آزادي جي جنگ

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    آزادي جي جنگ
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ اچڻ جي معافي اميد ته دريا دلي جو مظاهرو ڪندي دوست معاف ڪندا ۔
    اڄ مون گهني دير تائين سوچيو ته ڪنهن موضوع تي لکان موضوع ته ذهن تي ڪئي ها پر سائين سنڌ سلامت تي پڙهندي وڃي سائين نثار ابڙي صاحب جي هڪ موضوع تي نظر پئي جنهن ۾ سنڌ جي سردارن جي ڪارنامن جو ذڪر هو جنهن ۾ سائين ڪجھ سوال به اٿاريا آهن ۔
    مون هن لفظ آزادي تي سوچيندي تاريخ جي ڪئي سورمن جو تذڪرو ٻُڌو به آهي ته پڙهيو به آهي هر سورمو پنهنجي جدوجهد جي پاڻ مثال نظر پيو اچي جن آزادي جي وڙه ڪئي سي تاريخ ۾ امر ٿي هميشه جي زندگي جا مالڪ بڻجي ويٺا ۽ اهو انهن جو انعام پڻ آهي ۔ اسان ته ڪئي سالڪن کان پڻ اهو ٻڌو آهي ته هن آزادي جي ويڙه ۾ هر شخص جان هارائيندڙ بنان ڪنهن رنگ و نسل و مذهب جي ابدي زندگي ماڻي آهي ۔ ان جو ثبوت اهو آهي ته تاريخ هر ڀلي ڪردار کي پنهنجي لاءِ رهبر طور رکيو آهي ۔ تاريخ ۾ مجودگي ان جي زندگي جو ثبوت آهي ۔ اتي اهو سوال به ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ته بُرن کي پنهنجي دامن ۾ تاحيات زندگي جو تحفو ڏنو آهي ته سالڪن جو چوڻ اهو آهي زندگي اها آهي جنهن ۾ عزت هجي ۔ موت اها جنهن ۾ ذلت هجي ۔زندگي اها آهي جنهن ۾ عزت هجي عزت جي زندگي آهي ته ان جو ضد ان جي موت آهي ۔
    هون به قرآن ۾ زنده لاشن جو ذڪر پڻ موجود آهي ۔ انهن کي جانورن سان تشبه پڻ ڏني وئي آهي ۔ مون هڪ دوست جي شادي ڏٺي جتي ڪئي ريتون ۽ رسمون ڏٺيو جنهن پنهنجي شادي ۾ نه مذهب نه فڪر نه فقه جو خيال رکيو پر هر رسم اها چاهي ڪنهن به مذهب جي هجي يا نه هجي پر ان اڳيان سر تسليمِ خم ڪندي جي ڪو ڪنهن عليحده مذهب جو تصور ٿو ڪري ماثال جي اسان وٽ هندن جون رسمون آهن اسان وٽ شيعه سُني و هر فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهون ۾ ساڳيون نظر ٿيون اچن ته اسان ان کي ڪنهن عليحده مذهب سان ڪئين جوڙي ٿا سگهون ،۔
    پر جي ان مثال کي اڃان آسان ڪجي ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان معاشري ۾ ڪئي مذهب نالي طور سڃاتا وڃن ٿا ۔ وري هر مذهب ۾ جدا جُدا فڪرن جو تذڪرو پڻ آهي ۔ پر هر مذهب جي ماڻهون ۾ ساڳي حُبِ دنيا جي بيماري آهي ، دوکيباززي لالچ عياري و مڪاري حَوسِ دنيا ڪوڙ حسد ساڙ وغيره جهڙيون اوگڻيون موجود آهن ته اهي اهڙا فعل آهن جن کي ڪنهن به مذهب پسند ناهي ڪيو ۔ جي ڪنهن به مذهب انهن فعلن کي پسند ناهي ڪيو ته اهو ماڻڻهون جيڪو مذهب جي نالي تان پاڻ کي قربان پڻ ڪرڻ لاءِ تيار آهي هي ڇا اهي مثال جي ائين چئجي ته مسجد جي اڳيان ناچ گانو ڪندڙ يا مندر اڳيان برايون ڪندڙ انهن پنهنجي پنهنجي عبادتن اڳيا هر بُرائي ڪندڙ مسجد اڳيان دوڪاندار ملاوٽ ڪري ٿو مندر توڙي ڪُليسا اڳيان هو ماڻهن جون دل آزاريون به ڪري ٿو پر انهن جي بيحرمتي تي مارڻ ۽ مارڻ جي حد تائين پهچي ٿو ۽ اها حالت هر مذهب جي ماڻهون جي آهي ۔
    هي هڪ عليحده موضوع آهي مذهب پرستي يا مذهب جي تعبيداري ان تي ڪنهن ٻي ساعت لکبو ۔ ته مون عرض ٿي ڪيو انهن سڀني ماڻهن جي حالتِ زار جي برابر آهي ته پوءِ سالڪن جواهو چوڻ پڻ آهي ته انهن سڀني جو مذهب به هڪڙو ئي آهي ۔ پر ان جي برعڪس هر مذهب توڙي معاشري ۾ ڀلائي ڪندڙ اوهان توڙي اسان کي ملندا هڪڙا بُرائي کي بُرائي سمجهن ٿا تن مان ڪي ان خلاف ڳالهائين ٿا ته ڪي وري ان خلاف اُٿن ٿا جي ظلم و بربريت جو مقابلو ڪندي پنهنجي جان تان گُذري وڃن ٿا اهڙا ماڻهو هر قوم و نسل ۾ ملن ٿا هر جاءِ تي اهڙن ڪردارن کي سراهيو وڃي ٿو ۔ تاريخ اهڙن ڪردار ن کي زنده رکيو آهي بنان ڪنهن قوم، نسل و مذهب جي امتياز جي ۔
    ائين ڇو آهي اهو سوال هل طلب پڻ آهي ۔ آخر هڪ ئي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهون هڪڙا اهي جي ظلم کي سهن ٿا هڪڙا آهي جي ظلم ڪن ٿا هڪڙا اهي جي ظلم خلاف پنهنجي زندگي تان گُذري ٿا وڃن ۔ آخرا نهن جي سوچ توڙي اندر جي آواز ۾ فرق ضرور آهي ظلم ته هر جاءِ تي موجود آهي ۔ ڇا اسان چئي سگهون ٿا ته اسلام اسان کي ظلم سهڻ جي ترغيب ڏني آهي يا غلط کي غلط چوڻ کان روڪيو هر مسلمان جيڪو ڏينهن ۾ پنجن توڙي ٽي ڀيرا آذانن ۾ هر وقت اهو ٻڌي ٿو الله اڪبر يعني الله ئي سڀ کان وڏو آهي اهو ڪنهن بئي اڳيان حق ڳالهائڻ يا حق جي پرچار ڪرڻ کان ڇو ٿو ڊڄي ۔ پر هڪ ماڻهون جيڪو ڪنهن مذهب سان تعلق نه ٿو رکي هو ظلم کي ظلم ٿو چوي ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي ، رشوت نه ٿو کائي ڌوڪي فريب کان اجتناب ٿو ڪري ظالم اڳيان بيهي ٿو رهي هن جي وجود ۾ ڪهڙو عنصر آهي جيڪو هر بُرائي کان ان کي روڪي به ٿو هر ظلم اڳيان هن کي آني بيهاري به ٿو ۔
    ته سائين سالڪن جو چوڻ آهي ته آزادي جي جنگ سو ئي وڙهي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي ضمير جي عدالت اڳيان جهڪي ٿو جيڪو پنهنجي ضمير جي حڪمراني بنان ڪنهن جي حُڪمراني جو قائل ناهي ۔ جيڪو مري ته سگهي ٿو ليڪن بيضميري جنهن کي بيغيرتي بي حيائي ظلالت بُرائي چئجي نه ٿو ڪري سگهي ۔ جيڪو ظلم جي زندگي ۾ موت ڏسي ٿو سو ڪڏهن به مرڻ نه ٿو چاهي ۔ جڏهن هو ظلم خلاف اٿي ٿو ته هو ظاهري جسم وڃائي باطني جسم جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو اتي جهڙو جسم آهي اتي اهڙي خوراڪ ان جي منتظر آهي ۔ جنهن جو شايد اسان کي علم ناهي ۔
    جيڪو پنهنجي من جي آزادي جو قائل آهي سوئي تن جي آزادي لاءِ وڙهي سگهي ٿو پر جيڪو من جي آواز کي دٻائي پنهنجي ظاهري وجود جي لاء ِحريس آهي جنهن پنهنجي تن جي لاءِ عزت غيرت حياءِ شرم لڃ سڀ وڄايو سو ڪالھ مري ويو ۔ اهو هن معاشري ۾ زنده لاش جيان جيئي ٿو ۽ لاشن مٿان حُڪمراني ڪندڙ پاڻ کي بادشاه چوندڙ احمقن جي دنيا جا تاجدار آهن ۔
    مون کي اڄ به ڀڳوان داس جو اهو جملو سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي ته واقعي جي هو سچ ٿو چوي ته موت کان پوءِ ان جو مقام دوزخ ۾ هوندو يا جنت ۾ ته آءُ ھر فيصلو پنهنجي ضمير جي حڪم سان ڪندو آهيان ۔
    جب گناه ڪرني سي روڪ دي تجهڪو تيرا ضمير
    بس سمجھ لو ڪه يهي امامِ وقت ڪي آواز هي ۔
    وسلام
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    معاف ڪجو اوهانجي ليک ۾ ڪجهه درستگيون ۽ ڪجهه عبارتن کي ڌار ڌار ڪيم، اوهان مهربان ڪري لکڻ وقت ڪجهه عبارتن کي الڳ الڳ رکندا ته ليک ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ آسان لڳندو، نه ته ڊگهي عبارت ائين لڳندي آهي جئين لفظن جي ڳنڍ ٻڌي وئي هجي ۔۔ انڪري ننڍڙيون ننڍڙيون ڳنڍيون ٺاهيندا ته کڻڻ ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔ مطلب پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ماڻهون ساهي پٽي سگهندو ۔۔۔ لک ٿورا ڳالهه سمجهڻ جا ۔۔۔

    رهيو موضوع ته احساسن ۽ سٺين سمجهاڻين سا ڀرپور آهي ۔۔۔ لک ٿورا وري موٽ کائڻ جا ۽ ڪچهرين ڪرڻ جا ۔۔۔

    سوچ جو مقام آهي ۔۔۔ عبارت سون جو ٽڪڙو آهي۔ سمجهو ڪي سمجهن۔​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    وري اچڻ تي واڌايون۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل جي موضوع کي جيسيتائين غور سان نه پڙهجي تيستائين سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
    بيشڪ دل آزاد ته دنيا آزاد
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ئين نثار صاحب ۽ سائين عرس صاحب اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    سائين نثار صاحب اوهان موضوع کي خوبصورت بڻايو اوهان جا احسان ۔
    سائين عرس صاحب اوهان غور سان پڙهيو اوهان جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  5. جي ايم جتوئي

    جي ايم جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين ڳالهيون چڱيون لکيل آهن پر ان ڪالم سان ملندڙ مواد گهٽ آهي
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    سائين اوهانجو مطلب اسان جي سمٍجھ ۾ نه آيو۔
    جي مهرباني ڪري تفصيل سان لکو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي ۔
    وسلام
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ڏاڏل شينو اسلام عليڪم۔ سائين توهان هڪ موضوع جي اندر مختلف موضوعن کي شامل ڪري هڪ جامع مضمون لکي اسان جي رهنمائي ڪئي آهي۔ ڇاڪاڻ ته مختلف موضوع ان ۾ شامل هئا انهي ڪري ڪٿي ڪٿي مرڪزي موضوع کي سمجهڻ ۾ ٿوري مشڪلات پيش پئي آئي۔ پر ٿوري وڌيڪ توجه ڏيڻ سان انهن موضوعن ۾ سمايل اوهانجي فلسفيء زندگي جي پروڙ پئجي ويئي۔ ادا نثار ابڙو جن جون به مهربانيون جن اوهان جي تحرير ۾ ايڊيٽنگ موضوع جي حساب سان ڪري اسان لاء ليک جي مرڪزي موضوع کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڇڏي۔توهانجون مهربانيون۔هميشه فورم تي پنهنجي موجودگي جو احساس پنهنجي معلوماتي ليکن بشموليت هن ليک جي ذريعي ڪرائيندا ڪيو۔
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي


    سائين مهربان ميمڻ صاحب اوهان جون مهربانيون جو اوهان اسانجي موضوع کي راءِ جي قابل سمجهيو۔
    وسلام
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏاڏل سائين اوهان جو سهڻو ليک، قابل ساراهه

    سچ ته مٿيون سٽون ته سمجهڻ وارن لاء سڀ ڪجهه آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو