غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
زندگي ڇا آهي؟
محترم ميمبرس ڪجه ڏينهن اڳ ۾ اسان کي ميرپور خاص وڃڻ ٿيو ۽ اتي ڪجه شاگردن سان مٿين موضوع تي ڳاله ٻوله ٿئي۔ هڪ ٿري شاگرد ممتاز علي سميجو زندگي کي ڪيئن ڏٺو،اچو ته اوهان کي هنن جي الفاظن ۾ ٻڌايون :_
مٿين سوال جو جواب ته ڪوبه هڪ هئڻ گهرجي هان جنهن تي سڀ ڏاها ۽ دانا ماڻهون متفق هجن هان پر ايئن نه ٿيو،هر انسان زندگي کي مختلف انداز ۾ پرکي ان سوال جو جواب مختلف ڏنو۔اسان جهڙو ڪم فهم شخص پنهنجي بصيرتي مشاهدي جي آڌار تي زندگي کي راحت ۽ رنج جو گڏيل ميلاپ ٿو سمجهي۔اهو اندازو هوندو آهي ته جهڙي طرح اڄ جو ڏينهن گذريو آهي،انهي طرح سڀاڻي وارو ڏينهن به گذري ويندو۔ هن مختصر زندگي ۾ ماڻهون زنده رهڻ لاء ڇا ڇا نه ٿو ڪري۔ پنهنجي خوشين جي لاء ٻين جون خوشيون ڦري ٿو وٺي۔ پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاء ٻين جو پيٽ ڦاڙي ٿو ڇڏي۔پنهنجي رعب ؤ شان جي لاء ٻين ماڻهن کي هروڀروبي عزت ٿو ڪري۔ امير ماڻهون پنهنجي ضرورت جي لاء موسم بدلي ٿو ڇڏي، سياري ۾ هيٽر ۽ اونهاري ۾ اي سي استعمال ٿو ڪري۔ غريب ماڻهون کي هڪ وقت جي ماني به نصيب نه آهي، جڏهن ته امير ماڻهون جو پٽ هڪ ڏينهن ۾ هزار رپئي جا رانديڪا ٽوڙي ٿو ڇڏي۔ امير ماڻهون پنهنجي دولت تي نازان هوندو آهي جڏهن ته غريب ماڻهون پنهنجي بي بسي تي روئندو آهي۔ زندگي ان جو نالو آهي ته هڪ ماڻهون وڏا ٽهڪ ڏئي کليندو آهي جڏهن ته ٻيوماڻهون لڪي لڪي ڳوڙها ڳاڙيندو آهي ۔ هي زندگي مختصر آهي۔منهنجي آقا حضرت محمد مصطفئ صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ فرمان جو مفهوم آهي:_
” غريب ۽ امير اعمال ۾ برابر هوندا ته امير ماڻهون کان غريب ماڻهون پنج سوء سال اڳ ۾ جنت ۾ ويندو ڇو ته ان جي زندگي تڪليف ۾ گذري آهي“
_________ _________
هڪ ٻئي شاگرد ولي داد مري جي مطابق :_
” ڪڏهن لاها ته ڪڏهن چاڙها، ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک ،ڪڏهن ڇانو ته ڪڏهن اس ، انهي جو نالو زندگي آهي ۔ ڪڏهن ڪٿي ويهي واري جو گهر ٺاهيوهو ۽ وري ان کي پنهنجي هٿن سان ڊاهيو هو۔پيڪڙيون پتڪڙيون خواهشيون هيون ۽ معصوم جذبا هئا يا وري بقول حاجي احمد ملاح جي ڪو ” خواب هو يا خيال “ ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهندا هئاسين ۽ وري جهٽ پرچي پوندا هئاسين۔اڄ اهي ڳالهيون ۽ جذبا الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهن؟ شايد پنهنجي حقيقي اها ئي زندگي هئي ، جنهن کي ياد ڪري اکيون ڀرجي اچن ٿيون۔
____ _____________ ____________
زندگي جي باري ۾ ڪجه سنهري ڳالهيون اوهان جي نظر:_
” جيڪڏهن زندگي ۾ خوش رهڻ ٿا چاهيو، ته ان شي جي خواهش نه رکو جيڪا توهان جي پهچ کا ٻاهر هجئي“
” زندگي هڪ اهڙو تجربيگاه آهي جنهن ۾ نوان نوان رستا ڳولهڻ سان منزل پري ٿئي ويندي آهي“
” زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي“
” زندگي هڪ امانت آهي جنهن کي واپس ڪرڻ هڪ اذيت ناڪ عمل آهي“
” زندگي فقير جي ڪشڪول وانگر آهي جنهن ۾ هر انسان کي پنهنجي ئي مقدر جي ڀيهڪ ملندي آهي“
_________ __________________ ____________
زندگي سٺي نموني گذارڻ گهرجي ،ورنه زندگي ته ڪتن ٻلين ۽ گيدڙن جي به گذري ويندي آهي۔ زندگي ان طرح سان گذارجي جو ايندڙ نسل اسان تي فخر ڪري ۽ تاريخ اوهان کي چومي وٺي، توهانجي ۽ اسانجي زندگي گذارڻ جو طريقو ڏسي گهڻيون زندگيون سڌري وڃن۔ جيڪڏهن زندگي گذاربي ظالم ؤ جابر طور تي پهريون ايندي لعنت ملامت ۽ پوء نالو۔جيڪڏهن سٺي زندگي گذارڻي آهي ته وڻ وانگر هر گرمي ۽ اس جي ستايل لاء ڇانوء ٿئي پوء يا ڏيئي جي روشني وانگر هر ڀٽڪيل راهگيرکي روشني جو رستو ڏيکار۔
آخر ۾ زندگي اسان جي نظر ۾ :_
زندگي حقيقت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي تسليم ڪيو۔
زندگي حسين آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان سان پيار ڪيو۔
زندگي محبت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان جي پرستش ڪيو۔
زندگي چيلنج آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان سان مقابلو ڪيو۔
زندگي راند آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي کٽيو۔
زندگي سفر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي مڪمل ڪيو۔
زندگي ڏک آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان تي ڪنٽرول ڪيو۔
زندگي خوبصورت آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان مان لطف اندازو ٿيو۔
زندگي تمام ٿوري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي ايئن ضايع نه ڪيو۔