چون ٿا ته، دنيا جو عظيم ۽ سڀ کان وڏو ڌاڙيل سڪندر مقدوني، دنيا کي ڦريندو لٽيندو سنڌو درياهه وٺي هيٺ لٿو ته سنڌو سڀيتا جي هر شئي ساڻس جهيڙو ڪيو، موسمن، مڇرن، جانورن ۽ انسانن کيس ماءُ جو کير ياد ڏياريو ... سڪندر مقدوني راجا پورس سان ويڙهه کانپوءِ جڏهن درياهه سنڌ وٺـي اچي دادو سيوهڻ مان گذريو ته ان علائقي جي سمي سردار سامبس کيس للڪاريو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي سنڌ تان پنهنجو گهر ٻار گهور ڪري ڇڏيو ....
چون ٿا ته، عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته راجا ڏاهر ساڻس مهاڏو اٽڪايو ۽ جوانمرديءَ سان وڙهندي پاڻ سميت سمورو ڪٽنب قربان ڪري ڇڏيو.
چونٿا ته، جڏهن علاوالدين خلجي سنڌ تي حملو ڪيو ته دودي سومري پنهنجي پوري خاندان سميت پاڻ نثار ڪري ڇڏيو. ۽ ڄام ابڙي سومرن جي سامن جي حفاظت ڪندي پنهنجو سڀ ڪجهه نڇاور ڪري ڇڏيو.
چونٿا ته، سمن جي سپهه سالار دريا خان قنڌار کان حملو ڪندڙ ارغونن سان جنگ جوٽي شهادت جو درجو حاصل ڪيو ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏنو.
چونٿا ته چاوڙن ڪڇ ۽ گجرات کي سنڌ جي خوشحاليءَ سان منسوب ڪيو ۽ سنڌ مٿان ايندڙ هر مشڪل ۾ سمن ۽ ابڙن سردارن جي مدد ڪندي پنهنجا ڪيترائي ڪونڌر نثار ڪيا .
چونٿا ته نادر شاه ايرانيءَ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته سردار ابراهيم خان ابڙي ساڻس بهادريءَ سان مقابلو ڪندي سنڌ تان پنهنجو پاڻ گهور ڪري سنڌ جو مان مٿاهون رکيو.
چونٿا ته ٽالپرن سنڌ جي حفاظت ڪندي انگريزن سان آخري دم تائين جنگ ڪندي سنڌ تان ڪيترائي ڪونڌر ڪهائي ڇڏيا ...
چونٿا ته حيدر خان ابڙي انگريزن کان لقب وٺڻ کان انڪار ڪندي انگريزن جي آڏو ڪنڌ نه نوايو.
چونٿا ته انگريزن جي خلاف ڪيترائي سنڌي سورهيه آخر تائين وڙهندا رهيا ۽ شهادتون ڏيندا رهيا جن ۾ سورهيه بادشاه، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي، شهيد الله بخش سومرو وغيره قابل ذڪر آهن.
آءُ سوچيان ٿو سنڌ جا ايترا سورهيه تاريخ جي هر دور ۾ ڄام، سمان، ابڙا، چاوڙا، سومرا ۽ شاهه پئدا ٿيندا رهيا آهن جن سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو آهي ته اڄ انهن جي اولاد کي ڇا ٿي ويو آهي جو سنڌ سوئرن جي لتاڙ ۾ آهي، سنڌ کي ڌاريا سُري جيئان کائي رهيا آهن، ماروئڙا ڏکن ۽ بکن ۾ آهن ته پوءِ انهن سورهين سمن، انڙن، ابڙن، چاوڙن، سومرن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ شاهن ڄامن جي اولاد کي ڇا ٿي ويو آهي .....؟؟؟؟؟
ڇا اهي سورهيه وري گڏجي هڪ مٺ ٿيندا ۽ سنڌ امڙ، سنڌ ڌرتيءَ جو شان ۽ مان وڌائيندا ......؟؟؟؟؟؟ اهو هڪ سوال ستائيندو رهي ٿو ۽ دعا آهي ته ڪاش ائين ٿئي ...!!!!! جو سنڌ جا مالڪ جاڳي پون
الله ائين مَ هوءِ، جو آءُ مران بند ۾، جسو زنجيرن ۾، راتون ڏينهان روءِ، پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهنڙا.
پر سائين نثار صاحب هاڻي ته هي حال آهي جو ڪي وڃي سعودي ته ڪي وڃي عراق ويٺا آهن هاڻي اسان ڪنهن پُٺيان نڪرون هتي ته باقي سڀ ائين ئي آهن (مذاق)
قومون پنهنجي ماضي کي ڏسي پنهنجي ذات ۾ نئون دم ڀرينديو آهن پوءِ اهو ماضي بي داغ هجي يا داغدار هجي ۔ اسان جو ماضي جيئن اوهان ياد ڏياريو يا تارييخي اوراق گواه آهن ۔ ان هوندي به ااسان جي هي حالت واقعي فڪر جوڳي آهي ۔
نيٺ ته اڀرندو سج ختم ٿيندي رات
چون ٿا ته جن به سنڌ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي اهي شهيد ٿي ويا۔۔۔ اڪيلائي ئي نه پر پنهنجي سموري ڪٽنب سميت ۔۔۔۔
چون ٿا ته غازي اهي بڻيا جيڪي ڌارين سان نه پر پنهنجن سان ئي وڙهيا۔۔۔
تاريخ ڪالهه به اها هئي ۽ تاريخ اڄ به اها آهي۔۔ اڄ به سنڌ لاءِ وڙهندڙ شهيد ئي ٿئي ٿو۔۔۔ سنڌ ڪالهه، ڪالهه ۽ ڪالهه کان وٺي ئي غلامي ۾ آهي۔۔۔ مڃيوسين ته آزادي قربانيون گهرندي آهي پر جيڪڏهن سنڌ آزادي طرف وڌندي ته ان لاءِ شهيدن سان گڏ غازي به گهرجن۔۔۔ ۽ غازي اسان وٽ اهي آهن جيڪي ڌارين سان نه پر پنهنجن سان ئي وڙهن۔۔۔
اسان کي شهيدن جي رتبي وانگر غازي جي رتبي کي واضح ڪرڻو پوندو۔۔۔
نثار سائين جڏهن سنڌ جا مڙئي سورهيه انگريزن سان مهاڏو اٽڪايون بيٺا هئا ، ان وقت توهان جي ليک مان ظاهر ٿو ٿئي ته هوش محمد شيدي عرف هوشو هيروئن جا سوٽا هڻي هڪ اک کولي ۽ ٻي اک ٻوٽي نعارا پئي هنيائين ته مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون ۔