هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙي ۽ هئڊ به ملي ٿي (الطاف شيخ)

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ”ڀلا آمريڪا (USA) پهچڻ تي ڪهڙي شهر ۾ آيائو.“ مون پڇيومانس. ”آئون پهرين ورجينا رياست ۾ آيس، جتي اسان جي ڀرواري ”پير جي ڳوٺ“ جو رهواسي ڪليم خلجي رهيو ٿي. ڪليم خلجي ان وقت واشنگٽن ۾ اسان جي پاڪستان ايمبسيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هن مون کي مهينو کن پاڻ وٽ رهايو ۽ ڏاڍي خدمت ڪئي، جيستائين مون کي جاب مليو.“
    آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر واشنگٽن (ڊي سي) جتي آمريڪا جي صدر جي آفيس پينٽاگون ۽ دنيا جي ملڪن جا سفارتخانا آهن ۽ ڀرواري رياست ورجينا ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جو شهر راولپنڊي. ڪيترا ماڻهو جيڪي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪن ٿا، اهي درياهه جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ ئي رهن، جتي راولپنڊي وانگر اسلام آباد کان وڌيڪ سستائي آهي.
    ڪليم خلجي اڄ ڪلهه وري پاڪستاني ايمبسي ۾ آهي. هو ان وقت پهريون مدو ختم ڪري پاڪستان هليو ويو هو، جتي سال ٻه رهي، هاڻ وري هتي آيو آهي. اسان جي ايمبسي جي سفير جنرل ڪرامت جهانگير سان ملاقات بعد آئون سندس آفيس ۾ به ڪجهه دير اچي ويٺو هوس. مون کيس بيحد محنتي، ڪم جو ڄاڻو ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارو آفيسر محسوس ڪيو. سندس تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنداسين. اتفاق اهڙو جو عاشق لاکي سان نه فقط آمريڪا ۾ ملاقات ٿي، پر ٽي چار مهينا آمريڪا ۾ رهي وطن موٽي رهيو هوس، ته اسان جو نه فقط هوائي جهاز ساڳيو هو، پر سيٽون به ڀر ۾ هيون ۽ نه فقط جهاز ۾ پر دبئيءَ جي هوائي اڏي تي اٺ ڪلاڪ ترسڻ دوران پڻ خبرون ڪندا رهياسين.
    ”ڀلا ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن وڃو؟“ مون عاشق کان پڇيو.
    ”هر سال وڃان ڪڏهن ته ڇهين مهيني به.“ عاشق وراڻيو.
    ”شاباس هجناوَ! ايترو سگهو سگهو!! چئبو ته جيڪو ڪمائيندا هوندائو، ان مان هر سال لک ٻه هوائي جهاز جي ٽڪيٽن ۾ خرچ ٿي ويندو هوندانوَ؟“ مون پڇيو.
    ”ڇا ڪجي. ان کان علاوه هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا مائٽن کي فون ٿو ڪريان، پوءِ به اسان جي ڳوٺ ۾ مون کي چوندا آهن ته ڪهڙو ته ڪٺور دل آهين، جو ايڏو ڏور هليو ويو آهين. هن ڀيري ته اڃان چار مهينا به نه ٿيا آهن، ته وري ڳوٺ پيو وڃان.“
    ”خيرَ مان؟“
    ”گرين ڪارڊ ته مون کي هتي اچڻ سان مليو هو. اڳئين دفعي ڳوٺان ٿي آيو هوس ته مون کي هتي جو (USA) جو پاسپورٽ به مليو، جنهن جي ملڻ سان منهنجي زال ۽ ٻارن آمريڪا جي ويزا ۽ گرين ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مهيني کن بعد کين انٽرويو لاءِ اسلام آباد گهرايو ويو ۽ هاڻ مون کي اطلاع مليو ته هنن جا ڪاغذ پٽ ٺهي ويا آهن ۽ کين پاڻ وٽ آمريڪا گهرائي سگهان ٿو.“
    ”مبارڪون هجنئي. منهنجي خيال ۾ توهان پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ جا پهريان آمريڪن سٽيزن ٿيائو؟“
    ”جي ها، پر گرين ڪارڊ ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ آهي.“ عاشق لاکي ٻڌايو.
    ”ڀلا هتي آمريڪا ۾ توهان جا ويجها دوست ڪير آهن؟“ مون عاشق کان پڇيو.
    ”هتي آمريڪا ۾ اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ پريالوءِ، پيرجوڳوٺ ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن جا ڪيترائي رهن ٿا. نيويارڪ ۾ نذير احمد مخدوم آهي، ورجينا ۾ عرفان جماڻي آهي، واشنگٽن ۾ اڄڪلهه وري ڪليم خلجي آيو آهي، ان کان علاوه حسنين شيخ آهي، پي آءِ اي ۾ حبيب الله آهي، جنهن جو ڀاءُ بلال وري لاس اينجلس ۾ آهي. پيرجوڳوٺ جو حبيب مغل پڻ هتي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ آهي.“
    مون سان پنهنجن ئي ويڌن ڪئي
    عاشق لاکو سان جڏهن پهريون دفعو جمعي نماز تي ملاقات ٿي هئي ته هن ملڻ سان مون کي چيو هو ته هو مون کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهم ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهي، ته هن سان آمريڪا ۾ ڪيڏو ظلم ٿيو آهي. ان وقت ڪجهه ٻيا سنڌ جا دوست به اچي مليا، خاص ڪري شڪارپور جو اعجاز ابڙو جنهن سان گڏ پروگرام موجب بالٽيمور جي ڀرواري ڳوٺEast Rolling Cross وڃڻو هو، جنهن تڪڙ پئي ڪئي. تنهن هوندي به عاشق کي پاسي تي وٺي چيم ته خير ته آهي، هتي جي حڪومت توکي گهرائي هاڻ ويزا يا پاسپورٽ نٿي ڏئي ڇا؟
    ”نه. اها ڳالهه ناهي.“
    ”هتي جي ڪارن سان تنهنجو جهيڙو ٿي پيو آهي؟“ مون پڇيومانس جو ويجهڙائيءَ ۾ اهڙيون به ڪيتريون ڳالهيون ٻڌي چڪو هوس، ته اسان جي وطن جا نوان آيل، جيڪي هتي جي بلئڪ ڪميونٽي جي غريب علائقن ۾ رهن ٿا، انهن طرفان رکي رکي تشدد جو شڪار ٿيندا رهن ٿا، جو هو غربت، بيروزگاريءَ ۽ نشي پتي ڪري ننڍا وڏا ڏوهه ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري ڦر ۽ چوريءَ جا.
    ”نه. اها به ڳالهه ناهي. مون سان ته پنهنجن ئي ٺڳيون ڪيون آهن.“ عاشق ٻڌايو.
    ”چڱو مون کي پنهنجو نمبر ڏئي ڇڏ، ڪڏهن نويڪلي ملاقات ٿي ته خبرون ڪنداسين.“ مون کانئس نمبر وٺندي چيو، جو بالٽيمور ۾ اعجاز ابڙو وٽ منهنجا آخري ٻه ڏينهن هئا. ان بعد مون کي جارجيا ۽ الباما رياستن ڏي، ڏکڻ وڃڻو هو، جتي جي بندرگاهن ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جهاز وٺي ايندا هئاسين ۽ انهن بندرگاهن بابت احوال منهنجي شروع جي سفرنامن ۾ لکيل آهي.
    هاڻ اسين ساڳي هوائي جهاز ۾ نيويارڪ کان دبئي سفر ڪري رهيا هئاسين ۽ ٻئي واندا ويٺا هئاسين. ڪجهه دير عاشق به پنهنجي اڳيان لڳل ٽي ويءَ جا ٻه چار چئنل گهمائي ڏٺا ۽ پوءِ ڪجهه دير تسبيح پڙهي کيسي مان چيغم ڪڍيا، جيڪي دوا جي گورين وانگر هڪ پتري تي ٻن قطارن ۾ جملي ڏهه هئا. هڪ کي دٻائي ئي پاسي کان ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ هاڻ باقي پترو کيسي ۾ واپس رکڻ وارو هو ته هڪ مون به گهريومانس.
    ”ڀلا هڪڙو مون کي به ڏي ته آئون به ويهي تو وانگر چٻاڙيان، ته ڪجهه ته وقت پاس ٿئي.“
    ”نه هي تنهنجي لاءِ نه آهن.“ عاشق يڪدم چيو، جنهن مان مون کي ڪجهه چرچو لڳو، پر جڏهن ڏٺم ته مون کي هڪ به ڏيڻ بدران واپس کيسي ۾ رکي ڇڏيائين ته تعجب لڳم.
    ”ڇو سائين خير ۾؟ شگر جو مريض ته آئون نه آهيان، جو مون کي ٽِڪي چاڪليٽ نه کائڻ کپي.“ مون چيومانس.
    ”نه. ڳالهه هيءَ آهي ته هي چيغم دوا جا آهن، هنن ۾ ڪجهه نڪوٽين پيل آهي. مون سگريٽ پيئڻ بند ڪيا آهن، سو ڊاڪٽر ڪجهه ڏينهن لاءِ هي چٻاڙڻ لاءِ ڏنا آهن، جيئن سگريٽ بند ڪرڻ جي تبديليءَ جو جسم تي اوچتو اثر نه پوي.“
    ”ڏينهن ۾ ڪيتري سموڪنگ ڪندا هئائو؟“ مون پڇيومانس.
    ”شروع ۾ ته سموڪنگ ورلي ڪا ڪندو هوس، پر پوءِ پريشانين ڪري وڌي ويئي ۽ اهڙو عادي ٿي ويس جو هر وقت سگريٽ جي ٻاڙ لڳڻ لڳي.“ عاشق ٻڌايو ۽ ان ئي وقت سندس پهرين ملاقات وري ڳالهه ياد آئي، جيڪا هن مون کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ هي وقت اهڙو هو جو هو سڪون سان ٻڌائي سگهيو ٿي ۽ آئون به سڪون سان ٻڌي سگهيس ٿي.
    ”عاشق! تو پهرين ڏينهن ٻڌايو هو ته توسان هتي ڪنهن دوکيبازي ڪئي ۽ اهو ڪو ڌارئين ملڪ جو نه پر پنهنجو ئي هو.“
    ”بس سائين ولايت ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي ڀروسو نه ڪجي. مون گذريل ٽن چئن سالن ۾ حق حلال جو ۽ هٿن جي پورهئي سان ڏاڍو پئسو ڪمايو، پر مون کي پنهنجائي جن تي مون ڀروسو ڪيو ڦري ويا.“
    عاشق جي ڳالهه مون لاءِ نئين نه هئي. منهنجي اڳيان ڪيترائي اهڙا مثال هئا، جن ۾ پرديس ۾ ڪيترن کي پنهنجي هم زبان، هم مذهب يا ڳوٺ وارن پهرين همدردي ڪري پوءِ سندن ترا ڪڍيا. ڪجهه سال اڳ هڪ اسان جو دوست، پنهنجي وڏي عهدي واري سرڪاري نوڪري ڇڏي، گهر ۽ زمينون وڪڻي، ڪئناڊا وڃي Settle ٿيو، ته هاڻ اتي بزنس ٿو ڪريان. کيس سندس ڪاليج جي ئي هڪ سينئر گشا پتا ڏئي، اهڙي بزنس ۾ لڳايو، جتي هن جو سمورو پئسو پنهنجي ڪاليجي ساٿيءَ ڏي هليو ويو. نوڪري به ويئي ته گهر به ويو ۽ زمينون به. اهو به شڪر جو هن وٽ آمريڪا جي پيٽروليم جهڙي سبجيڪٽ ۾ اعليٰ ڊگري هئي ۽ عمر ۾ به اڃا ننڍو هو، هڪ عرب ملڪ ۾ نوڪري ملي ويس. هاڻ سندس ٻار به اتي پڙهي رهيا آهن ۽ گهر وٺڻ لاءِ نئين سنئينءَ بچت ڪري رهيو آهي.
    منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ جنهن سڄي عمر ابوڌابيءَ ۾ نوڪري ڪئي ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي آمريڪا ۾ هڪ پنهنجي ئي مائٽ سان گڏ بزنس شروع ڪيو، پر چند مهينن ۾ هن کي خبر پئجي وئي ته سندس مائٽ هن سان فراڊ ڪري، پنهنجو ۽ هن جو پئسو ڪڍي، آمريڪا مان ئي ڀڄي ويو آهي. اسان واري ڪلاس ميٽ هن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جيسين هو همراهه امريڪا موٽي اچي ۽ هن تي ڪيس هلي، تيسين هن جا مهانگا وڪيل پنهنجي اڌ في اوڳاڙي چڪا آهن.
    ساڳيو ڪاسائڪو ڪم ڪندس
    عاشق لاکي جي ٽريجڊي به اهڙن ڪيسن کان مختلف ناهي. هر پرديسي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي چاهي ٿو ته هن کي جلد از جلد ڪٿي ڪو پورهيو ملي وڃي، جيئن ٻين تي بار ٿيڻ بدران هو پنهنجو ڪمائي کائي. ورلي ڪي خوش نصيب هوندا، جن کي پنهنجي تعليم ۽ ڊگرين جي آڌار تي ۽ انهن مطابق آمريڪا ۾ نوڪريون مليون هونديون، نه ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به پهرين اسٽورن ۽ دڪانن تي مزوري ڪن يا هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن تي بئراگيري يا سيلزمين ٿي ڪم ڪن. بهرحال ڪم ڪرڻ واري ۾ همٿ ۽ محنت جو جذبو هجي، باقي جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي حق هلال جي ڪمائي لاءِ ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪرڻ ڪا بي عزتي ناهي ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ هڪ مزور به چڱو خاصو ڪمائي ٿو. بلڪ ڪيترن وائيٽ ڪالر جابس (آفيسرن) کان وڌيڪ هڪ مزور ڪمائي ٿو. عاشق ٻڌايو ته هن کي ورجينا رياست ۾ (جتي هو پنهنجي ڳوٺ جي دوست ڪليم خلجي وٽ رهيل هو) هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان (سلاٽر هائوس) تي ڪم ملي ويو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    آمريڪا جي سٺي معلومات ۔۔۔ ڪيتري حد تائين ٻاهرين دنيا ۾ رهڻ جو تجربو آهي، انڪري اسانجي نفسياتي حالت “ پرديسي“ هوندي آهي ۔۔۔

    لک قرب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,824
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙي ۽ هئڊ به ملي ٿي


    يار ٽاپڪ سان تحرر جو ڪو واسطو نظر نه آيو۔ لڳي ٿو عرس صاحب جيڪو اقتباس کنيو آهي اهو اڃان اڻپورو آهي۔ بهرحال اها حقيقت آهي ته هاڻ پاڪستان مان به ڪافي يورپين ملڪن سميت آمريڪا ۾ به اهڙيون شيون ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳيون آهن۔ جنهن جو اندازو اسان وٽ پي سي ايس آءِ آر ۾ ٽيسٽ ٿيندڙ مصالحن مان ٿيو۔ پاڪستاني به بين ايشين جيان آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڌڻ لڳا آهن ۽ اهي سڀ تيز مصالحن جا شوقين آهن۔ انڊيا به مصالحا ايڪصپورٽ ڪندو هو۔ پر اتي جي ڪجهه فيڪٽرين مصالحن ۾ رنگ تيز ڪرڻ لاءِ پلاسٽڪ ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ (جيڪو انسان لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ ڪئنسر جو باعث بڻجي سگهي ٿو) مصالحن ۾ وجهڻ شروع ڪيو۔ اني ديکا ديکي ۾ پاڪستاني ڀائرن به اهو ڪم شروع ڪيو۔ تان جو انهن ملڪن اهڙن مصالحن تي پابندي هنئي جن ۾ هزارين ڪلو جي ڪنٽينر ۾ هڪ ملي گرام به انهي رنگ جو هجي۔ پاڪستان ۾ اها ٽيشت صرف پي سي ايس آءِ آر ۾ ٿئي ٿي جتي به رڳو ايڪسپورٽ ٿيندڙ مصالحا ئي ٽيسٽ ڪرايا وڃن ٿا جيڪا امپورٽر جي ڊمانڊ آهي۔ اسان وٽ لوڪل مارڪيٽ ۾ انهن ئي وڏن نالن واري ڪمپنين جا مصالحا وڪجن پيا جن ۾ اهو زهريلو رنگ موجود آهي۔ فل هال هن ليبارٽري کي اها اٿارٽي ناهي جو انهي شئي لاءِ ڪو قدم کڻي سگهي۔ ر معاملو آهي غور طلب۔
    باقي آمريڪا ۾ اهريون جيڪي به شيون ملن ٿيون انهن جي گارنٽي آهي۔ ڀلي کڻي اُهي پاڪستان يا انڊيا مان ويون هُجن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    يار ٽاپڪ سان تحرر جو ڪو واسطو نظر نه آيو۔ لڳي ٿو عرس صاحب جيڪو اقتباس کنيو آهي اهو اڃان اڻپورو آهي۔

    ها ادا الطاف شيخ جو هي سفرنامو جاري آهي مون کان اهو اکڻ رهجي ويو هيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هل ته سهي اڃان سفر جاري آهي ۔۔۔ مون سمجهو پورو ٿيو ۔۔۔ختمشد ۔۔۔۔

    خئير اڃان هوندو ته به پڙهبو جو الطاف شيخ جا سفرنامه پڙهندي گهڻي معلومات ملندي آهي ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,654
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا عرس پريو لڳي ٿو توهان اڃا تائين سنڌ سلامت فارميٽنگ سسٽم کي نه سمجهيو آهي ۽ نه وري اهو موضوع پڙهيو۔۔۔ هن دفعي توهان موضوع جي فارميٽنگ درست ڪري ڇڏي آهي اميد ته آئنده توهان پان ئي فارميٽنگ کي درست طريقي سان موڪليندا۔۔۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,708
    ورتل پسنديدگيون:
    3,918
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙي ۽ هئڊ به ملي ٿي ڇا اڳي ڪو نه ملندي هئي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    الطاف شيخ جو ڪالم آهي هو سياح آهي ان کان پڇو جي توهان اتي رهيا آهي ته توهان کي به خبر هوندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,487
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا عرس 1 جولائي کان پو ڪجھ به نه آندو اٿو، اوهان مٿي لکيو آهي ته جاري آهي، ته ادا ڪٿي جاري آهي، ڪو ڏس پتو ته ڏيو!
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,824
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا طاهر صاحب
    عرس پريو اهڙا ڪم نه ڪري ته ٻيو ڪير ڪندو؟ سدائين اڌورا ڪم ۽ بي خبري ۾ رهڻ!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو