نثارابڙو
نائب منتظم

هڪ ظالم بادشاه چيو هو ته؛ ”مونکي ڀئو ٿيندو آهي ان غلام کان جيڪو اکين ۾ لالاڻ آڻي آزاديءَ طرف بغاوت ڪندو آهي ۽ اکين سان اکيون ملائيندو آهي ...
۽ ظلم ڪندي مزو ايندو آهي ان غلام تي جيڪو پنهنجي آزاديءَ لاءِ هٿ ٻڌي، گوڏن ڀر ڪري گڙگڙائيندو ۽ منٿون ڪندو آهي ...“
دين اسلام جي مطابق وطن پرست ۽ حب الوطن ۾ فرق آهي، وطن پرستي شرڪ مڃيو ويندو آهي ۽ حب الوطني ايمان جو حصو مڃيو وڃي ٿو.
ظلم خلاف ويڙهه کي جهاد چئجي ٿو.
دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ پنهنجي وطن سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي، آزادي، خودمختياري ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙن عبادت به آهي ته رب جي رضا به ...
جيڪي ماڻهون حب الوطنيءَ کان خالي هجن ٿا اهي ماڻهون اصل ۾ ڏوهاري ۽ ظالم هجن ٿا.
جيڪو ماڻهون پنهنجي وطن ۽ انجي وطني ماڻهن جي ڀلي لاءِ بنا تفريق پاڻ نٿو پتوڙي، اهو حقوق العباد جي فرض نڀائڻ کان عاري آهي ۽ جيڪو حقوق العباد پورا نٿو ڪري سگهي اهو ماڻهون هر مذهب ۾ لعنتي ۽ جهنمي آهي