون کپرو جي مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيون آهن ته اسان کي هي لک روپين جا ڪاغذ مليا آهن پئسا ڪير ڏيندو جڏهن ته اهي فقط انشورنس پاليس جا ليٽر آهن. ان ڏسي متاثره عورتون پوسٽ انتظاميه خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي.

     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪان آهي
     
  3. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    ڳالهه تي پراڻي آهي پر ڇا ڪجي اکين اڳيان ظلم ٿيندي نٿا ڏسي سگهون۔۔۔ جتي ظلم ٿئي ان خلاف جهاد ڪجي جي جهاد جي طاقت ناهي ته رڙيون ڪريون ظلم خلاف اسان قلم ذريعي رڙيون ڪري رهيا آهيون پر ڇا ڪجي هن ملڪ ۾ اڪاونٽيبليٽي نالي جي ڪا شي آهي ئي ڪونه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو