• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

28 جون 2012 ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ ڪتاب جو مهورت ”مان ذرو تون ماهتاب”

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو

توهان سڀني دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ٽنڊوالهيار ضلعي ۾اسان جي مشهور شاعر سيد مرتضى شاهه ڏاڏئي جي ڪتاب ”مان ذرو تون ماهتاب” جو مهورت خميس شام 6 بجي بتاريخ 28 جون2012 تي ٿيندو جنهن ۾ مشهور شاعر، اديب ۽ دانشور سيد مرتضى شاهه جي ڪتاب بابت ڳالهائيندا ۽ ان کان پو محفل موسيقي ٿيندي جنهن ۾ مشهور فنڪار صادق فقير ۽ ٻيا مختلف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا
 
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب سنڌ جو ڀلوڙ شاعر آهي۔ سندس جم 26 نومبر 1939ع ۾ ٿيو۔ سندس والد امام الله شاهه خود به علمي ادبي شخصيت طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو۔سندس سڄاڻ ته شاعري آهي پر سائين مرتضيٰ نه فقط شاعري پر ادب جي ٻين صنفن تي به خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، افسانو، مزاحيه ڪالم، ريڊيو لاءِ ميوزيڪل فيچر به شامل آهن. ڏاڏاهي صاحب کي شاعري ۾ ڪافي جي صنف تي خاص عبور آهي۔

زهر کي به زم ز م ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳيئي، مري جي ڏٺوسين.
 
Back
Top