نثارابڙو
نائب منتظم

ٻڌو آهي ته جنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته ان قوم جي تعليمي ۽ سماجي سرشتي کي ختم ڪري ڇڏيو ته اها قوم ائين ختم ٿي ويندي آهي جيئن سمنڊ تي پئدا ٿيل جهڳ ...
ڌاريا ته ڌاريا پر مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.
اسانجي حڪومتي ادارن، حڪمرانن، پيرن ميرن ۽ وڏيرن جي عياشيءَ ۾ سنڌ جي حصي جو مليل پئسو خرچ ٿئي ٿو، بلڪ ڪجهه ته هن سال اهو پئسو موٽايو ويو ۽ ڪيترائي اَنَ جا گدام سڙي ويا، ڪيترو امدادي سامان حقدارن تائين نه پهچڻ سبب ڪتن ٻلن ۽ گڏهن مٽي خراب ڪري ڇڏيو .....
ان کان وڏي ڏک جي ڳالهه ته سنڌي سموري قوم ايتري ته جهالت ۾ ورتل آهي جو انهن جي اکين جي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿئي پيو پر پوءِ به سندن غيرت جي ديوي مئل، حريت جي ديوي ناپيد ۽ ضمير مئل ماڻهن کي ڪجهه نظر ئي نٿو اچي ...
انهن حالتن کي بدلائڻ به ڪو ڏکيو ڪونهي، صرف ٻڌي ۽ ايڪي سان اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪري پنهنجا همدرد ۽ ايماندار ماڻهون چونڊيا وڃن جي قوم لاءِ يا ان علائقي لاءِ ڪجهه ڪري سگهن.
صرف عقل استعمال ڪرڻو آهي ... پر اهو عقل ۽ اسانجي قوم ....؟؟؟؟؟؟؟ افسوس صد افسوس .... پورو يقين آهي ته هن دفعي به ڪيترائي ظالم وري چونڊجي ايندا ۽ اهي ئي اسان جا حڪمران هوندا ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ... ڪا تبديلي ڪون ايندي...
مهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو ....