هڪ ظالم بادشاه چيو هو ته؛ ”مونکي ڀئو ٿيندو آهي ان غلام کان جيڪو اکين ۾ لالاڻ آڻي آزاديءَ طرف بغاوت ڪندو آهي ۽ اکين سان اکيون ملائيندو آهي ... ۽ ظلم ڪندي مزو ايندو آهي ان غلام تي جيڪو پنهنجي آزاديءَ لاءِ هٿ ٻڌي، گوڏن ڀر ڪري گڙگڙائيندو ۽ منٿون ڪندو آهي ...“ دين اسلام جي مطابق وطن پرست ۽ حب الوطن ۾ فرق آهي، وطن پرستي شرڪ مڃيو ويندو آهي ۽ حب الوطني ايمان جو حصو مڃيو وڃي ٿو. ظلم خلاف ويڙهه کي جهاد چئجي ٿو. دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ پنهنجي وطن سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي، آزادي، خودمختياري ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙن عبادت به آهي ته رب جي رضا به ... جيڪي ماڻهون حب الوطنيءَ کان خالي هجن ٿا اهي ماڻهون اصل ۾ ڏوهاري ۽ ظالم هجن ٿا. جيڪو ماڻهون پنهنجي وطن ۽ انجي وطني ماڻهن جي ڀلي لاءِ بنا تفريق پاڻ نٿو پتوڙي، اهو حقوق العباد جي فرض نڀائڻ کان عاري آهي ۽ جيڪو حقوق العباد پورا نٿو ڪري سگهي اهو ماڻهون هر مذهب ۾ لعنتي ۽ جهنمي آهي
واجهائي وطن کي آءُ جي هت مياس ته غور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس ڏج ڏاڏاڻي ڏيھ منجهان ولڙن واس ميائي جياس وڃي مڙھ ملير ڏي وطن جي حب واقعي ايمان جو حصو آهي وطن جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو حق هر ڪنهنکي آهي۔