ڇا هن تعليمي نظام تحت سنڌ ترقي ڪندي ...؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    ٻڌو آهي ته جنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته ان قوم جي تعليمي ۽ سماجي سرشتي کي ختم ڪري ڇڏيو ته اها قوم ائين ختم ٿي ويندي آهي جيئن سمنڊ تي پئدا ٿيل جهڳ ...

    ڌاريا ته ڌاريا پر مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.

    اسانجي حڪومتي ادارن، حڪمرانن، پيرن ميرن ۽ وڏيرن جي عياشيءَ ۾ سنڌ جي حصي جو مليل پئسو خرچ ٿئي ٿو، بلڪ ڪجهه ته هن سال اهو پئسو موٽايو ويو ۽ ڪيترائي اَنَ جا گدام سڙي ويا، ڪيترو امدادي سامان حقدارن تائين نه پهچڻ سبب ڪتن ٻلن ۽ گڏهن مٽي خراب ڪري ڇڏيو .....

    ان کان وڏي ڏک جي ڳالهه ته سنڌي سموري قوم ايتري ته جهالت ۾ ورتل آهي جو انهن جي اکين جي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿئي پيو پر پوءِ به سندن غيرت جي ديوي مئل، حريت جي ديوي ناپيد ۽ ضمير مئل ماڻهن کي ڪجهه نظر ئي نٿو اچي ...

    انهن حالتن کي بدلائڻ به ڪو ڏکيو ڪونهي، صرف ٻڌي ۽ ايڪي سان اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪري پنهنجا همدرد ۽ ايماندار ماڻهون چونڊيا وڃن جي قوم لاءِ يا ان علائقي لاءِ ڪجهه ڪري سگهن.

    صرف عقل استعمال ڪرڻو آهي ... پر اهو عقل ۽ اسانجي قوم ....؟؟؟؟؟؟؟ افسوس صد افسوس .... پورو يقين آهي ته هن دفعي به ڪيترائي ظالم وري چونڊجي ايندا ۽ اهي ئي اسان جا حڪمران هوندا ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ... ڪا تبديلي ڪون ايندي...

    مهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو ....
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي علم ۽ تحقيق جي بلندين تي پهچن ٿيون۔ اسان جو تعليمي نظام تباهي ڪناري آهي۔ اسان جا ادارا، اسان جا ماڻهو، اسان جو نظام ڪرپٽ ٿي چڪو آهي۔ هتي هرڪو پنهنجي ذاتي مفادن جي جنگ پيو لڙي، هتي ڪوبه عوامي مسئلن ڏانهن توجهه نه ٿو ڏئي۔ نه صرف اهو پر چند ماڻهو جيڪي چڱي ڪم ۾ رڌل آهن سي به ماڻهن جي اڍنگي رويي سبب دل شڪسته ٿي پاسو ڪري ويهي رهن ٿا۔

    اسان پاڻ پنهنجي تباهي ۽ بربادي جا ذميوار آهيون۔ جسيتائين اسان چڱن ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ انهن جي حوصلا افزائي نه ڪنداسين يقين ڄاڻو سڀڪو ماٺ ڪري ويهي رهندو۔

    اچو ته چڱن ماڻهن جي ساٿ ۾ شامل ٿي انهن جا هٿ مظبوط ڪيون ۽ هن نظام جي تبديلي جي شروعات ڪيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اهو گڏهه وارو فوٽو پاڻ واري گڏهه وزير تعليم کي ڏيکارجي نه ۔۔۔ پر ان تي ڪهڙو فرق پوي ٿو هو ء هن جا پٽ ته دادو ۾ رشوت لاء دوڪان کوليون ويٺا آهن۔۔۔۔۔۔ ٻڌو آهي ته دادو جو اي، ڊي،او جيڪو17 گريڊ جو آهي پئسا ڀري سيٽ تي آيو آهي ان کي تعليم جي ڪهڙي پرواهه ڀلي سڀ اونده ٿي وڃي۔

    پير صاحب ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جو وزٽ به نه ڪيو آهي بد قسمتيء سان مان به ان جو ووٽر آهيان پر هن کي مون ووٽ ڪون ڏنو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ جي تعليم جو حال ته اڳي ئي خراب آهي پر هن حڪومت ان تي ڪو به توجهه نه ڏنو آهي ۔۔۔۔۔۔ اهڙيون ئي قومون تباهه ٿيندو آهن جنهن جي تعليم جو حال اسان جي تعليم جهڙو هوندو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته ان قوم جي تعليمي ۽ سماجي سرشتي کي ختم ڪري ڇڏيو ته اها قوم ائين ختم ٿي ويندي آهي جهڳ ...
    اها هڪ حقيقت آهي
    ڌاريا ته ڌاريا پر مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.
    ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جوپرنسيپال جساف جو هردل عزيز ۽ سنڌي ٻولي جو سنڌي قوم جو ڪٽر دشمن مهاجر محمد شريف جنهن اللاعلان چيو هو ۽ ڪيو به هو ته ” مين سندهيون سي وه بدله لون گا جو صديون تڪ چلي گا“ هن ڪاپي جي ڇُوٽ ڏني ۽لاڙڪاڻي جي مهاجرن ڇورن مٿان انتها جي سختي رکيائين هن سان گڏ ان ڏوهه ۾ ارشاد قريشي انگريزي جو ليڪچرار به شامل هو ۽ ان وقت جي جساف جي باڊي هنن کي ساه کان وڌيڪ پيارو رکندي هئي ۔ اڄ به ڏسو 1975 کان 1984 تائين ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جا دوست انهن منزلن تي نه پهچي سگهيا آهن جن تي پهچڻ گهربو هو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها يار اسانجي تعليمي نظام کي اڌ ته اسان پاڻ تباھ ڪيو آ باقي ڪجھ غير جي سازشين جي ڪري اسانجو تعليمي نظام مڪمل طور تباھ ٿيو آهي۔ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لا هاڻي اسانکي پنهنجو پاڻ پتوڙڻو پوندو اسانکي پاڻ ئي محنت ڪرڻي پوندي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    :eek:
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ابا عرس پاڻ ڄاڻ ۔۔۔ رشيد جي اها ڳاڙهاڻ توکي ئي سمجهه ۾ ايندي ۔۔۔۔ ههههههههه
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين نثارابڙو شل نه ڪا غلطي ٿئي ته اه ڳاڙهاڻ منهنجي لاء اچي ويندي آهي منهنجي هٿ ۾ اها ڳاڙهاڻ آئي ته سڀ ڪسرون ڪڍندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ ادا سائين اسان ۽ اوهان ته پنهنجي زندگي جا اهئي خوبصورت پڙهائي وارا ڏينهن گذاري چڪا آهيون مگر اسانجا۔اوهانجا ۽ ٻين جا جيڪا ننڊڙا ڀائر۔اولاد ۽ ٻيا رشتيدار جيڪي اڃا تائين تعليم حاصل ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهن سچ ته وڏي مشڪلن ۾ آهن۔ اسان ته انهن سرڪاري اسڪولن جنهن کي پيلو اسڪول (رنگ جي ڪري چيئو ويندو هو) ۾ پڙهي الله سائين جي مهربانين سان سٺين جڳهن تي پهچي وياسين،مگر نئون نسل جيڪو ان پيلن اسڪولن ۾ پڙهي پيو،جٿي هاڻي نه اهئي پراڻا محنتي ۔تعليم جي مقصد سان وفادر،ٽيوشن کان نفرت ڪندڙ استاد موجود آهن، نه ئي وري اسڪول ۾ اهو چٽاء ڀيٽي وارو ماحول آهي۔ اسان کي اڄ تائين ياد آهي ته بابا سائين جي نوڪري جي زماني ۾ اسان لاڙڪاڻي شهر( جنهن شهر جي تعريف سائين رياضت ٻرڙو ۽ محترم رضوان جمالي تازو هڪ ليک ۾ تمام خوبصورت الفاظن ۾ ڪئي آهي ،جيڪا اسان جي اڳڻ جي سربراه اعلئ سائين ذيشان رشيد کي به تمام گهڻي پسند آئي آهي) جي گورنمنٽ اسڪول ۾ ميٽرڪ جا شاگرد هئڻ جي حثيت ۾ هڪ روڊ ايڪسڊينٽ جي ڪري ڪجه وقت اسڪول کان غير حاضر رهياسين ۽ جڏهن واپس آيا سين ته بابا سائينجن ڪلاس ٽيڄر کان اسان کي ٽيوشن ڏيڻ لاء راء ورتي، ته سائين محترم ۔هنن جو نالو اسان کي ياد نه آهي ، پر قريشي ذات جا هئا،ناراض ٿئي پيا ۽ بابا سائين کي جواب ڏنو ته توهان پنهنجو پٽ کي ٽيوشون جوسهارو ڇو ٿا ڏيو۔هن کي جنهن شي ۾ مونجهارو ٿيندو اسان ڪلاس ۾ ٻڌائينداسين۔اهئي ماستر صاحبان جيڪي ٽيوشن کي ناپسند ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به پنهنجو پيرڊ وٺڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا۔هاڻي انهن پيلن اسڪولن ۾ ڪاٿي آهن۔ادا عرس جي مطابق هاڻي ته ماستر صاحبان به پيسئن جي زور تي نوڪري وٺڻ تي مجبور آهن۔ جيڪو استاد پيسئا ڏئي نوڪري وٺندو،اهو تعليم ڏيڻ ۾ ڪيترو نيڪ خواهان هوندو؟ ان جواندازو ته اوهان لڳائي سگهو ٿا۔اهئي استاد ته شاگردن کي ٽيوشن وٺڻ تي مجبور ڪندو تاڪي جيڪي پيسئا رشوت ۾ ڏنا آٿن ،ان جو ازالو ڪري سگهن ، اسان ۽ اوهان کي اهڙن اسڪولن جنهن ۾ تعليم نه ٿئي ڏني وڃي يا ٻارن جي پاران اسڪول جي ڪمرن ۾ گڏه رهن ٿا ،جڏهن ته ٻار کليل آسمان جي هيٺان تعليم وٺڻ تي مجبور آهن جي صاحب اقتدار کي نشاهندي ڪري الله پاڪ کان مدد گهرجي ته ٿئي سگهي ته ڪجه ازالو ٿئي وڃي،باَقي هاڻي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي ڪري انهن اسڪولن ۾ تعليم صحيحي نه ڏيڻ تي ڪو اثر نه ٿيندو۔توهانجي هن ليک کي سڀني ميمبرس جيڪا فعال يا غير فعال آهن کي پڙهي انهن اسڪولن جي باري ۾ نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۔جيڪڏهن صاحب اقتدار ان ۾ ڪنهن قسم جي مدد نه ڪري ته هڪ پني تي درخواست ان ڊسٽرڪٽ جي سيشنس جج صاحب جي عدالت ۾ پوسٽ يا حاضر ٿئي ڪري ڏجئي،سيشنس جج صاحب جيڪو ڊسٽرڪٽ ۾ چيرمين ۽ ڊائريڪٽرهيومين رائٽس به آهي۔ان درخواست تي متعلق اداري کي گهرائي اسڪول جي حالت بهتر بنائڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو۔ ٻين جي خرابين تي نظر وجهڻ سان گڏ اهو اسان جو قومي فريضو آهي ته ان جي ازلي جي ڪوشش به ڪيون۔ جيڪو اسان جو ڪم آهي اهو ته اسان کي ڪرڻ گهرجي باقي رزلٽ جي لاء الله پاڪ جي رحمت ڏانهن متوجه ٿئجي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو